تلسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تُلَسِي:(انگريزي: Tulsi) هي نفيس، خوشبودار ۽ وڻندڙ ٻوٽو آهي، جنهنڪري ماڻهو گهرن ۾ پوکيندا آهن. هڪ دفعو اڀرڻ بعد ٽن – چئن سالن تائين سائو بيٺو هوندو آهي. هندو ماڻهو ته اُن جي پوڄا ڪندا آهن. زالون صبح جو اُٿي پڻيءَ جو لوٽو ڀري هن جي پاڙ وٽ هارينديون آهن. اُن جو قد ٽي – چار فوٽ کن ٿيندو آهي ۽ چار انچ کي سنگ ٿيندو آهي، جنهن ۾ ڇڊا ڇڊا ننڍا گل ٿيندا آهن، جي خوشبودار هوندا آهن، اُن جا پن مَروئي جي پنن وانگر، پر ڪجهه لاٺيرا ۽ چهچ ساوا نه هوندا آهن، پر هلڪي سائي رنگ جا ٿيندا آهن. پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻبا آهن. ڪيترا ماڻهو تُلسيءَ جا تازا نڪتل سنگ پٽي چانهه ۾ وجهندا آهن ته خوشبودار ۽ ذائقي وارا ٿيندا آهن. پن ۽ گل ڪيترين ئي بيمارين ۾ ڪم آڻبا آهن. ڪيترا ماڻهو تُلسيءَ جا تازا نڪتل سنگ پٽي چانهه ۾ وجهندا آهن ته خوشبودار ۽ ذائقي واري ٿيندي آهي. ٻيا به گهڻيئي طبعي فائدا آهن[1].هيءَ نازبوءِ واري ذات مان آهي، يعني بيسل آهي؛ مگر هن کي پاڪ بيسل ڪري چوندا آهن، هندن وٽ هي ٻوڙو پاڪ سمجهيل آهي ۽ تنهنڪري انهيءَ کي پوڄيندا آهن. واڱڻائي رنگ جا ننڍڙا گل اٿس. ٻج مان پيدا ٿئي ٿي، جو منجهانئس گهڻو نڪري ٿو. هن جي هڪڙي قسم کي گلال تلسي چوندا آهن؛ جنهن جا پن وڏا ۽ چنهنبيارا ٿيندا آهن. ڪي ته نازبوءِ کي اهو نالو ڏيندا آهن. سچي پچي تلسيءَ کي ڪاري تلسي چوندا آهن ۽ ٻيا جيڪي قسم آهن تن کي رام تُلسي (پيلن گلن واري ۽ لال تلسيءَ کي (واڱڻائي ڳاڙهن گلن واري) ۽ ٻين نالن سان سڏيندا آهن..[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو
  2. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو