تندو خانم

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تندو خانم

هوءَ حُسين بن اويس جي ڌيءُ هئي، جو ترڪمان سردارن مان هڪڙو هو. هوءَ ڏاڍي حسين، بهادر ۽ قابل عورت هئي. پنهنجي چاچي، احمد بن اويس سان گڏ مصر ۾ آئي. اتي مصر جي چرڪس بادشاهن مان مَلڪ طاهر انهيءَ سان نڪاح ڪيو، پر پوءِ هن کي طلاق ڏيئي ڇڏيائين، تنهن کان پوءِ، هن پنهنجي سؤٽ ”شاهه وله“ سان شادي ڪئي ۽ موٽي بغداد ۾ آئي اتي هن جو چاچو احمد مري ويو ۽ ”شاهه وله“ تخت ٿي ويٺو، پر”تندو“ مڙس کي ماري، پاڻ بادشاهي وٺي ويٺي. محمد شاهه پٽ قرا يوسف مٿس ڪاهي آيو، ۽ هڪڙو سال برابر بغداد کي گهيرو ڪري ويهي رهيو. ”تندو“ اهڙي چالاڪي ڪئي، جو لِڪي دجله نديءَ جي رستي نڪري، وڃي ”تستر“ جو قبضو ورتائين. اتي جي ماڻهن کيس سندس مڙس جي پوٽي محمود سان گڏ، حڪمرانيءَ جي مسند تي کڻي ويهاريو، پر تندو محمود کي به ماري، سنه 819ھ ۾، پاڻ اڪيلي خودمختيار حڪمران ٿي. بصري ۾ عربن سان جنگ ڪيائين، وچ وارا ٻيٽ هٿ ڪيائين. نيٺ، سنه 822ھ (1419ع) ۾ وفات ڪري ويئي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: تحفتہ النسوان؛ از: مرزا قليچ بيگ؛پھريون ايڊيشن 1958، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/Personalties/Book2/Book_page13.html.  Missing or empty |title= (مدد)}