تڏ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تڏ : Crickets :گريلس ڪيمپيسٽرس:


تڏ
Temporal range: Triassic–Recent
<div style="position:absolute; height:100%; left:0px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; padding-left:5px; text-align:right; background-color:rgb(254,214,123); background-image: -moz-linear-gradient(right, rgba(255,255,255,1), rgba(254,217,106,1) 15%, rgba(254,217,106,1)); background-image: -o-linear-gradient(right, rgba(255,255,255,1), rgba(254,217,106,1) 15%, rgba(254,217,106,1)); background-image: -webkit-linear-gradient(right, rgba(255,255,255,1), rgba(254,217,106,1) 15%, rgba(254,217,106,1)); background-image: linear-gradient(to left, rgba(255,255,255,1), rgba(254,217,106,1) 15%, rgba(254,217,106,1));">PreЄ
<div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ڪ <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">او <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">س <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ڊ <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ڪو <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">پ <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ٽ <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ج <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ڪي <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">پي جي <div style="position:absolute; height:100%; text-align:center; background-color:; left:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px; width:اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.px;">ن
اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.

اظھاري چُڪَ: غير متوقع < عامل.

ھڪ جوان تڏ جنھن کي گريلس ڪيمپيسٽرس چوندا آهن.
سائنسي درجا بندي
Subfamilies

See Taxonomy section

هم معنيٰ
  • Gryllides Laicharting, 1781
  • Paragryllidae Desutter-Grandcolas, 1987



تڏ : Crickets :گريلس ڪيمپيسٽرس:جو تعلق گرلڊاء يا گرلڊي Gryllidae ڪٽنب سان تعلق رکندڙ جيت جو نالو آهي جيڪو ٻوڙن واري تڏ يا ٽٽيگنائيڊاء (Tettigoniidae) جو مائٽ آھي ۽ بيبي گھوڙي(grasshopper) جو پري جو مائٽ آھي.گرلڊاء ڪٽنب جي جيتن جا جسم سلينڊر وانگر گولائي ۾ ھوندا آھن, کين گول مٿا جن ۾ اينٽينائون ھونديون آھن ۽ ان جي پٺيءَ تي پليٽ وانگر ھڪ لسو ۽ نمايان ڍڪ ھوندو آھي جنھن کي پرونوٽم (pronotum) چوندا آهن. گرلڊاء جو پيٽ جتي ختم ٿيندو آھي اتي ٻہ ميخون (cerci) ھونديون اٿس. مادي جيتن کي پيٽ جي آخري ڇيڙي تي آويپوزيٽر (ovipositor) ھوندو آھي جيڪو پڇ وانگر ھوندو آھي ۽ آنا لاھڻ استعمال ٿيندو اٿس. انھن جي پٺين ٽنگن جون رانون (femora) وڏيون ھونديون آھن جيڪي ان کي ٽپ ڏيڻ ۾ طاقت ڏينديون آهن ۽ آھي جھليدار (membranous) جيڪي ساڪن رھڻ وقت چٻيو ھونديون آھن . انھن جا پر سخت ء چمڙيءَ نما ڍڪ (elytra) ھوندا آھن.گرلڊاء خاندان ۾ تڏين جا ڪجهه اھڙا قسم بہ آھن جيڪي جسم جي انھن حصن کي ھڪٻئي سان مھٽي چر چر جو آواز (chirping) ڪڍنديون آهن. انھن جو ڊگھي ۾ ڊگھو قسم ڍڳي تڏ (bull cricket) جنھن کي بائيولاجي ۾ برانڪي ٽروپز (Brachytrupes) چوندا آھن ان تڏ جي ڊيگھ 5 cm (2 in) آھي. ڌرتيءَ تي تڏن جي گرلڊاء يا گرلڊي خاندان ۾ 900 قسم ملي چڪا آهن انھن مان سندن سڀ کان گھڻو تعداد ڌرتي جي ٽراپيڪل پٽي ۾ ملي ٿو. انھن جون رھڻ جون جايون ٻيلن، وڻن ٻوٽن، چراگاهن، سمنڊ ڪنارن ۽ غارن ۾ ھونديون آھن. تڏ رات جو جيت آھي ۽ پنھنجي تکي آواز جي ڪري مشھور آھي. اھو آواز نر مادين کي متاثر ڪرڻ لاء پنھنجي جسم ۾ حرڪت آڻي ڪڍندا آهن.مرزا قليچ بيگ پنھنجي ڪتاب ۾ تڏ جو ذڪر ڪندي لکي ٿو تہ: "وڏي تِڏ موچاري ننڍي مڪڙ جيڏي ٿيندي آهي. اُها وڻ جي پاڙ ۾ زمين منجهه ٽنگ ڪري رهندي آهي، رات جو ٻاهر نڪري آواز ڪندي آهي ۽ سلا زيان ڪندي آهي؛ انهيءَ کي مارڻ جو رستو اهو آهي ته سندس ٽُنگ سهي ڪري منجهس پاڻي وجهبو ته نڪري ايندي. پوءِ وٺي ماري ڇڏجيس".[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو

ذمرو:جيت ذمرو: گرلڊاء ذمرو: گرلڊي

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

Wikispecies has information related to:

سانچو:آرٿوپيٽرا


ذمرو:تڏيون ذمرو:اينسيفيرا ذمرو:جيتن جي پالنا