تهذيبن جو ٽڪراءُ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تهذيبن جو ٽڪراءُ يا ڪليش آف سِوليزيشنس (Clash of Civilizations) جي حوالي سان 1993ع ۾ آمريڪا جي سياسي مُفڪر ۽ پرڏيهي پاليسيءَ جي صلاحڪار، سيموئيل هنٽنگٽن (Samuel P.Huntington) جو مضمون جڳ مشهور رسالي فارين افيئرز (Foreign Affairs) ۾ ڇپيو ، جنهن ۾ اوڀر ۽ اولهه جي تهذيبن جي وچ ۾ اختلافي اُهڃاڻن کي کولي سامهون آندو ويو. هي نظريو سڀ کان منفرد ڳالهه اِها ٻڌائي ٿو ته ايندڙ وقتن ۾ دُنيا جون قومون مذهبي، ثقافتي ۽ قومي سُڃاڻپ جي بنيادن تي وڙهنديون. ان ڏس ۾ هنٽنگٽن، تهذيبن جي ٽڪراءُ (Clash of Civilizations) جي مضمون ۾ هڪ هنڌ لکي ٿو: ”منهنجو خيال آهي ته ايندڙ وقتن ۾ قومن سياسي نظرين جا بُنياد ويڙهه يا جنگيون ڪرڻ جي مَتي تي رکنديون . اُهي هڪٻئي سان چٽا-ڀيٽي، معاشيات جي بنيادن تي نه بلڪي پنهنجي تهذيب کي مڃرائڻ يا ان جي حفاظت لاءِ وڙهنديون.“ هنٽنگٽن طرفان هيءُ اُڊڪو اوڀر ۽ اولهه جي ثقافتن جي هڪٻئي کان بلڪل مختلف هجڻ واري خيال هيٺ ڏيکاريو ويو آهي. ليکڪ طرفان اسلام جي بنيادي اصولن کي دنيا جي معاشي سرگرمين (مثال طور: آزاد منڊيون) جي لاءِ وڏو خطرو هجڻ جي علامت طور پيش ڪيو آهي. هنٽنگٽن جي نظر ۾ مسلمانن جو سڄي دنيا ۾ پکڙجڻ، اهڙي تهذيبي ٽڪراءَ جي اڳواٽ آگاهي آهي. ليکڪ جي اهڙن خدشن تي دُنيا ۾ تمام گهڻي ٽيڪاٽپڻي ٿي آهي. محققن جو رايو آهي ته هنٽنگٽن اسلام جي بنيادي اصولن کي سمجهڻ کان سواءِ ئي اهي ناڪاري اُڊڪا ظاهر ڪيا آهن. سندن چوڻ موجب دُنيا جي مُختلف قومن جو هڪ هنڌ هجڻ ۽ مُختلف ثقافتن سان اُن کي سينگارڻ وارو عمل (Mult-lateralism) دنيا لاءِ جهيڙي جي سبب طور نه بلڪي دُنيا آڏو مسئلن جي حل طور ڏٺو وڃي. هنٽنگٽن جي نقادن طرفان اُٿاريل انهن اعتراضن کي رد ڪندي، هنٽنگٽن جي اولهه ۾ هڪ وڏو گروهه اسلام جي پکڙجڻ کي ”تهذيبن جي ٽڪراءَ“ جو بنيادي ڪارڻ سمجهي ٿو.[1]

حوالا[سنواريو]