تنقيدي نظريو- جديديت پُڄاڻا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

تنقيدي نظريو - جديديت پُڄاڻا يا ڪرٽيڪل ٿيئري/ پوسٽ ماڊرنزم (Critical Theory - Postmodernism) مان مراد هي آهي ته هر دؤر ۾ وقت، حالتن ۽ فڪر جي حساب سان نوان نظريا پيش ٿيندا رهن ٿا. هر نئون نظريو، جيڪڏهن اڳ موجود نظريي کي رد ڪري ٿو يا ڇنڊي ڇاڻي ٿو ته ان جي به هڪ اهميت هجي ٿي. ان حوالي سان بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ’جديديت پُڄاڻا‘ (Postmodernism) واري نظريي کي وڏي اهميت حاصل آهي. جنهن مطابق ڪو به هاڻوڪو يا جديد تجربو يا مشاهدو ڪنهن ٻئي تازي يا نئين تجربي/ مشاهدي سان تبديل ڪيو وڃي، وڌايو وڃي يا وري رد يا ختم ڪيو وڃي، ته ان نئين نظريي کي جديديت پُڄاڻا (Postmodernism) طور سڃاتو وڃي ٿو.

هن نظريي جي حوالي سان ئي ڪُجهه ماهرن جو خيال آهي ته بين الاقوامي لاڳاپن کي سياست، ثقافت، سماجيات، ادب، نفسيات ۾ سرگرمين ۽ تبديلين کان الڳ نه ٿو ڪري سگهجي. اهڙيءَ صورتحال ۾ هر دؤر ۾ مُختلف شعبن ۾ تبديل ٿيندڙ نظرين جو بين الاقوامي لاڳاپن تي ۽ بين الاقوامي لاڳاپن جو انهن شعبن تي اثر انداز ٿيڻ اڻ ٽر آهي. توڻي جو بين الاقوامي لاڳاپن تي Critical Theory يا Postmodernism جو اثر ته تمام گهڻو پراڻو آهي. پر جڏهن جرمنيءَ جي سماجي سائنسدان ‘جُورجين هيبرمئس’ Jurgen Habermas زمان ۽ مڪان جي لاڳاپي مطابق دُنيا ۾ موجود نظرين جي اهميت جي ڇنڊ ڇاڻ ڪندي اهو تت ڪڍيو ، ته هر علم جو تعلق تاريخ ۽ سياست سان جڙيل آهي . تڏهن کان (اٽڪل 1980ع جي ڏهاڪي جي مُنڍ کان ) بين الاقوامي تعلقات جو Critical Theory جي اصولن تحت تمام وڏي پئماني تي تجزيو ۽ مطالعو (Analytical Study) ڪيو وڃي ٿو. ويهين صدي عيسويءَ جي اهم سياسي واقعن، جهڙوڪ جرمنيءَ ۾ نازي پارٽيءَ جو اڀرڻ ۽ ختم ٿيڻ، سوويت يونين ۾ اسٽالن جو عروج، ڪارل مارڪس جي نظريي جو عروج ۽ زوال، جرمنيءَ جي جدليات پسند ڏاهن، ڪانٽ ۽ هيگل جا نظريا ۽ انهن کان پوءِ واري دور ۾ فريڊرڪ نٽشي جا خيال ۽ پوسٽ ماڊرنزم جهڙن نظرين جي اڳڀرائيءَ ۽ اُن بابت بحثن کان سواءِ فلسفي، سماجيات ۽ ثقافت وغيره جي علمن بابت نوان خيال دُنيا ۾ اچڻ جي ڪري، اهي موضوع لاڳاپيل شعبن سان گڏوگڏ بين الاقوامي لاڳاپن جي حوالي سان به تمام گهڻي اهميت رکن ٿا. هونئن Critical Theory ۽ Postmodernism الڳ الڳ طريقي سان اثر انداز ٿيندا آهن، پر بين الاقوامي لاڳاپن ۾ ٻنهي جو ڪارج، ڪارل مارڪس جي جڳ مشهور ويچار : ”فلسفي جو بنيادي مقصد دنيا جي تشريح ڪرڻ نه پر دنيا کي تبديل ڪرڻ آهي.“ تحت هجي ٿو. Critical Theory ۽ Postmodernism جي ويچارن ۾ وڏي ۾ وڏو فرق اهو آهي ته CT تحت سوچيندڙ عالم سندس آڏو موجود نظريي جو مڪمل تجزيو ڪري انهيءَ جا نوان رخ ڳولي ٿو ۽ ان منجهان ملندڙ نتيجن جي ڇنڊڇاڻ ڪري ٿو. جڏهن ته Postmodernism اڳ موجود نظريي کي مڪمل طور ختم ڪري نئون نظريو رائج ڪرڻ جو حامي هوندو آهي . CT جي حامين جي اها سوچ آهي ته اڄ تائين جيڪي به نظريا ڏنا ويا آهن، انهن جا ڪيترائي پاسا آهن، جن کي ٻيهر ڳولي ۽ لاڳو ڪري سگهجي ٿو . Postmodernists جو خيال آهي ته ڪو به نظريو زمان ۽ مڪان جي دائري ۾ اهميت رکي ٿو . جڏهن وقت ۽ حالتون ساڳيا نه ٿا رهن ته نظريي جي اهميت به ساڳي نه ٿي رهي. بهرحال اڃا تائين پوريءَ طرح سان اهو اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ته Critical Theorist ۽ Postmodernist فڪر جي دُنيا ۾ تُزُ انداز ۾ ڪيئن ۽ ڪهڙو ڪردار ادا ڪن ٿا؟ پر انهن اصطلاحن جي اچڻ سان بين الاقوامي لاڳاپن جي علم کي ڏاڍي اهميت ۽ وسعت ملي آهي. انهيءَ ڏس ۾ سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه اها آهي ته بين الاقوامي لاڳاپن ۾ اڳ جيڪي خيال يا نظريا رڳو اڀياس جي حد تائين محدود هُئا، اهي Critical Theory ۽ Postmodernism جي مدد سان عملي ميدان ۾ آندا ويا آهن، جنهن جي ڪري بين الاقوامي معاملن ۾ نيون اڳڀرايون ٿيون آهن. [1]

حوالا[سنواريو]