مواد ڏانھن هلو

تلڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان


نيپال جي هڪ عورت، جنهن جي نرڙ تي تلڪ لڳل آهي.

هندومت ۾ تلڪ (Tilak)، جنهن کي عام ڳالهه ٻولهه ۾ ٽيڪو پڻ چيو ويندو آهي، هڪ اهڙو نشان آهي، جيڪو گهڻو ڪري نرڙ تي آجنا چڪر (ٽين اک يا روحاني اک) واري هنڌ لڳايو ويندو آهي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڳچيءَ، هٿ، ڇاتي يا ٻانهن تي پڻ لڳايو ويندو آهي.[1]ھندو ماڻهو ”تلڪ“ ڏيندا آهن. سنڌو وغيره ۾ سنهڙي ڪاٺي، ڪک يا تيلي ٻوڙي، نرڙ سان لڳائبي، ته تر جيڏو نشان ٿي پوندو. ”تلڪ“ اصل انهيءَ کي چوندا هئا ۽ اکري معنيٰ اٿس ”ننڍڙو تر“، (تل + ڪ، اسم تصغير – جي نشاني). وڏا تلڪ ڏيڻ، هڪ ٻن بلڪ ٽن ليڪن (تر پنڊ) ڪڍڻ جو رواج پوءِ پيو. مطلب ته آڳاٽن ماڻهن جو جيترو ڌيان ترن ڇڪيو، تيترو ٻيءَ ڪنهن به جنس ڪونه ڇڪيو.[2]

علائقائي روايتن موجب، تلڪ روزاني سينگار، مذهبي سڃاڻپ، زندگيءَ جي اهم رسمن يا ٻين روحاني ۽ مذهبي موقعن تي لڳايو ويندو آهي.[3][4] ڪنهن معزز مهمان جي آجيان ۽ عزت افزائي لاءِ پڻ تلڪ لڳائڻ جي رسم رائج آهي.[5] تلڪ جا ڪيترائي نمونا ۽ شڪلون ملن ٿيون، ۽ اهي مختلف شين سان ٺاهيا ويندا آهن، جهڙوڪ مقدس رک، چندن جو ليپ، هَلدِي، مٽي، ڪوئلو يا سرنجي (ڳاڙهو سيسو).[6][7][8]

قسم ۽ معنائون

[سنواريو]

هندومت جا مختلف فرقا تلڪ لاءِ مختلف شڪلون ۽ مواد استعمال ڪن ٿا.[7]

وئشنو تلڪ

[سنواريو]

روايتي طور سخت عقيدي وارا وئشنو جسم جي ٻارهن حصن تي تلڪ ۽ ٻيون مذهبي نشانيون لڳائيندا آهن، پر سڀ کان نمايان تلڪ نرڙ تي لڳايو ويندو آهي. وئشنو تلڪ، جيڪو ارڌوا پنڊر پڻ سڏيو وڃي ٿو، ٻن يا ٽن عمودي ليڪن تي مشتمل هوندو آهي، جيڪي وارن جي پاڙ کان شروع ٿي نڪ جي مٿئين حصي تائين اينديون آهن، ۽ وچ ۾ هڪ ڊگهي U نما ليڪ سان ملنديون آهن. ارڌوا پنڊر جي شڪل هندستان جي مختلف وئشنو فرقن ۾ مختلف هوندي آهي، ۽ اهو چندن جي ليپ يا ٻين مواد سان ٺاهيو ويندو آهي.[4][8]

برطانوي هندستان ۾ مختلف فرقن جا تلڪ، جيڪي اوڻيهين صديءَ جي عالم رسل بيان ڪيا.

ڊاڪٽر وجي پرڪاش شرما موجب ارڌوا پنڊر جا مشهور نمونا هي آهن:[9]

  • وجي شري – وچ ۾ اڇي ليڪ سان اڇو ارڌوا پنڊر؛[10]
  • بيندي تلڪ – وچ ۾ گول اڇي نشان سان اڇو ارڌوا پنڊر؛[11]
  • چتورڀوجي تلڪ – مٿيون حصو 90 درجا موڙيل، وچ ۾ شري کان سواءِ اڇو ارڌوا پنڊر.

ان کان سواءِ ولڀ سمپردايه تلڪ، شري تلڪ، سوامنارائڻ تلڪ، نمبارڪ تلڪ ۽ مادھوا تلڪ سميت ڪيترائي ٻيا نمونا پڻ موجود آهن.[12]

واسديو اپنيشد، جيڪو وئشنو روايت جو هڪ متن آهي، موجب ارڌوا پنڊر جون ٽي عمودي ليڪون ڪيترين ٽه-رخي حقيقتن جي ياد ڏياريون آهن، جهڙوڪ برهما، وشنو ۽ شو؛ رگ ويد، يجرويد ۽ سام ويد؛ ٽي جهان؛ اوم جا ٽي آواز (ا، او، م)؛ شعور جون ٽي حالتون؛ مايا، برهمن ۽ آتما؛ ۽ انسان جا ٽي جسم: ستھول، سوڪشم ۽ ڪارڻ.[13][14]

نپال جو هڪ سادهو، جنهن نرڙ تي تلڪ لڳايو آهي.

شوَ تلڪ

[سنواريو]

ترپنڊر، جنهن کي رُدر تلڪ پڻ چيو وڃي ٿو، تلڪ جو ٻيو اهم نمونو آهي، جيڪو گهڻو ڪري شو جي پوئلڳن طرفان لڳايو ويندو آهي.[17] اهو نرڙ تي ٽن افقي ليڪن تي مشتمل هوندو آهي، جن جي وچ ۾ هڪ عمودي ليڪ يا گول نشان هوندو آهي. روايتي طور هي نشان وڀوتي، يعني يگيه جي مقدس رک، سان ٺاهيو ويندو آهي. وڀوتي جو استعمال دنياوي لاڳاپن کان بي رغبتي ۽ سنسار کان ويراڳ جو نشان سمجهيو ويندو آهي.[18]

هي نمونو ارڌوا پنڊر کان وڌيڪ قديم سمجهيو وڃي ٿو، ۽ دنيا جي ٻين قديم مذهبي نشانين سان پڻ ان جون ڪيتريون ئي مشابهتون ملن ٿيون.[4]

هندومت جا ٻيا فرقا

[سنواريو]

شاڪت، جيڪي ديوي جي مختلف روپن جي پوڄا ڪن ٿا، نرڙ تي ٽن افقي ليڪن يا نيم گول ليڪ جي وچ ۾ ڳاڙهو ٽٻڪو لڳائيندا آهن.[1][19]

گڻپتيه فرقي جا پوئلڳ ڳاڙهي چندن جي ليپ (rakta candana) سان تلڪ لڳائيندا آهن.[20]

ٻيون روايتون

[سنواريو]

جين پوڄا (پوجا) جي رسمن دوران جين تيرٿنڪر جي مورتيءَ جي نرڙ تي چندن جي ليپ سان تلڪ لڳائيندا آهن.[21] ساڳيو عمل پوجا جي شروعات ۾ مورتيءَ تي، ڪنهن پٿر يا وڻ کي ڪٽڻ يا ان جي اصل جاءِ تان هٽائڻ کان اڳ، يا نئين ملڪيت جي شروعاتي رسم جي موقعي تي پڻ ڪيو ويندو آهي.[5][22]

بندي سان لاڳاپو

[سنواريو]

جيتوڻيڪ بندي ۽ تلڪ هڪ ٻئي سان لاڳاپيل آهن، پر ٻنهي ۾ ڪجهه نمايان فرق موجود آهن. بندي عام طور هندستاني مذهبن سان لاڳاپيل عورتن طرفان نرڙ تي لڳايو ويندڙ سينگار وارو نشان آهي، جڏهن ته تلڪ مرد ۽ عورت ٻئي لڳائي سگهن ٿا. روايتي طور شادي شده عورتون ڳاڙهي يا مرون رنگ جي بندي لڳائينديون آهن، جيڪا نيڪ بختي ۽ سهاڳ جي علامت سمجهي ويندي آهي. اڄڪلهه بنديون مختلف رنگن ۽ شڪلين ۾ موجود آهن، جيئن اهي مختلف لباسن سان هم آهنگ ٿي سگهن.[23][24]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1 2 Mittal, Sushil; Thursby, Gene (2006-04-18). Religions of South Asia: An Introduction (انگريزي ۾). Routledge. ص. 73. ISBN 978-1-134-59322-4.
  2. {ڪتاب: قديم سنڌ ؛ از: ڀيرومل مهرچند آڏواڻي ؛ چوٿون ايڊيشن 2004، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page16.html#_ftnref5. {{cite web}}: Missing or empty |title= (مدد)}
  3. Kanti Ghosh, Sumit (2023-05-18). "Body, Dress, and Symbolic Capital: Multifaceted Presentation of PUGREE in Colonial Governance of British India" (en ۾). Textile 22 (2): 334–365. doi:10.1080/14759756.2023.2208502. ISSN 1475-9756. https://www.tandfonline.com/doi/full/10.1080/14759756.2023.2208502.
  4. 1 2 3 Lochtefeld, James G. (2002). The Illustrated Encyclopedia of Hinduism: N-Z (انگريزي ۾). Rosen. ص. 709. ISBN 978-0-8239-3180-4.
  5. 1 2 Axel Michaels (2015), Homo Ritualis: Hindu Ritual and Its Significance for Ritual Theory, Oxford University Press, ISBN 978-0190262631, pp. 100–112, 327
  6. "Tilak | Hindu symbolism". Britannica (انگريزي ۾). 2023-07-04 تي حاصل ڪيل.
  7. 1 2 Makhan Jha, Anthropology of ancient Hindu kingdoms: a study in civilizational perspective, p. 126
  8. 1 2 Chatterjee, Gautam (2001). Sacred Hindu Symbols (انگريزي ۾). Abhinav Publications. ص. 59. ISBN 978-81-7017-397-7.
  9. Vijay Prakash Sharma, p. 72)
  10. Vijay Prakash Sharma, p. 72)
  11. Vijay Prakash Sharma, p. 73)
  12. Vijay Prakash Sharma, p. 75)
  13. Sunder Hattangadi (2000), Vasudeva Upanishad آرڪائيو ڪيا ويا 2016-02-08 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Sama Veda, SanskritDocuments Archives
  14. D Dennis Hudson (2008), The Body of God, Oxford University Press, ISBN 978-0195369229, pp. 90–95
  15. Deussen 1997, pp. 789–790.
  16. Klostermaier 1984, pp. 131, 371.
  17. [15][16]
  18. Narayanan, Vasudha (29 May 2018). "Tilak and Other Forehead Marks". Brill’s Encyclopedia of Hinduism Online. November 24, 2023 تي حاصل ڪيل.
  19. Commissioner, India Census (1902). Census of India, 1901 (انگريزي ۾). Printed at the Government central Press. ص. 83.
  20. Grimes, John A. (1995). Ganapati: Song of the Self. Albany: State University of New York Press. ص. 202, note 40. ISBN 0-7914-2440-5.
  21. Robert Williams (1998), Jaina Yoga: A Survey of the Mediaeval Śrāvakācāras, Motilal Banarsidass, ISBN 978-8120807754, pp. 221–222
  22. E. Washburn Hopkins (1910). "Mythological Aspects of Trees and Mountains in the Great Epic". Journal of the American Oriental Society 30 (4): 347–374. doi:10.2307/3087578.
  23. DeMello, Margo (2012-02-14). Faces around the World: A Cultural Encyclopedia of the Human Face (انگريزي ۾). ABC-CLIO. ص. 24–25. ISBN 978-1-59884-618-8.
  24. Kenny, Erin; Nichols, Elizabeth Gackstetter (2017-06-22). Beauty around the World: A Cultural Encyclopedia (انگريزي ۾). ABC-CLIO. ص. 22–23. ISBN 978-1-61069-945-7.

ڪتابيات

[سنواريو]

وڌيڪ مطالعو

[سنواريو]

ٻاهريان ڳنڍڻا

[سنواريو]

سانچو:Worship in Hinduism سانچو:Hindudharma

حوالا

[سنواريو]