تڪرار جو نبيرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڪرار جو نبيرو يا ڪانفلڪٽ سيٽلمينٽ (Conflict Settlement) يا ڪنهن به تڪرار جي پُڄاڻي يا نبيري کي هن اصطلاح سان واضح ڪيو ويندو آهي. تڪرار جو نبيرو ڪنهن هڪ ڌُر طرفان ٻيءَ کي شڪست ڏيڻ، مڃائڻ ۽ گوڏا کوڙائڻ ذريعي به ٿي سگهي ٿو ته تڪراري ڌُر جي سياسي يا فوجي قيادت جو خاتمو ڪرڻ ذريعي به ٿيڻ جوڳو آهي. ڇاڪاڻ ته هٽايل جاءِ تي آيل تڪراري ڌُر جي نئين سياسي يا فوجي قيادت نين پاليسين تحت تڪرار بدران امن ذريعي رهڻ چاهيندي. ان کان سواءِ ٽياڪڙيءَ ۽ فيصلي ذريعي به تڪرار جو خاتمو ڪيو ويندو آهي، ته ڏي وٺ (Barganining) سان به ائين ٿي سگهي ٿو. 1989ع ۾ بين الاقوامي لاڳاپن جي ماهرن I. William Zartman ۽ فشر (1980ع) ۾ هن اصطلاح جون پنهنجي تحريرن ۾ کوڙ وضاحتون ڪيون آهن.[1]

حوالا[سنواريو]