تلڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تلڪ:

ھندو ماڻهو ”تلڪ“ ڏيندا آهن. سنڌو وغيره ۾ سنهڙي ڪاٺي، ڪک يا تيلي ٻوڙي، نرڙ سان لڳائبي، ته تر جيڏو نشان ٿي پوندو. ”تلڪ“ اصل انهيءَ کي چوندا هئا ۽ اکري معنيٰ اٿس ”ننڍڙو تر“، (تل + ڪ، اسم تصغير – Diminutive جي نشاني). وڏا تلڪ ڏيڻ، هڪ ٻن بلڪ ٽن ليڪن (تر پنڊ) ڪڍڻ جو رواج پوءِ پيو. مطلب ته آڳاٽن ماڻهن جو جيترو ڌيان ترن ڇڪيو، تيترو ٻيءَ ڪنهن به جنس ڪونه ڇڪيو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5.  Missing or empty |title= (مدد)}