توليدي نظام
ڏيک
هڪ جاندار جو توليدي نظام، جنھن کي جنسي نظام بہ چيو ويندو آهي، اهو حياتياتي نظام آهي جيڪو جنسي توليد ۾ شامل سڀني ايناٽاميائي عضون تي مشتمل آهي. ڪيترائي غير حياتياتي مادا جھڙوڪ رطوبتون، هارمونز، ۽ فيروومونز بہ توليدي نظام جا اهم حصا آهن. ھي نظام ٻين عضوي نظامن جي ڀيٽ ۾، مختلف جنسن ۾ اڪثر گهڻو تبديل ھوندو آھي. اهي فرق ٻن فردن جي وچ ۾ جينياتي مواد جي ميلاپ کي ممڪن بڻائن ٿا، جيڪي اولاد جي وڌيڪ جينياتي صحت جي امڪان کي وڌائن ٿا.