تعليم ۽ انقلاب
تعليم ۽ انقلاب
[1]Part 1
تعليم حل پيش ڪرڻ جو نالو نه آهي پر مسئلو پيش ڪرڻ جو نالو آهي
اهم ڳالهه اها نه آهي ته توهان ڇا جي حمايت ڪريو ٿا، اهم ڳالهه اها آهي ته توهان ڇا جي مخالفت ڪيو ٿا.
مارڪس ازم تضادن جي ٽڪراءَ مان اڀرندڙ ڊولپمينٽ جي سائنس آهي.
شعور زندگيءَ جو تعين نه ٿو ڪري پر اها زندگي آهي جيڪا شعور جو تعين ڪري ٿي.
تعليم ڇا آهي:
تعليم هڪ سماجي ضرورت آهي، سماجي حالت فرد تي اثر انداز ٿئي ٿي، ته شعور پيدا ٿئي ٿو، اها شعور ئي، سوچ ئي ڄاڻ آهي، تعليم آهي، سکيا آهي، جيڪا ارادي کي جنم ڏئي ٿي، ۽ ارادو عمل کي جنمي ٿو، ان ڪري تعليم سماج مان ئي اڀري ٿي، فرد يا گروهه کي ان ڳالهه تي آماده ڪري ٿي ته هو فطرت کي سمجهي، پنهنجي ڪم کي وڌ کان وڌ آسان بڻائي، اهڙي نموني تعليم ماڻهن کي جسماني، ذهني، سماجي، نفسياتي توڙي تخليقي حوالي سان ترقي وٺرائي ٿي. ۽ موٽ ۾ تعليم سماج جي معاشي، سماجي، سياسي ۽ ثقافتي زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿي. ائين سماج ۾ زنده رهڻ لاءِ انساني محنت ئي تجربي کي جنم ڏنو ۽ ان وڌندڙ تجربي بهتر کان بهتر سماج جي تعمير جي تڪميل لاءِ باقائده تعليم جي شڪل به اختيار ڪئي.
مارڪسم يا جدلياتي ماديت اسان کي شين کي سمجهڻ جو درست ۽ سائنسي طريقو سيکاريندي رهي ٿي، اها اسان کي ٻڌائي ٿي ته جامد پڻو ڪٿي به ڪونه آهي، فطرت کان وٺي سماج تائين، فرد کان وٺي سندس شعور تائين هر شي ۾ تضاد آهن، اهي تضاد ئي شين جي ترقي جو ڪارڻ آهن، ان ڪري تعليم “حل” کي سمجهڻ جو نالو نه آهي پر بذات خود تضادن يعني مسئلن کي سمجهندو رهڻ جو نالو آهي، ۽ انساني ترقيءَ توڙي شعور جي ترقيءَ جو بنيادي تسلسل ئي مسئلن کي سمجهندو رهڻ تي رکيل آهي. جڏهن به تعليم جي ڪلاسيڪل طريقي (وڌيڪ فردن کي گڏ ڪري ڄاڻ پهچائڻ) جي باري ۾ اسان سوچون ٿا ته اسان اڳيان اهو واضع ٿئي ٿو ته تعليم مستقل بنيادن تي ڪنهن مسئلي جو حل پيش ڪري ويهي رهڻ نه آهي، پر ان جو مقصد هر مسئلي جي حل ٿيڻ کانپوءِ ان مان ئي پيدا ٿيندڙ نون “مسئلن کي حل لاءِ پيش ڪرڻ” رهيو آهي، ڇو ته اها ڳالهه فطرت مان ئي انسان کي ورثي ۾ ملي ٿي، مسلسل ترقي تضادن مان اڀري ٿي، اهڙي نموني هڪ مسئلي جي حل سان ٻيا مسئلا ايندا رهن ٿا، تعليم جو مقصد انهن مسئلن کي نظر ۾ رکڻ آهي، نه ڪي حل دريافت ڪري ويهي رهڻ ۽ اهو سمجهڻ ته اسان سڀ ڪجهه سمجهي ورتو.
تعليم جي تاريخ:
تعليم جي تاريخ انساني سماج جي تاريخ آهي، جيئن سماج جي اوثر جو اهم يا بنيادي محرڪ پيداواري سرشتو هوندو آهي، ان جي تبديل ٿيڻ سان سمورو سماجي ڍانچو، ان جا طور طريقا، رسم رواج، ثقافت، توڙي رشتا وغيره تبديل ٿيندا آهن تيئن ئي تعليمي طريقا ۽ مقصد به سماج جي پيداواري سرشتي سان مشروط هوندا آهن.
شروعاتي تعليم اسان کي خاندان ۾ پرورش واري صورت ۾ ملي ٿي، جتي ماءُ ٻار کي پالي ٿي، ان بعد اها ذميواري معاشري تي اچي ٿي، ان بعد ٻار جڏهن سمجهه لائق بڻجي ٿو ته ان کي باقائده سکيا جي ميدان ۾ لاٿو وڃي ٿو، جنهن کي اسان تعليم چئون ٿا، جنهن تعليم جو ٻيو وڏو مقصد سماجي مسئلن کي پيش ڪرڻ، انهن مسئلن جي علمن کي اڳتي وڌائڻ هڪ پيڙهيءَ کان ٻي پيڙهيءَ تائين هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ڪرڻ آهي.
اشتراڪي سماج جي تعليم:
اسان هتي آڳاٽي خاندان، قبيلي توڙي اشتراڪي ڪميونٽي جو ذڪر ڪنداسين، جڏهن انسان هٿيار يا اوزار ٺاهڻ واري دور ۾ داخل ٿيو، ته هن پريڪٽيڪل سکيا کي باقائده تعليم جو نالو ڏنو. شڪار جا ڪارگر گر، جيڪي ڪجهه فردن سماجي حالتن تحت پرايا هيا، تن سماجي جاندار هجڻ جي ناطي اهي ٻين تائين منتقل ڪيا، اڳتي هلي جتي شڪار جي گهڻائي يا ٿورائيءَ کي قبيلي ۾ مساوي بنيادن تي ورهائڻ جو سوال اٿي ٿو ته اتي هڪ متحرڪ سماجي فرد کي امين يا ورهائيندڙ (ڀاڳ وان / ڀڳوان، لفظ تقسيم ۽ قسمت تسلسل به اهڙي قسم جو ئي آهي) جون اضافي ذميواريون سونپيون وڃن ٿيون، ان بعد اوزارن ٺاهڻ ۾ پڻ مسلسل سکيا جي وڏي اهميت اڀري اچي ٿي، هتي اسان کي تعليم جي پهرين ورهاست ملي ٿي، جتي ڪجهه سکندڙ ۽ ڪجهه سيکاريندڙ بڻجن ٿا. هتي تعليم جو مقصد خالص سماجي هيو، جنهن جو فائدو سموري ڪميونٽي کي پوڻو هو، يعني وڌ کان وڌ شڪار جي سکيا جيڪا خالص سموري قبيلي جي مفادن ۾ هئي. يا هٿيارن جي معيار ۾ وڌيڪ بهتري وغيره، اهڙي نموني اڳتي هلي اسان کي تبديل ٿيندڙ مختلف طرز جي سماجن ۾ تعليم جا مختلف مقصد ملن ٿا.
تهذيبن ۾ تعليم:
پر گڏو گڏ اسان ٻين تهذيبن تي به نظر ڊوڙائينداسين ۽ ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪنداسي ته اتي جو معاشي سماجي نظآم ڪهڙو هيو ۽ تعليم ڪهڙي قسم جي هوندي، سڀ کان اڳ اسان مصر (درياء نيل ) جي تهذيب کي ڏسندا سين، غلام داراڻو سماج، فرعون ۽ غلام، غلامن کان جانورن وانگر ڪم وٺڻ، فرعونن کي ديوتان سمجهڻ، عجيب غريب قسم جون مذهبي رسمون، تمام وڏا ۽ رعبدار احرام تعمير ڪرائڻ، سون دولت ۽ عياشيءَ جي شين کي فرعونن لاءِ خاص ڪري ڇڏڻ، ايتري قدر جو فرعون جڏهن مرندو هو ته هن جي لاش کي ممي بڻايو ويندو هو ته سندس لاش هميشه لاءِ محفوظ هجي ته جيئن ايندڙ زندگيءَ ۾ هو صحيح اٿي سگهي، سندس مقبري ۾ وڏي تعداد ۾ سون، دولت، ماکي، کاڌ خوراڪ ۽ عياشيءَ جون ٻيون شيون رکيون وينديون هيون ته جيئن کيس ايندڙ زندگيءَ ۾ کيس مدد ڏين، پر ائين به هيو ته فرعون جي موت تي ڪجهه غلامن کي به ماري ساڻس گڏ پوريو ويندو هو ته جيئن ايندڙ زندگيءَ ۾ هو سندس هٿ همرائي ڪن، ٻين لفظن ۾ ايندڙ زندگيءَ ۾ به هو فرعون جي غلامي ڪن، خير فرعون اڃا تائين اٿي ته نه سگهيا، پر ڪجهه عرصو اڳ سندن مقبرن ۾ پيل سون ۽ دولت جو وڏو حصو چور چورائي ويا. ها اتي به سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ترقي ڪئي هوندي جنهن ڪري ئي اهڙا رعبدار مقبرا جڙي سگهيا، خير اتي ڪهڙي قسم جي تعليم هوندي اوهان پاڻ سمجهي سگهو ٿا.
ان بعد دجلا فرات جي ميسوپوٽاميا جي تهذيب تي نظر ڊوڙائيندا سين، هتي هنن ماڻهن ڪافي ترقي ڪئي هئي، واپار، سائنس، ٽيڪنالاجي، مذهب، نهري سسٽم، زراعت وغيره ۾ هي ماڻهو اهم ڪردار ادا ڪري ويا ۽ يوناني تهذيب تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏي ويا، پر هتي به غلام داري سماج هيو، طبقاتي گهٽ وڌائي هئي، مذهبي توهم پرستي وڏي پيماني تي ڦهليل هئي، گل گاميش، جي طوفان جا قصا جيڪي اسلام ۾بعد ۾ نوح جي طوفان جي نالي سان شامل ٿيا، همورابي جا سماجي قانون، تمام وڏا وڏا مذهبي مندر، مندر تحت سماج جي پيداوار جو وڏو حصو مذهبي ماڻهن بادشاهن کي ملڻ ۽ بادشاهن کي ديوتا جو اوتار سمجهڻ اهي هن سماج جون خاصيتون هيون، پر هن تهذيب انگن جي سرشتي کي ايجاد ڪيو، ستارن جي چر پر کي سمجهيو، علم نجوم کي ترقي وٺرائي اها هن دجلا فرات جي تهذيب هئي.
ان بعد سنڌو ماٿري جي تهذيب جو ذڪر، ڪاش سموري دنيا اهڙيون تهذيبون ئي پروان چڙهن ها، موئن جو دڙو ۽ هڙپا هن تهذيب جا مک شهر هيا، هن قسم جو سماج اسان وٽ 21 صديءَ تائين به رائج نه ٿي سگهيو آهي، چيو وڃي ٿو ته اهو مادراڻو سماج هيو، يعني گهر جو سربراهه ععورت هوندي هئي مرد نه، يا وري اهو به چيو وڃي ٿو ته اهو اهڙو سماج هيو جتي سربراهي عورت کان مرد ڏانهن منتقل ٿي رهي هئي، خير اهو سماج مڪمل طور غير طبقاتي سماج هيو، هتي ڪابه ننڍ وڏائي نه هئي، هتي جا سمورا رهواسي مڪمل باشعور ۽ سائنسي زندگي گذاريندا هيا، اهو ئي سبب آهي جو اوهان کي هتان جا گهر، انهن جانقشا، مڪمل سائنسي لڳندا، سمورا گهر برابر طرز جا، ڪو اعلى يا ادنى نه، ناليون مڪمل ڍڪيل، پڪا فرش، پڪين سرن جا گهر، هر گهر ۾ الڳ وهنجنڻ جي جڳهه ۽ پاخانو، اهو سڀ ڪجهه ان ڪري ئي ممڪن هيو جو هتي ڪو به طبقاتي سماج نه هيو، عورتن ٻارن توڙي مردن ۽ پوڙهن جي زندگيءَ کي مليل کنڊرات مان پرکي سگهجي ٿو، اهڙي خوشگوار زندگي اسان اڄ تائين حاصل نه ڪري سگهيا آهيون، اڄ به اسان جي ٻهراڙين ۾ پاڻي جي نيڪال جو سسٽم نه آهي، ماڻهو جهنگ جي خيال لاءِ جهنگ ۾ وڃن ٿا، هن تهذيب ۾ ڪو به عجيب غريب قسم جو ديوتا ڪونه مليو آهي، ماڻهو فطرت جا پوڄاري هيا، جنگ جي حوالي سان ڪنهن به قسم جا هٿيار نه مليا آهن، ڇا اهڙي زندگي اشتراڪيت کان سواءِ ممڪن آهي، غير برابري ئي جنگ کي ويڙهه ۽ نفرت کي چوري کي جنم ڏيندي آهي، هي سماج انهن سمورين براين کان مٿاهون هيو، ڄڻ ته اهو واقعي هڪ سوشلسٽ سماج هيو. ان بعد يوناني تهذي جو اسان مٿي ذڪر ڪيو سين، يوناني تهذيب مجموعي طور تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي تمام گهڻا گهرا اثر ڇڏيا، طب، ستارن جو علم، قانون، فلسفو، رياضي ۽ ٻيون کوڙ ئي سائنس جون شاخون جن تي يونانين ڪم ڪيو، يونانين مذهب ۽ توهم پرستيءَ مان ڪافي جان ڇڏائي هئي پر غلام داري سماج اتي باقائده رائج هيو، جنگ جو قوم هجڻ پڻ يونانين لاءِ فخر جي ڳالهه هوندي هئي. باقي چين جي تهذيب به هڪ جنگي سماج واري هئي، هي ماڻهو ايترا ته جنگجو هيا جو بادشاهه جنگي سپاهين جا مجسما ٺهرائي ڇڏيندو هيو ته ايندڙ زندگي ۾ اها وڏي تعداد ۾ ٺهرايل فوج سندس مدد ڪندي. اسان انهن سمورين تهذيبن جي مٿا ڇري ڄاڻ مان سمجهي سگهون ٿا ته اتي ڪهڙي قسم جي تعليم ڏني ويندي هوندي ۽ ان جو مقصد يا نصاب توڙي طريقو ڪهڙو هوندو.
اسان مختلف تهذيبن تي نظر ڊوڙائيندي ڏسون ٿا ته اتي تعليم جون ورهاستون پڻ وڌيڪ وڌنديون وينديون، جهڙوڪ: سماج ملڪيتي رشتن جي پيدا ٿيڻ بعد جڏهن غلام داري واري سماج ۾داخل ٿئي ٿو ته اتي اسان کي جاگيردار يا آقا جي ٻارن لاءِ ڌار قسم جي تعليم جو نظريو ملي ٿو جنهن جو مقصد آقا يا جاگيردار جي ٻارن کي حڪمراني ڪرڻ سيکارڻ هو، جڏهن ته غلامن کي اڃا پريڪٽيڪل سکيا ڏني ويندي هئي ته غلامي ڪيئن ڪجي، معاشري ۾ اهو تصور عام هيو ته غلامي يا غلام داري سماج آفاقي آهي، غلامن کي چيو ويندو هو ته هو قدرت يا ديوتا جي منشا موجب غلامي ڪندا رهن، هي تعليم ۾ پهريون ذهني ۽ جسماني فرق ملي ٿو. اڳتي هلي اهو وڌندو وڃي ٿو، مثال طور مذهب جي صورت ۾ وغيره.
سماج ۾ مذهب جي شروعات:
ان دوران ڪجهه فرد اڻ ڄاڻائيءَ مان تنگ ٿي ڪري، ان ئي اڻ ڄاڻائيءَ مان پيدا ٿيل خوف جي حقيقت کي تسليم ڪندي مذهب کي ايجاد ڪن ٿا، ۽ اهڙي نموني اڳتي هلي هن قسم جا ماڻهو ڪجهه قانون به واضع ڪن ٿا (اخلاقيات يا سماجي گروهي قانونن کي شروع ۾ ٿلهي ليکي سماج دريافت ۽ استعمال ڪندو آهي، انهن کي قانون يا اخلاقيات جي صورت يا نالو بعد ۾ ڏنو ويندو آهي)، اهڙي طريقي سان هن پرت جو سماج ۾ سندن ڏاهپ جي ڪري ڪردار مٿاهون بڻجي وڃي ٿو، ماڻهو وٽن مسئلن جي حل لاءِ اچن ٿا. اسان اهو به ڏسون ٿا ته آڳاٽا ڏاها اڳ ۾ مخلتف علمن جا ماهر بڻجن ٿا، ۽ مذهبي بعد ۾ بڻجن ٿا، اڳتي هلي اسان اهو به ڏسون ٿا ته اها مذهبي پرت علمن کي ٻين عام ماڻهن لاءِ منع قرار ڏئي ٿي، جنهن جو واضع مثال اسان کي دجلا فرات جي تهذيب توڙي هندو مذهب ۾ مذهبي پيشوائن وٽ ملي ٿو، مثال طور: هندو مذهب ۾ برهمڻ قبيلي مذهبي علمن کي صرف پنهنجي ذات لاءِ محدود رکيو، ۽ عام ماڻهو کي اهي علم سکڻ جي اجازت نه هوندي هئي. ان جو سبب اهو هو ته برهمڻن جي سماجي رتبي کي برقرار رکيو وڃي ان لاءِ ضروري هو ته دانش ۽ علم عام ماڻهوءَ تي نه پهچي. اهڙا علم سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ڏنا ويندا هيا، اڄ لسانيات جا ماهر برهمڻن جي ان روش کي سنسڪرت جي خاتمي جو وڏو سبب ڄاڻائين ٿا. يا وري ميسوپوٽاميا جي تهذيب ۾ به جڏهن لکڻي ايجاد ٿي بعد ۾ مذهبي ماڻهن ان کي خالص ديوتائن طرفان قرار ڏنو ۽ چيو ته جيڪو ڪجهه هو مٽي جي تختين تي لکن ٿا سو لوح محفوظ آهي اڳتي هلي اهو سچ ثابت ٿيندو وغيره، اهڙي نموني شروع ۾ لکڻين کي به صرف مذهبي پرتن ۽ بادشاهي ٻارن تائين محدود رکيو ويو هو. اها تعليم جي ٻي وڏي ورهاست هئي.
مذهب ۽ انقلاب:
ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هر مذهب توڙي سندس تعليم شروع ۾ هڪ ننڍي پيماني جي سماجي ارتقائي انقلاب کي جنم ڏيندي آهي، پر ڇو ته مذهب بنيادي معاشرتي انقلاب نه هوندو آهي اهو، وقت جي تقاضا تحت پيدا ٿيندڙ ننڍي پيماني تي هڪ سماجي تبديلي هوندو آهي، مذهب جو ڪم ڇو ته سمجهه ۾ نه ايندڙ مامرن کي صرف ڪنهن اعلى هستيءَ تائين محدود رکڻ هوندو آهي، ان هستيءَ کي تجريدي يا تصوري طور دريافت ڪري نه سمجهه ۾ ايندڙ مامرن کي ان هستيءَ سان سلهاڙي انهن کي جامد بڻايو ويندو آهي، ۽ مذهب جي ان طرز عمل توڙي سوچ جي طريقي (جنهن کي مابعدالطبعيات چئجي ٿو، جنهن تحت مذهبي پيشوا شين جو جامد تصور پيش ڪن ٿا) جي ڪري ئي تاريخ ۾ ڪيترائي مذهب ختم ٿي ويا توڙي نوان پيدا ٿيا، جنهن سان به اهو ثابت ٿئي ٿو ته مذهبي تصور اضافي تصور آهي نه ڪي مڪمل طور تي سائنسي تصور جيڪو مسلسل ترقي ۽ تبديلي کي جنم ڏئي، ان ڪري ئي تاريخ ۾ ڪيترائي مذهب پيدا ٿيا انهن ۾ وقت به وقت ارتقا ٿيو، جتي اهو ارتقا ۽ ترقي پنهنجي ئي بنيادي خيال جي تضاد ۾ آيو اتي اهو مذهب ختم ٿيو ۽ ٻيو شروع ٿيو، جديد مذهبن ۾ به ارتقا ۽ ترقي جي گنجائش آهي پر جڏهن اهو ارتقا ۽ ترقي ان مذهب جي بنيادي تعليمن جي بلڪل ضد ۾ ايندي ته اهو جديد مذهب به قديم مذهب يا زوال شده مذهب ۾ تبديل ٿي ويندو، پر جديد سائنسي زماني ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ايتري ته ترقي ڪري چڪي آهي جو مذهبي خيال به زوال پزير نظر اچڻ لڳا آهن، جديد سائنسي دنيا ۾ ڪو نئون مذهب يا نئون پيغمبر اچڻ نظر نه ٿو اچي، هاڻي انسان هڪ نئين مذهب جو متلاشي آهي جنهن جو نالو صرف انسانيت جي ترقي ۽ تعمير آهي، خير مذهبي تعليمن جي ان بنيادي خاميءَ (شين کي جامد سمجهڻ، يعني تضادن مان ٿيندڙ ترقيءَ جو انڪار ڪرڻ) ئي مذهبن جي عالمگير ۽ سائنسي حيثيت جي راهه ۾ رڪاوٽ آهي. ان پس منظر ۾ مذهب جي سموري تعليمات پنهنجي غير سائنسي حيثيت جي ڪري وقت سان گڏ پنهنجي اهميت وڃائيندي رهي ٿي، جيئن هڪ چوڻي مشهور آهي ته: هڪ سائنسي ايجاد مذهب کي سوين سال پوئتي ڌڪي ڇڏي ٿي، مذهب جي تعليم جو جيڪو طريقو آهي سو اهو آهي ته هڪ جامد تصور تحت شين جي وضاحت ڪندو رهڻ، پر مذهب ان ڳالهه کان انڪاري آهي ته تصور پاڻ به تبديل ٿيندا رهن ٿا، اهڙو تعليمي طريقو به اڪثر تعليمي ادارن ۾ رائج آهي، خير اسان جو مقصد هتي مذهب جي تشريح ڪرڻ نه آهي، هتي اسان پنهنجي اصل موضوع تي اچون ٿا.
يوناني تهذيب ۾ تعليم:
ان بعد اسان اڳتي هلي يوناني تهذيب ۾ داخل ٿيون ٿا، هتي به اسان کي تعليم پيداواري نظام سان سلهاڙيل نظر اچي ٿي، جيئن ته يوناني قوم هڪ جنگجو قوم به هئي، ان جو سبب هي هيو ته پورهئي جي واڌاري (وڌيڪ پورهيتن جي ضرورت) کين اهو احساس ڏياريو هو ته هو غلامداري کي استعمال ڪن، ۽ وڌيڪ غلام حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري هو ته هو ٻين قومن تي حملا ڪري اتان غلام هٿ ڪن، هاڻي اسان ڏسون ٿا ته يوناني دور ۾ تعليم جو اهم مقصد فردن کي جنگ لاءِ تيار ڪرڻ رهي ٿو. افلاطون ان سلسلي ۾ مثالي رياست ۾ تعليم جي حوالي سان بحث ڪري ٿو، هو لکي ٿو ته تعليم جو مقصد فردن کي جنگ لاءِ تيار ڪرڻ آهي، ان لاءِ هڪ جنگي سپاهيءَ لاءِ ضروري آهي ته هو صحتمند هجي، جنهن ڪري غير صحتمند پيدا ٿيندڙ ٻارن کي پيدا ٿيندي مارڻ گهرجي، صحتمند ٻارن کي رياست جي ملڪيت سمجهندي رياست حوالي ڪيو وڃي، جتي سندن جنگي تربيت ٿئي، جسماني ورزش، رانديون موسيقي وغيره سکي سگهن. پر غلام ان سموري تعليمي عمل مان گهڻي ڀاڱي ڪٽيل رهن ٿا.
تعليم جا بدليل طريقا:
گڏو گڏ اسان کي تعليم جي جداگانه طريقن ۾ به فرق نظر اچي ٿو، مثال طور بادشاهن يا اميرن جي ٻار کي مختلف شعبن سان لاڳاپيل هڪ کان وڌيڪ استاد، جن ۾ جنگي اڳواڻ، طبيب، موسيقار، رياضيدان ۽ فلسفي وغيره تعليم ڏيندا هيا، مطلب هڪ شاگرد لاءِ هڪ کان وڌيڪ استاد، ٻئي پاسي اسان کي رعايا ملي ٿي جتي سون جي تعداد ۾ شاگردن کي هڪ استاد پڙهائي ٿو.
هي ڪجهه مثال هيا، اهڙي نموني اوهان وڌيڪ پاڻ به تعليم جي بدلجندڙ ڪردار ۽ طريقن کي تاريخ جي وهڪري ۾ ڏسي سگهو ٿا
موجوده وقت ۾ جن شين تي اسان تعليم جي حوالي سان بحث ڪنداسين سي آهن.
نظام، مقصد، نصاب ۽ طريقو:
اها ڳالهه ظاهر آهي ته تعليم سماج مان اخذ ٿئي ٿي، سماج انفرادي طور شين کي پريڪٽيڪلي سکڻ سان گڏو گڏ اجتمائي سکيا تي ان لاءِ زور ڏئي ٿو ته اهو عمل سکجندڙ مامرن جي مڪمل تاريخ سمجهائي ٿو، ان کي بحث ۾ آڻي ٿو، مطلب ڪنهن شي يا مامري تي صرف مٿاڇري نظر ته انفرادي طور به وجهي سگهجي ٿي، پر جڏهن اها تعليمي سرشتي ۾ بحث هيٺ اچي ٿي ته ان جي سمورن پاسن تي بحث ڪيو وڃي ٿو، انفرادي طور اهڙي مڪمل جدليات لهڻ اجتمائي تعليم جي نسبت تمام گهڻو مشڪل آهي، ڇو ته سيکاريو يا سکيو ويندڙ موضوع سماج ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو آهي، ان لاءِ گهڻي کان گهڻن فردن جي ان سکيا جي عمل ۾ شرڪت لازمي آهي ۽ اهڙي عمل کي اسان تعليم چئون ٿا، گهڻن ماڻهن کي گڏ پڙهائڻ واري ان عمل کي اسان تعليمي طريقو چئون ٿا، جنهن نظام ۾ تعليم ڏني وڃي ان کي اسان تعليمي نظام چئون ٿا، جنهن مقصد خاطر تعليم ڏني وڃي اسان ان کي تعليمي مقصد چئون ٿا.
تاريخ جي جدليات:
اسان مٿي ڏسي آيا سين ته مختلف دورن ۾ سماجي ارتقا ۽ انقلابن سان گڏ تعليم ۾ به ارتقا ۽ انقلاب ٿيندا رهيا آهن. موجوده دور ۾ جيڪي تعليم جي حوالي سان تبديليون نظر اچن ٿيون تن کي پيداواري تبديلين کي سمجهڻ کان سواءِ سمجهي نه ٿو سگهجي، ڇو ته هي سماج طبقاتي ۽ سرمائيداراڻو آهي، ان ڪري اسان لاءِ اهو به لازمي بڻجي ٿو ته ان کان اڳ واري زرعي (جنهن ۾ غلام داري ۽ جاگيرداري يا بادشاهت شامل آهي) سماج تي به بحث ڪيون ته ڪيئن زرعي سماج مان سرمائيداراڻو سماج ڦٽي ٻاهر نڪتو. گڏو گڏ اسان تعليم ۾ ٿيندڙ تبديلين کي به ڏسندا هلنداسين.
(بنيادي طور تي اسان تاريخ کي هڪ ٻئي سان ڪڙي ڪڙيءَ سان ملائي ڏسندا آهيون، سماجن کي اسان مختلف نالا انهن جي خاص خاصيتن جي ڪري ڏيندا آهيون، ڪي ڊگهي عرصي تي مشتمل سماج هوندا آهن، ڪي سماج انهن ڊگهي عرصي تي مشتمل سماجن اندر ننڍي عرصي وارا سماج، مثال طور تي انساني تاريخ پنهنجو تمام وڏو ۽ ڊگهو عرصو غير ملڪيتي نظام تحت گذاريو آهي، ملڪيتي نظام کي صرف لڳ ڀڳ 8 هزار سال ٿيا آهن، پر هاڻي هي ملڪيتي رشتن تي مشتمل سماج به بي انتها جنگين، دهشتن ۽ براين جي ڪري زوال پزير آهي، جيڪو پنهنجي ئي نفي ڪرڻ لاءِ آتو آهي جنهن کان پوءِ سوشلزم ۽ ڪميونزم جو سماج انساني خوشحاليءَ جي تحفن سان انسانيت جو منتظر آهي، ان بعد اسان ملڪيتي رشتن تي مشتمل سماج کي وڌيڪ حصن ۾ ورهايون ٿا، اشتراڪيت، شڪاري، زرعي، غلامداري، جاگيرداري، سرمائيداري يا صنعت ڪاري، بنيادي تسلسل تحت اسان انهن کي ٽن لهرن ۾ ورهائي سگهون ٿا، يعني ٽي بنيادي معاشي طرز پيداوار، شڪاري، زرعي ۽ صنعتي اهي سڀ هن سماج جون وقت سان گڏ بدلجندڙ تاريخون هيون، ايندڙ سماج ۾ بنيادي پيداواري ڪردار سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو هوندو، ان ڪري سائنس ۽ ٽيڪنالاجي کي چوٿين سماجي لهر چئجي ٿو)
بادشاهتي تعليمي نظام تي هڪ نظر:
سرمائيداري سماج کان اڳ تاريخ ۾ تعليم جي ايڏي وڏي اهميت اسان کي ڪٿي به نظر نه ٿي اچي، ها البته جاگيرداري بادشاهت واري نظام ۾ اسان تعليم جي اهميت کي ٻين پراڻن سرشتن کان ترقي ڪيل ڏسون ٿا، پر اتي اسان کي جيئن ته بادشاهتي نظام جي تقاضا هئي ته تعليم کي رعايا کي قابو ۾ رکڻ لاءِ به استعمال ڪيو ويندو هو، ان ڪري تعليم جو بنيادي مقصد فوجي ۽ ويڙهاڪ پيدا ڪرڻ هو جيڪي رياست کي ٻاهرين حملن توڙي اندرين بغاوتن کان محفوظ رکن. اڳتي هلي تعليم جو مقصد واپار کي هٿي وٺرائڻ پڻ بڻيو، ۽ اسان اهو به ڏسون ٿا ته اڪثر عوام پورهيت طبقي سان واڳيل هجڻ ڪري هنن لاءِ تعليم به هڪ اضافي شي هئي، ڪلاسيڪل تعليم صرف بادشاهي ٻارن يا امير طبقي جي ٻارن لاءِ مخصوص هئي، ته حڪومت ڪيئن ڪجي يا حڪومتي مامرا ڪيئن هلائجن، يا واپار وغيره، پر عام ماڻهو کي جيڪا تعليم ملندي هئي، اها اڪثر ڪري مذهبي عبادتگاهن ۾ ملندي هئي، جنهن جو مقصد اهو هوندو هو ته ڪهڙي نموني بادشاهت کي الهامي رضا سمجهيو وڃي، ان جي فيصلن کي قبول ڪيو وڃي، بادشاه کي ڍل ڏني وڃي وغيره، ان کان سواءِ رعايا لاءِ ڪنهن به قسم جي پروفيشنل تعليم نظر نه ٿي اچي. ها البته ڌار ڌار فني شعبن سان لاڳاپيل دستڪار وغيره پنهنجا شاگرد رکندا هيا، جن کان هو نوڪرن وانگر ڪم وٺندا هيا ۽ بدلي ۾ کين فني ماهر بڻائيندا هيا.
سرمائيداري تعليمي نظام (ڪلاسيڪل طبقاتي تعليمي نظام)
ان کان پوءِ اسان سرمائيداري نظام ۾ داخل ٿيون ٿا، جتي اسان تعليم ۾ به تمام وڏو انقلاب ڏسون ٿا، توهان مشيني دور جي ترقين کي زرعي يا بادشاهتي دور سان ڀيٽا ڪريو، سماج جو ڪو اهڙو شعبو نه آهي جتي هن انقلاب پنهنجا اثر نه ڇڏيا آهن، گڏيل خاندان مان جوهري ڪٽنب (اڪيلي زال مڙس ۽ سندس ٻار) جو جڙڻ، مذهبن جي هيئيت ۽ طريقي ۾ تبديلي، روڊن رستن توڙي ريل پٽڙين ذريعي سموري دنيا کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏڻ يعني رنگ، نسل، ذات ۽ قومن ۽ مذهبن جي بنيادپرستاڻي عنصرن جو خاتمو، ثقافتن ۽ تهذيبن جو هڪ ٻئي سان ملڻ ۽ سکڻ، ڏورانهن سماجن جو هڪ ٻئي سان ڳانڍاپو، وڏي پيماني تي زرعي تبديليون، جاگيرداري ۽ بادشاهتي نظامن جو خاتمو، سماج جي رهڻي ڪهڻي، ڪلچر ثقافت، ٻولي توڙي اخلاقيات ۾ تبديليون، عمارت سازي توڙي فن موسيقي ۾ تبديليون، هاڻي جيڪا تعليم هن نئين سرمائيداراڻي سرشتي مان اڀري تي ان تي به انهن سڀني تبدلين جو اثر آهي، سرمائيداري سماج جي شروعات وقت مجموعي طور جيڪا تعليم ڏني ويندي هئي ان جو مقصد ٿلهن لفظن ۾ صنعت ڪاري لاءِ هنرمند مزدور پيدا ڪرڻ، ڪاريگر يا فني ماهر پيدا ڪرڻ، مستري پيدا ڪرڻ، واپاري پيدا ڪرڻ، حساب ڪتاب (اڪائونٽس) جي ڄاڻ رکندڙ ڪلارڪ يا معاشي ماهر پيدا ڪرڻ يا انهن سڀني شين جي ترقيءَ کي هٿي وٺرائيندڙ سائنسدان پيدا ڪرڻ هيو، ماڻهن جي وڌندڙ ضرورتن تحت جديد ۽ سائنسي بنيادن تي سروس سيڪٽر لاءِ ماهر پيدا ڪرڻ، پوليس، فوجي، ڊاڪٽر، وڪيل، استاد، فلسفي وغيره، سماج جي پيداواري طريقي ۾ بنيادي تبديلي جا عڪس اسان کي تعليمي طريقي ڪار ۾ به ملن ٿا، مثال طور: اسڪول يا ڪاليج ۾ ائين ٽائيم تي پهچڻ جيئن فيڪٽرين ۾ مزدور ٽائيم تي پهچن ٿا، استاد جي ائين اطاعت ڪرڻ جيئن نوڪر مالڪ جي ڪندو آهي، ان جو حڪم مڃندو آهي، ائين ٽيم ورڪ ۽ ڊسيپلين ۾ رهڻ جيئن فيڪٽرين ۾ مزدورن کي رهڻ گهرجي، ساڳئي ڊريس يونيفارم وغيره پائڻ جيئن فيڪٽرين ۾ پاتو ويندو آهي، ان کان پوءِ ٻيا آداب به اسان کي سيکاريا ويندا آهن جن جو اڪثر تعلق پيداواري ذريعن سان لاڳاپيل هوندو آهي ۽ سرمائيداري سماج يا منافعا خوري واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ هوندو آهي وغيره.
ٿلهي ليکي اسان هن وقت تائين تعليم جي جن مقصدن تي بحث ڪيو آهي تن ڪجهه هن ريت ارتقا ۽ ترقي ڪئي آهي، ماڻهن ۾ پيداواري ذريعن کي هٿي وٺرائيندي سماجيات (اخلاقيات وغيره) پيدا ڪرڻ، فوجي تيار ڪرڻ، حڪمراني ۽ غلامي ڪندڙ پيدا ڪرڻ، واپاري پيدا ڪرڻ، معاشي ماهر پيدا ڪرڻ، سائنسدان يا ٽيڪنالاجيسٽ پيدا ڪرڻ، ڊاڪٽر، وڪيل، تعليمي ماهر وغيره پيدا ڪرڻ. پر آرٽ ۽ موسيقي وغيره تعليم جا سيڪنڊري مقصد رهيا آهن ۽ اڪثر اعلى طبقي جا فرد ئي انهن جي سکيا وٺندا آهن.
اسان ڏسون ٿا ته هن دور ۾ تعليم پرائڻ توڙي پڙهائڻ جو سمورو مقصد سرمائيداري سماج لاءِ لائق افرادي قوت پيدا ڪرڻ آهي يا سرمائيداري کي سگهه وٺرائڻ لاءِ ماڻهن ۾ زندگيءَ جو معيار بلند ڪرڻ واسطي سروس سيڪٽر لاءِ ماڻهو تيار ڪرڻ. گڏوگڏ اسان اهو به ڏسون ٿا ته اجتماعيت يا اشتراڪيت جو درس اسان کي صرف اولين تعليم (اشتراڪي سماج) ۾ ملي ٿو، ان بعد تعليم جو فوڪس اجتماعيت يا سماجيات تان گهٽجندي انفراديت ڏانهن منتقل ٿئي ٿو، ان جو سبب منافعي يا دولت جو حصول آهي، مطلب وڌ کان وڌ استحصال يا ظلم (سرمائيداري جي وڌيڪ ڪرتوتن کي سمجڻ لاءِ “مارڪسزم ڇا آهي؟” جو مطالعو ڪريو)
ٻين شعبن سان گڏ تعليم ڏيڻ جو مقصد به پئسا ڪمائڻ آهي نه ڪي سماج ۾ باشعور فرد پيدا ڪرڻ ان جو اولين مقصد آهي، ۽ تعليم حاصل ڪرڻ جو مقصد به اڳتي هلي پئسا ڪمائڻ آهي نه ڪي سماج لاءِ سنجيده خدمت ڪرڻ تعليم حاصل ڪرڻ جو اولين مقصد آهي. اهڙي حوس جي نتيجي ۾ انساني معاشرو جديد دور ۾ به ٽوڙ ڦوڙ توڙي استحصال يا ظلم جو شڪار نظر اچي ٿو.
هاڻي تاريخ وري پاڻ کي مٿياهين درجي تي دهرائڻ لاءِ آتي آهي ته سماجي ظلم ۽ جبر کي ختم ڪيو وڃي، نفرتن، جنگين، بک بيروزگاري، بيماري ۽ ٻين سماجي براين کي ختم ڪيو وڃي اهڙي خاتمي لاءِ لازماً اسان کي غير طبقاتي نظام جي ضرورت پوي ٿي، اها ضرورت اسان کي اهڙي تعليمي مقصدن، نصاب توڙي تعليمي طريقن ڏانهن ڌڪيندي.
پاڪستان ۾ طبقاتي تعليمي نظام:
سماجي طبقن جا اثر هر جڳهه تي نمايان نظر اچن ٿا، سماج جو هر هڪ پاسو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان طبقاتي نظام تحت متاثر رهي ٿو، جيڪي اخبارون، رسالا، اسان پڙهون ٿا، ٽي شوز اسان ڏسون ٿا ۽ جيڪي ڪپڙا اسان پهريون ٿا تن ۾ طبقاتي نظام پوشيده رهي ٿو، اسڪول، تعليم، ڪم ڪار، مذهب توڙي گهرو زندگيءَ سان لاڳاپيل مامرن تي به طبقاتي نظام حاوي رهي ٿو، اسڪول ۽ ڪم جون جڳهون (ورڪ پليس) ان سان تمام گهڻا متاثر ٿين ٿا. هتي اسان ان ڳالهه تي به روشني وجهنداسين ته ڪيئن طبقاتي نظام ڪلاس روم اندر داخل ٿئي ٿو ۽ شاگرد جي مستقبل جو تعين ڪري ٿو.
پاڪستان ۾ ٽن قسمن جا بنيادي تعليمي ادارا آهن، پهريون پبلڪ سيڪٽر جتي اردو، سنڌي ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، ٻيو خانگي ادارا (پرائيويٽ سيڪٽر) جتي انگريزي ميڊيم ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، ۽ ٽيون مدرسا، هنن مان هر قسم جي اداري وٽ مخصوص تعداد ۾ شاگرد آبادي زير تعليم رهي ٿي، مثال طور: سرڪاري يا پبلڪ اسڪولن ۾ مڊل يا لوئر مڊل ڪلاس، پرائيويٽ سيڪٽر ۾ مراعت يافته ۽ امير ماڻهن جا ٻار جيڪي انهن اسڪولن جون ڳريون فيس ڀري سگهن. جڏهن ته ديني مدرسا بغير پئسن جي مذهبي تعليم مهيا ڪن ٿا، ۽ انهن ۾ اڪثريت غريب شاگردن جي هوندي آهي، جن کي رهائش ۽ کاڌو پڻ مهيا ڪيو ويندو آهي.
انهن ٽنهي قسمن جي ادارن جا پنهنجا الڳ الڳ طريقا ۽ پالسيون آهن جيڪي شاگرد جي سڄي ڄمار تي، انهن جي پروفيشنل ڪيريئر تي، ۽ انهن جي معاشي يا ڪمائيءَ جي ذريعن تي اثر ڇڏين ٿا. اهڙي نموني پوري سماج تي اهڙي تعليم جا اثر پون ٿا. اسان هتي موجوده تعليمي ڍانچي کي افقي طرح ورهايل ڏسون ٿا، نابرابري يا طبقاتي نظام ڪا قدرتي يا آفاقي شي نه آهي نه ئي ڪا انفرادي يا شخصي خواهش يا ڪنهن گروپ جي منشا، پر هن وقت اها رياست جي لاڳيتو پاليسين توڙي جڙيل استحصالي سماجي معاهدن جو نتيجو آهي جن جو بنياد مٿڀرائپ واري هرارڪي (سلسليواريت) تي آهي. اڄ جا ترقي جا ماهر، عالمي ادارا ۽ سرڪاريون عام طور تي اهو يقين رکن ٿا ته جيتوڻيڪ برابري ۽ مساوات هڪ بنيادي انساني حق آهي ۽ هر قانون ۾ ان کي مرڪزي حيثيت آهي، پر پوءِ به نابرابري يا عدم مساوات گهٽجڻ بدران وڌندي پئي وڃي، ڪو به ملڪ ان جي بي رحم واڌاري کان بچيل نه آهي.
سڀ کان پهرين اسان طبقاتي تعليمي نظام تي بحث ڪنداسين جيڪو سڌي طرح طبقاتي نظام جو عڪس آهي، هن نظام ۾ اسان کي جيئن مٿي ذڪر ڪري آيا سين ٽن قسمن جا تعليمي نظام ملن ٿا، حڪمران طبقي لاءِ مخصوص تعليمي سرشتو، جنهن صرف حڪمران، سرمائيدار يا امير ماڻهن جي تعليم ذريعي تياري ڪئي وڃي ٿي، اهڙي تعليم وڏي پئماني تي سائنسي بنيادن تي ڪئي وڃي ٿي ( يعني غير انساني سائنسي طريقن تحت، جن جو مقصد ترقي انساني ترقي نه پر ناڻي جي ترقي آهي)، جنهن جو مقصد آفيسر شاهي يا حڪمران طبقي لاءِ افرادي قوت پيدا ڪرڻ آهي، (اها ڳالهه واضع هجڻ گهرجي ته اهڙي تعليم جو سڌو مقصد استحصال ڪرڻ جا نوان نوان طريقا سکڻ ۽ سيکارڻ آهي)، اها تعليم تمام گهڻي مهانگي به آهي، ۽ رياست ان جي ضرورت ۽ اهميت کي نظر ۾ رکندي ان لاءِ وڏي بجيٽ ۽ فنڊ به مهيا ڪري ٿي.
ان بعد تعليم جو ٻيو سرشتو پبلڪ يا عوامي سرشتو آهي، يعني سرڪاري اسڪول يا ننڍا خانگي اسڪول جيڪي اسان کي وڏن شهرن توڙي ننڍن شهرن ۾ گهڻائي ۾ ملن ٿا، ننڍن خانگي اسڪولن ۾ وچولي مڊل ڪلاس يا لوئر مڊل ڪلاس جا ٻار تعليم حاصل ڪن ٿا، هن تعليم جو مقصد آفيسر شاهي پيدا ڪرڻ آهي، يا هيٺاهين معيار جي ذهني پورهيي لاءِ فرد پيدا ڪرڻ آهي، يا ننڍا واپاري وغيره پيدا ڪرڻ، يا وري سروس سيڪٽر لاءِ ملازم پيدا ڪرڻ، سرڪاري اسڪولن ۾ اسان کي هيٺاهين مڊل ڪلاس توڙي مٿاهين لوئر ڪلاس جا شاگرد ملن ٿا، هن تعليم جو مقصد فني ماهر يا صنعتي پورهيت پيدا ڪرڻ آهي، (هن وقت پاڪستان ۾ سرڪاري اسڪولن جو معيار ڪريل کان ڪريل ٿيندو پيو وڃي، جنهن جا سبب به معاشي بدحالي آهن).
سرمائيداري جي لٽ مار تحت پيدا ٿيل موجوده معاشي بحرانن جي ڪري بيروزگاري، بک ۽ مهانگائيءَ جي سبب اسان کي مٿاهين درجي (سرمائيدار/حڪمران) جي اسڪولن سان گڏ هيٺاهين درجي جي اسڪولن ۾ به تعليم جي ريشو يا انرولمينٽ ۾ گهٽتائي نظر ايندي رهي ٿي. (مثال طور عام عوامي اسڪول مان پڙهيل شاگرد کي نوڪري ملڻ ته مهال آهي، پر هاڻي ايم بي ۽ بي بي يا معاشي تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان به بيروزگار ٿيندا پيا وڃن) ان جو نتيجو اهو ئي نڪري ٿو جيڪو نڪرڻ گهرجي، يعني غربت، بک، بيروزگاري، بدحالي، بيماري ۽ ان جو نتيجو معاشري ۾ غصو، غضب، ڪاوڙ ۽ ڏک، هاڻي اها غربت ۽ڪاوڙ وري ڪنهن ٻئي تعليمي سرشتي کي هٿي وٺرائي ٿي سو آهي مدرسه تعليمي نظام.
مدرسه تعليم ۾ انتهاپسند ملا يا مذهبي پيشوا رياست جي اشاري تي بيروزگار يا ڏتڙيل نوجوانن، توڙي غريب طبقي سان لاڳاپيل ٻارن کي هٿ ڪري انهن کي مذهبي انتهاپسندي جي تعليم ڏين ٿا، ۽ رياست ان سموري معاملي ۾ سڌي توڙي اڻ سڌي طرح انهن جي پٺ ڀرائي ڪري ٿي، ڇو ته رياست ئي کين مختلف وقتن تي پنهنجن سياسي مفادن (هٿيارن جي ڪاروبار کي وڌائڻ واسطي جنگين کي عمل ۾آڻڻ خاطر عالمي توڙي علائقائي بدامني ڦهلائڻ) لاءِ اهڙن انتهاپسند گروهن کي استعمال ڪري ٿي.
اهو هڪ شيطاني چڪر آهي، اسان ان کي شروع کان سمجهڻ جي ڪوشش ڪنداسين، جيئن ته سرمائيداري جو مقصد آهي وڌ کان وڌ منافعو، اهو عمل نه صرف عوام يا پورهيت جو رت چوسي ٿو، پر مٿاهين ليول تي اها حوس سرمائيدارن ۾ پاڻ ۾ به ويڙهه کي جنم ڏئي ٿي، جنهن لاءِ هڪ چوڻي مشهور آهي، وڏي مڇي ننڍي مڇي کي کائي، ساڳيو طريقو اسان کي هن سرمائيداري نظام ۾ به ملي ٿو، وڌيڪ امير يا وڏا سرمائيدار ننڍن سرمائيدارن کي لٽن ٿا، انهن کي خريد ڪن ٿا، ائين ننڍا امير وڌيڪ ننڍا امير ٿيندا وڃن ٿا اهو ئي سبب آهي ته اميرن جي تعداد ۾ گهٽتائي ايندي رهي ٿي، غريب وڌندا رهن ٿا، پر اميرن جي گهٽجندڙ تعداد ۾ دولت وڌندي رهي ٿي ۽ غريبن جي وڌندڙ تعداد ۾ دولت گهٽجندي رهي ٿي، (دنيا جو ٻيو نمبر امير ماڻهو هڪ منٽ ۾ 15هزار ڊالر ڪمائي ٿو، پر دنيا ۾ بک وگهي مرندڙ ماڻهن جو تعداد في منٽ ڏه هزار آهي) اڄ دنيا ۾ 5 سيڪڙو ماڻهن وٽ 95 سيڪڙو کان وڌيڪ دولت آهي، اهو شيطاني چڪر جو اثر اسان کي تعليمي نظام ۾ به نظر اچي ٿو، جتي اميرن جي تعليمي ادارن ۾ مقداري گهٽتائي نظر اچي ٿي ۽ نسبتاً ننڍا پرائيويٽ اسڪول، سرڪاري اسڪول به گهٽجندا رهن ٿا، اهڙن سببن جي نتيجن ۾ مدرسا توڙي غير معياري پرائيويٽ اسڪول وڌندا رهن ٿا.
هڪ ٻئي شيطاني چڪر کي سمجهڻ گهرجي ته جتي هڪ پاسي تعليم حاصل ڪيل نوجوانن جي وڌندڙ فوج جي ڪري ۽ غربت بک بيروزگاري جي ڪري عام ماڻهن جو تعليم تان ويساهه ختم ٿي ويو آهي، ته وري ٻئي پاسي اهڙي طرز عمل جي ڪري معاشري ۾ وڌيڪ بک بيروزگاري ۽ انتهاپسندي جنم وٺي ٿي.
(سماجي رطبو ئي ٻار جي ڪاميابيءَ جو تعين ڪري ٿو) طبقاتي ورهاست ۽ فرق: موجوده تعليمي نظام جو منظر جنهن کي اسان پنهنجي گرد ڏسون ٿا سا هڪ مختلف طرز جي تعليم آهي جيڪا مختلف تعليمي ادارن ۾ ڌار ڌار ۽ متضاد طريقي سان ٿاڦي وڃي ٿي. اهي فرق صرف طبقاتي فرقن جي ڪري ئي آهن، هن عمل ۾ رياستي آفيسر شاهي جو اهم ڪردار آهي. پاڪستان ۾ رائج تعليمي نظام تحت پورهيت طبقي سان تعلق رکندڙ ٻارن کي طبقاتي نظام تعليم تحت گهٽ درجي واري تربيت ڏني ويندي آهي ڇو ته جيئن اهي يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل نه ڪري سگهن، اهو سلسو پوري دنيا ۾ رائج آهي. طبقاتي تعليمي نظام به هڪ منحوس چڪر آهي، حڪمران طبقو تعليم تي خاطر خواهه بجيٽ ان ڪري نه ٿو رکي جو متان غريب شاگرد باشعور ٿي کيس للڪارين، نوڪريون گهرن، مراعتون گهرن، اعلى معيارزندگي جي طلب ڪن، ٻيو ته تعليم تي خرچ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته هو ٻين غير ضروري شعبن جهڙوڪ فوجي بجيٽ، توڙي پنهنجين عياشين ۾ گهٽتائي ڪن، جيڪو انهن کان ٿيندو ڪونه، ٻيو طريقو اهو آهي ته عوام کي خوشحال بڻائين، ته هو ٻارن کي معياري تعليم ڏئي سگهن، جيڪو به هن سرمائيداراڻي سماج ۾ ممڪن عمل نه آهي، اوهان کي هنن سوالن جا جواب سرمائيداري نظام ۾ ڪونه ملندا، ان لاءِ هن دائرياتي سوچ ۾ ڦاسڻ بجاءِ ٻين ممڪن عمل طريقن تي غور ڪرڻو پوندو، ان سان جيڪو نتيجو اوهان اڳيان ايندو سو هي ته سمورين برائين جي جڙ انفراديت پسندي، انفرادي ملڪيت، منافعي جي حوس ۽ انهن تحت هلندڙ هي سرمائيداراڻو نظام آهي، جنهن جي نفي صرف سوشلزم جي تعليم ۾ ئي ملي ٿي، مارڪسزم ان جي لاءِ بنيادي ڏاڪو آهي.
دهشت گردي خلاف عالمي جنگ ۽ طبقاتي تعليمي نظام:
سرمائيداري جي اڀرڻ وقت توڙي ان جي عروج ۾ سرمائيداريءَ مذهب، توهم پرستي، ڪليسا جي هڪ هٽيءَ توڙي بادشاهتي، جاگيرداري سماج جي کلي عام للڪاريو، اهو ان ڪري ته اهي شيون سرمائيداري جي ڦهلاءَ رڪاوٽ بڻجي رهيون هيون، پر هاڻي جڏهن سرمائيداري زوال پزير آهي ته اها مذهبي انتها پسنديءَ کي هٿي وٺرائي رهي آهي، اهو فطرت جو ابتو اثر آهي، سرمائيداري جي تاريخ جو وڌيڪ مطالعو اسان جي ان مسئلي کي سمجهڻ ۾ مدد مهيا ڪندو.
صرف پاڪستاني حڪمران ۽ امير طبقو ئي 5 سيڪڙو اعلى معيار جي بهترين تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪري ٿو، جڏهن ته هڪ وڏي اڪثريت جو ٽيلنٽ ۽ خوبيون اڻ ڇهيون ئي رهن ٿيون، غربت جي لڪير کان هيٺ گذاريندڙ انسانن جي ٻارن جي اڪثريت اسڪولن کان ٻاهر آهي، اهي ديني مدرسن جو شڪار بڻجن ٿا، ان ۾ ڪو شڪ نه رهيو آهي ته اهڙا اڪثر مدرسا سماج ۾ انتها پسندي ۽ بنياد پرستيءَ جو گند ڦهلائيندا رهن ٿا، دهشت گردي ۽ خودڪش حملا آور پيدا ڪن ٿا. طبقاتي نظام تحت پيدا ٿيل غربت ۽ مٿان وري انهن کي نظر انداز ڪرڻ وارا عمل سماج ۾ مذهبي انتهاپسندي لاءِ ماحول هموار ڪن ٿا. پاڪستاني آبادي جو غريب ترين ۽ اڻ پڙهيل حصو اتر اولهه ۾ افغان سرحد جي ويجهو رهي ٿو، ۽ اهو ئي سبب آهي جو انهن علائقن ۾ مذهبي انتها پسندي ۽ جهالت ۽ طالبانائيزيشن تمام گهڻي آهي، اهڙي نموني اهو به ثابت ٿئي ٿو ته درست ۽ معياري تعليم کان سواءِ مذهبي انتها پسندي، دهشتگردي ۽ طالبانائيزيشن ختم ڪونه ٿيندي، پر اسان جي هن بحث مان اهو به واضع ٿي چڪو هوندو ته حڪومت ۽ سرمائيداري نظام آخر ڇو ماڻهن کي معياري تعليم ڏيڻ نه ٿو چاهي، ڇا هي زوال پزير سرمائيداري نظام اهڙي معياري تعليم ڏئي به سگهندو يا نه، ته ڇا هنن سماجي براين جو انگ به هن نظام ۾ ختم ٿيڻ بدران وڌندو رهندو، انهن سوالن جا جواب پڙهندڙ پاڻ هن مضمون پڙهڻ بعد ڄاڻي وٺندا، هڪ ڳالهه جيڪا هتي بيان ڪرڻ ضروري آهي، تمام تعجب خيز حقيقت آهي ته حڪمران ۽ امير طبقا ۽ مدرسن ۾ پڙهيل غريب ماڻهن جا انتها پسند مذهبي اولاد هڪ ٻئي کان تمام گهڻو مختلف هجڻ باوجود هڪ ٻئي جا ساٿاري ۽ ڄڻ ته هڪ ٻئي لاءِ لازم ملزوم بڻيل آهن. سرمائيداري پنهنجي لٽ مار واري نفسيات تحت ترت ئي اهو نتيجو حاصل ڪيو ته انساني ضرورتن جي شين مان وڌيڪ منافعو ڪمائڻ ڏکيو عمل آهي، ڇو ته هاڻي ماڻهو ايترا لٽجي چڪا آهن جو هو وڌيڪ اسان جون شيون خريد ئي نه ٿا ڪري سگهن، ان ڪري هنن جديد اسلحو ۽ بارود ٺاهڻ شروع ڪيو، ان جي صنعت ڪاري تي تمام گهڻو توجهه ڏنو، ان جو ثبوت اهو آهي ته موجوده سرمائيداري بحران ۾ ڪا به اهڙي صنعت نه هئي، بينڪ نه هئي جيڪا خساري ۾ نه وئي هجي، پر هٿيارن جي انڊسٽري اهڙي هئي جو اها هن بد ترين دور ۾ به منافعي ۾ هئي، هاڻي اها منافعي ۾ ان ڪري هئي جو هٿيار وڪڻجي رهيا هيا، هٿيار ان ڪري پيا وڪڻجن جو عالمي طور تي ماحول ئي جنگي بڻايو ويو هيو، ڇا طالبان ۽ دهشت گرد اهي ئي نه آهن جيڪي آمريڪا جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن، هاڻي به هو طالبان کي ختم ڪرڻ بجاءِ وڌائيندا رهن ٿا، ته جيئن سندن هٿيار وڌيڪ وڪرو ٿين. اڄ دهشت گرد وٽ به ساڳيا هٿيار آهن ته وري دهشت گردي خلاف جنگ وڙهندڙ سپاهي وٽ به ساڳيا هٿيار. خير اسان پنهنجي طبقاتي تعليمي نظام ڏانهن اچون ٿا.
ننڍي کنڊ ۾ طبقاتي تعليمي نظام:
حقيقت ۾ ڏکڻ ايشيا، ننڍي کنڊ پاڪ – هند ۾ اهو ڪلاسيڪل طبقاتي تعليمي نظام برطانوي سامراج جي آمد سان ٿئي ٿو، اهو لارڊ ميڪائولي هيو جنهن پنهنجي خطاب ۾ برطانوي پارليمينٽ کي 1935ع جيڪو ڪجهه چيو سو هن ريت هيو.
”مان هندستان جي ڊيگهه ۽ ويڪر جو سفر ڪيو آهي، ۽ ڪو اهڙو ماڻهو نه ڏٺو آهي جيڪو فقير هجي، جيڪو چور هجي، مان ايتري دولت ڏٺي آهي هن ملڪ ۾، ايترا عظيم اخلاقي معيار، اهڙي اوچي درجي جا ماڻهو، جو مان نه ٿو سوچي سگهان ته اسان هن ملڪ کي فتح ڪري سگهون ٿا، جيستائين اسان ان جي بنيادي چيلهه جي هڏي کي نه ٿا ڀڃون، اهو بنيادي هڏو هن جو “روحاني ۽ ثقافتي ورثو” آهي، ان ڪري مان راءِ ڏيان ٿو ته اسان ان جي آڳاٽي ۽ عظيم تعليمي نظام کي تبديل ڪيون، انهن جي ڪلچر کي تبديل ڪيون پر اهڙي طريقي سان جو هندستاني سوچين ته جيڪو ڪجهه نئون آهي سو ٻاهرين ملڪ جو آهي، انگريزي آهي، ۽ سندن پنهنجي کان بهتر ئي نه پر بهترين آهي، ائين هو پنهنجي خود اعتمادي وڃائيندا، هو پنهنجو اباڻي ثقافت وساريندا، اهڙي نموني هو اهو ئي بڻجندا جيڪو اسان کين بڻائڻ چاهيون ٿا، يعني هڪ سچي غلام قوم“
در اصل لارڊ ميڪائولي اهي جملا ان ڪري چيا هيا جو واقعي برصغير ۾ اهڙو نظام هيو، هتان جو سماج اهڙو ئي سڌريل هيو جهڙي لارڊ ميڪائولي ان جي مٿي تعريف ڪئي آهي، ڇو ته هتي ايشيائي طريقه پيداوار Asiatic Mode of Production مروج هو، جيڪو سموري دنيا کان منفرد هيو، ان جي عروج وارو زمانو اسان کي وادي سنڌ جي تهذيب ۾ ملي ٿو، خير اسان موئن دڙي جي تهذيب تي اڳتي هلي بحث ڪنداسين، في الحال اسان ساڳي ڳالهه ڏانهن واپس اچون ٿا، انگريز سرڪار جي طبقاتي تعليمي نظام رائج ڪرڻ بعد وري جڏهن برطانيا پاڻ ئي سوشلسٽ تحريڪن کي چٿڻ لاءِ، هندستان ۾ ساڳيو غير طبقاتي نظام رائج ٿيڻ کي روڪڻ لاءِ هندستان ۽ پاڪستان کي مذهبي بنيادن تي ٽوڙين ٿا، ماڻهن کي غير فطري نظريي تحت ورهائين ٿا، ته جيئن هڪ پاسي ته هتي سوشلزم نه اچي، ۽ ٻيو انهن کي اهڙي طريقي سان روڪجي جيڪو ڪلاسيڪل ڪالونيل ازم کان به مختلف هجي، هندستان جي غير فطري ورهاڱي کان پوءِ پاڪستان ۾ به ساڳيو طبقاتي تعليمي نظام رائج ڪيو ويو، پر جديد شڪل ۾، ڪيڊٽ ڪاليجن جي صورت ۾، آرمي، ڪنٽومينٽ، پي اي ايف بورڊ اسڪولن ۽ اعلى معيار جي اميراڻن اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي صورت ۾، پاڪستان جي ٺهڻ بعد غريبن ۽ پورهيتن جي ٻارن جو تمام وڏو تعداد اسڪولن کان ٻاهر رهيو، (6.4 ملين 5 کان 9 سالن جي عمر جا ٻار، 2007 ۾) اهو خال اڃا تائين ديني مدرسن طرفان ڀرجي رهيو آهي، 70 جي ڏهاڪي کان. هن وقت اهو طبقاتي تعليمي نظام صرف فوج، بزنس اسڪولن، انجنيئرنگ ڪاليجن ۾ ئي رائج نه آهي پر صحت جهڙن سوشل سروسز شعبن ۾ به اهو داخل آهي، ته جيئن اميرن جا ٻار اعلى صحت جي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪن ته جيئن اميرن کي بهترين صحت جون سهولتون مهيا هجن، پرائيويٽ ۽ مهانگن صحت جي ادارن ۾ ۽ غريبن کي غير معياري عوامي اسپتالن ۾ جانورن جيان تپاسيو وڃي، غير سائنسي ۽ ڪريل درجي جي علاج جي رحم ڪرم تي، عطائي ڊآڪٽرن جي رحم تي. اهڙي طريقي سان غريب ۽ محنت ڪش ٻنهي زخمن جو شڪار بڻجي ٿو، صحت جو به ته تعليم جو به، جيڪي ڪنهن به سڌريل رياست جون ٻه اهم ذميواريون هونديون آهن. ان بعد ٻين سروس سيڪٽرز کي اسان ڏسون، تعليمي شعبي جي باري ۾ اوهان هن مضمون مان گهڻو ڪجهه سمجهي چڪا هوندا، پوليس، فوج، عدليه ۽ وڪيل وغيره انهن مان اهڙو ڪهڙو شعبو آهي جيڪو غريبن جي لاءِ قائم هجي، پوليس، توڙي عدليه جو ڪم ئي سرمائيدار ۽ امير طبقي جي حفاظت ڪرڻ آهي، ماڻهن کي پنهنجن حقن گهرڻ کان روڪڻ آهي، پوليس کائي ته عوامي ٽيڪسن مان پگهارون ٿي، پر حفاظت وري به اميرن جي مال جي ڪري ٿي اهڙي نموني پڙهندڙ طبقاتي سماج جي ٻين ادارن بابت پاڻ سمجهڻ جي ڪوشش ڪن.
(ڪميونسٽ پارٽي، ڀڳت سنگهه ۽ هندستان ۾ برطانيه خلاف ٻيون سوشلسٽ تحريڪون ۽ نالا دراصل هندستان ۾ سوشلزم جي طرف قدم ئي هيون جن کي برطانيا چٿڻ لاءِ ورهاڱي جو ڍونگ رچايو، اڄ به آمريڪي سامراج اهڙي حڪمت عملي تحت ئي پاڪستان پويان هٿ ڌوئي پيل آهي، افغانستان ۾ جنگ جي ناڪامي کان پوءِ ڏکڻ ايشيا ۽ ڀر وارن علائقن تائين استحصالي دائرن کي وڌائڻ لاءِ وٽس ڪهڙا طريقا رهيل آهن؟
حصو ٽيون
طبقاتي تعليمي نظام جو نتيجو:
جيئن ته اسان ڏسون ٿا ته جيئن اسان کي مارڪسزم سيکاري ٿو ته هڪڙين شين کي ٻين کان الڳ ڪري نه ٿو سمجهي سگهجي، پر شين کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان انهن جو ٻين شين سان تعلق کي سمجهون، اسان هاڻي هڪ مفصل بحث کان پوءِ تعليمي سرشتي مان اخذ ڪيل نتيجن تي ڳالهائينداسين.
ڪيترائي والدين پنهنجي ٻارن جي تعليم جا خرچ برداشت نه ٿا ڪري سگهن، تمام ٿورڙا والدين پنهنجن ڇوڪرن توڙي ڇوڪرين کي ٻهراڙين ۾ اسڪول موڪلين ٿا، ڇو ته ان سان ڪي به مالي فائدا ٿيڻ وارا نه آهن جو هو ٻارن کي خاص ڪري ڇوڪرين کي اسڪول ۾ پڙهائين، اهو هڪ سڌو سبب آهي تعليم جي اهميت گهٽجڻ جو. جنهن جي ڪري معاشري ۾ وڌيڪ جهالت ڦهلجي ٿي.
تعليم طرف حڪمران طبقي جو طرز عمل: پاڪستان ۾ تعليم کاتي لاءِ انتهائي ڪريل بجيٽ جو سبب حڪمران طبقي جو عوام ڏانهن اهڙو رويو آهي، پاڪستان ۾ تعليم تي بجيٽ جو تقريباً 2 سيڪڙو رکيو وڃي ٿو، ان مان به 80 کان 85 سيڪڙو حڪمران طبقي جي تعليمي ادارن جهڙوڪ پائليٽ اسڪولن، وڏن پرائيويٽ اسڪولن کي ڏنو وڃي ٿو، باقي پندرهن ويهه سيڪڙو سرڪاري اسڪولن تي خرچ ڪرڻ لاءِ رکيو وڃي ٿو، پر ان مان به تعليم کاتي جي آفيسر شاهي وڏو حصو ڪرپشن ذريعي ڪڍي وٺي ٿي، اهي سڀ حقيقتون هڪ پاسي پر تعليم تي تازو ئي هڪ ٻيو وار ڪيو ويو آهي، موجوده بجيٽ ۾ تعليم تي ٿيندڙ خرچن کي گهٽايو ويو آهي. اهڙي آفيسر شاهي، جيئن ته پاڪستان ۾ صنعتي انقلاب مڪمل طور تي نه اچي سگهيو، جنهن ڪري اها جاگيردارن تي مشتمل آهي، ان آفيسر شاهي مان ڪافي سڌي طرح جاگيردار بيڪ گرائونڊ رکن ٿا، جاگيردار فطري طور محسوس ڪن ٿا ته ٻهراڙي علائقن کي مسلسل نظرانداز ڪرڻ کين انهن علائقن مٿان ضابطي ۾ مدد ڪري ٿو. ماضيءَ جي تعليمي پاليسيءَ تعليم کي صنعتي بنياد مهيا ڪرڻ ۾ ڪوشش ورتي، ڪيترائي پولي ٽيڪنڪ ۽ ڪمرشل ڪاليج پوري ملڪ ۾ کوليا ويا، پر هاڻي معاشي بحرانن، صنعتن جي بند ٿيڻ توڙي رياستي خسي پڻي جي ڪري صورتحال اها آهي جو اسان جي سامهون ٽيڪنيڪلي ماهرن جي خوفناڪ بيروزگار فوج اڳيان آهي.
حڪمران طبقي جي تيار ڪيل تعليمي اشرافيه: حڪمران طبقو پنهنجن ٻارن کي اعلى تعليم لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن نوان ڪورس سکڻ لاءِ تمام وڏو پئسو خرچ ڪري موڪلي ٿو، جڏهن هو واپس ورن ٿا ته کين اعلى عهدن ذريعي محڪوم عوام مٿان ٿاڦيو وڃي ٿو ۽ اسان کي نتيجا ملڻ جي بجاءِ انهن جي اعلى شخصيت ۽ علمي دٻدٻو ۽ حڪمران نفسيات سامهون ملي ٿي، جن جو مقصد وري به وڌ کان وڌ دولت ڪمائڻ رهي ٿو ۽ ان جو تاريخ ۾ مڃيل طريقو استحصال ۽ ظلم ڪرڻ ئي آهي.
نصاب جو خصي پڻو: هر نصاب کي عالمي، ملڪي، سماجي توڙي عوامي ضرورتن کي نظر ۾ رکي ٺاهيو ويندو آهي، وقت سان گڏ شين ۾ تبديلي نصاب جي تبديليءَ جي به تقاضا ڪندي آهي، پاڪستان جو تعليمي نصاب اڃا سوڌو جاگيرداراڻي طرز عمل توڙي مذهبي جمود جي عڪاسي ڪري ٿو. جنهن ۾ اسان کي سماجي حقيقتن جو ڪٿي به ذڪر نه ملندو.
عورتن خلاف روايتي مت ڀيد: هر تعليمي پاليسي عورتن کي اڳتي آڻڻ لاءِ اعلان ڪندي آهي پر پريڪٽيڪلي ڪجهه ناهي ٿيندو، جيتوڻيڪ اهو عمل پرائمري سطح تي به نظر اچي ٿو. تعليمي ادارن ۾ داخلائون آباديءَ جي واڌاري واري تناسب جي نسبت گهٽجنديون رهن ٿيون. صرف 1.4 سيڪڙو ڳوٺاڻيون ڇوڪريون پرائمري تعليم مڪمل ڪري سگهنديون آهن، بلوچستان ۾ اهو انگ 0.6 سيڪڙو آهي، پنجاب جي اعلى ڪارڪردگي به 11.4 سيڪڙو آهي.
سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعليم ڏانهن عدم توجهي: سرمائيداري جو هي دور سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو دور آهي، پر پاڪستان ۾ نه صرف ٽيڪنيڪل سائنسي علمي ادارا ڏينهون ڏينهن پنهنجي اهميت وڃائي رهيا آهن پر انهن مان پيدا ٿيل ماهرن کي پڻ روزگار جو مسئلو ڳنڀير نموني درپيش آهي.
غير موثر امتحاني طريقو: هن وقت سال ۾ هڪ ڀيرو امتحان ٿئي ٿو، جنهن ۾ شاگرد يا پاس ٿئي ٿو يا فيل، امتحان ۾ پاس يا فيل ٿيڻ وارو نتيجو شاگرد تي سموري زندگي اثر انداز ٿيندو رهي ٿو، فيل ٿيڻ جي صورت شاگرد جي زندگيءَ ۾ نه صرف فرسٽريشن ۽ انفيريارٽي کي جنم ڏئي ٿي پر شاگرد ۾ احساس ڪمتري جي ڪري معاشري ۾ بري نظر سان پڻ ڏٺو وڃي ٿو.
تدريسي ٻولي: ٻاهرين ٻوليءَ ۾ تعليم شاگرد تي زخم جو عمل آهي، جيڪو انهن تي دٻاءُ وجهي ٿو ته هو وقت جو گهڻو ڀاڱو ٻوليءَ جي سکيا ۽ ان کي ياد ڪرڻ تي لڳائي ڇڏين، اهڙي نموني جيڪو شروعاتي معاشرتي تربيت لاءِ شاگرد کي وقت گهربل هيو اهو هاڻي صرف ٻولي سکڻ تي لڳائي ڇڏي ٿو. شاگردن کي سندن مادري ٻوليءَ ۾ سکيا کين ڄاڻ کي جلد حاصل ڪرڻ توڙي پراسيس ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿي. ان بعد ٻي ٻوليءَ کي شروع ۾ بطور سبجيڪٽ پڙهائڻ ضروري آهي، نه ڪي سمورن سبجيڪٽن کي ان ٻوليءَ (ميڊيم) ۾ پڙهائڻ گهرجي.
پاڪستان ۾ گذريل 8 سالن کان تعليمي نتيجا غير مثبت اچي رهيا آهن. اعلى درجي جي تعليم (هائر ايجوڪيشن) ۾ پارٽيسيپيشن ريٽ (داخلائون) ٻين پاڙيسري ملڪن جي نسبت ڏينهون ڏينهن گهٽبو پيو وڃي، (اها عالمي حقيقت آهي پر پاڪستان ۾ اسان ان وڌيڪ چٽي نموني ڏسي سگهون ٿا) هيٺين سطح تي تعليم جي معيار جا، اسٽاف جا، شاگردن جا، لائبريري ۽ ليبارٽري جا مسئلا وڏي پيماني تي موجود آهن. اڄ به پوري ملڪ ۾ هزاري اسڪول بند پيل آهن، ڪيترائي وڏيرن جون اوطاقون يا گودام يا مال جا واڙا بڻيل آهن، ٻئي پاسي ڪيترن ئي اسڪولن ۾ سهولتون ئي ڪون آهن، بجلي، ڊيسڪون، استاد، پاڻي، باٿ روم، ايتري قدر جو سوين اسڪولن کي اڃا بلڊنگ ئي ڪونه آهي، هزارين اهڙا علائقا آهن جتي اسڪول جو نالو نشان به ڪونه آهي، وڏيرن يا چوڌرين جا ٻار ئي اسڪوٽرن وغيره تي ڀر واري شهر ۾ تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا باقي ٻئي عوام جو خير. ٻئي پاسي بحال اسڪولن ۾ سماجي گهرجن، تحقيق جي سهولتن، مالياتي بحرانن، آرٽ جي شعبي ۾ وڌيڪ شاگرد هجڻ ۽ سائنس جي شعبي ۾ گهٽ هجڻ، امتحانن جون ڪمزوريون، انهن سڀني شين جو جائزو اسان اڳيان تعليمي نظام جي تباهي جي نشاندهي ڪري ٿو. اهڙي تباهي جي ڪري، سماجي شعور پست پڻ ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ سماج يا ته مذهبي انتها پسندي ڏانهن لاڙو رکي ٿو يا، پير مرشد، ڌاڳو ڦيڻو، درگاهه ۽ قبرن ڏانهن مسئلن جي حل لاءِ رابطو ڪري ٿو ۽ اها ئي حڪمران طبقي جي مرضي هوندي آهي، ڇو ته جاهل ماڻهن تي حڪومت ڪرڻ وڌيڪ آسان هوندي آهي، انهن کي ٺڳڻ پڻ آسان.
جديد گلوبلائيزيشن جي نتيجي طور، سموري معاشياتي، ملڪي توڙي عالمي ليول تي پاڻ ۾ تمام گهڻو ڳنڍجي وئي آهي، ان صورتحال ۾ تعليم هڪ تمام اهم ۽ بنيادي مامرو بڻجي چڪي آهي، ڇو ته تعليم ٿلهي ليکي زندگيءَ جي معيارن کي بهتر بڻائي سگهي ٿي، ان ۾ تخليقي عنصرن کي شامل رکي ٿي، جنهن ڪري اها عورتن ۽ مردن کي ڪجهه موقعا مهيا ڪري ٿي، انهن کي رنگ، نسل، ذات، مذهب ۽ قوم کان بالا تر ڪري سگهي ٿي. پر اسان ڏسون ٿا ته هن سرمائيداري نظام ۾ پنهنجون (سرمائيداراڻي نظام جون) ضرورتون پوريون ڪرڻ جي سگهه به نه رهي آهي، جديد سائنسي دور جي تقاضا اها آهي ته وڌ کان وڌ سائنسي بنيادن تحت فرد پيدا ڪيا وڃن، پر اسان ڏسون ٿا ته انهن فردن جو تعداد به ڏينهون ڏينهن گهٽجندو رهي ٿو، جنهن کي اسان مٿي وڏي مڇي ننڍي مڇيءَ کي کائي واري مثال ۽ تفصيل ۾ ڏسي آيا سين.
پبلڪ سيڪٽر ايجوڪيشن سسٽم جي تباهيءَ جي ڪري اسان جو سماج، سماج جي تباهه حاليءَ طرف وڃڻ جو ڏيک ڏئي رهيو آهي. اهي شاگرد جيڪي سرڪاري اسڪولن يا مدرسن مان تعليم مڪمل ڪري اچن ٿا سي انهن شاگردن سان مقابلو نه ٿا ڪري سگهن جيڪي پرائيويٽ سيڪٽر جي اسڪولن مان تعليم پرائي اچن ٿا (اسان ڏٺو سين ته اهڙن وڏن اسڪولن جي شاگردن ۾ پڻ گهٽتائي اچي ٿي)، جن کي اهڙي بهترين تعليم مهيا ڪئي وئي آهي جنهن کي پئسو خريد پئي ڪري سگهيو. تنهن ڪري پبلڪ سيڪٽر مان پڙهيل شاگرد پوئتي ئي رهجي وڃن ٿا، يا ته بيروزگاري جي صورت ۾ يا گهٽ معيار واري نوڪري جي نتيجي ۾ ۽ نئين جڙيل معاشي مارڪيٽ ۾ انهن جو رول نه برابر رهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ طبقاتي فرق گهٽجڻ بجاءِ وڌندو رهي ٿو ۽ آخري تجزيي ۾ سماج وڌيڪ بدحاليءَ ڏانهن قدم ڀري ٿو.
هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ توڙي پيچيده معاشي نظامن واري دور ۾ اسان جي تعليم ڪنهن به سطح تي ان جدت ڀرئي دور لاءِ کيپ پيدا نه ٿي ڪري سگهي، پر الٽو اسان جو تعليمي نظام سڀني طبقن ۾ معيار جي حوالي سان ڪرندو رهي ٿو، اسان اڃا بنيادي تعليمي ٻولي جو مسئلو حل نه ڪري سگهيا آهيون، جديد نصاب ۽ تدريسي طريقا اهڙا آهن جيڪي جديد دور سان بلڪل هم آهنگ نه آهن.
وڌندڙ دهشتگردي ۽ بنياد پرستي جيڪا هن سرمائيداري نظام مان پيدا ٿي ان لاءِ ئي آزار بڻجندي پئي وڃي، پر هن حوس ڀرئي سرشتي ۾ ٻنهي جو گڏ هلڻ به لازمي آهي، اهڙا تضاد ترقي بجاءِ تباهي کي جنم ڏين ٿا. اهو عمل وڏي پيماني تي عام ماڻهو جي زندگي کي مفلوج بڻائي ڇڏي ٿو، پڻ طبقاتي تعليمي نظام جو نتيجو به آهي، غير مراعت يافته نوجوان جن کي رياست طرفان نظر انداز ڪيو ويندو آهي سي انتهاپسندن جي ور چڙهي ويندا آهن، جيڪي کين مذهب جي نالي تي انتهاپسنداڻي تربيت مهيا ڪن ٿا، پر افسوس ان عمل ۾ ٻنهي پاسن کان رياست جو ڪردار اهم هوندو آهي، مطلب هڪ پاسي کان ته سماج جي وڏي حصي کي بنيادي سهولتن کان محروم رکي ٿي ۽ ٻئي پاسي انهن انتها پسند تنظيمن کي پنهنجي مفادن خاطر استعمال ۾ آڻڻ لاءِ هٿي وٺرائي ٿي ته هو اهڙن بيروزگار نوجوانن کي پنهنجي چمبي ۾ ڦاسائين.
پاڪستان جو بدحال تعليمي نظام اڄ جي دور ۾ سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي، معياري تعليم جو نه هجڻ معاشي بدحاليءَ کي جنم ڏئي ٿو، ۽ پوءِ موجوده معاشرتي نظام جي شيطاني چڪر ۾ معاشي بدحالي وري غير معياري تعليم کي جنم ڏئي ٿي، اهڙي نموني اهڙي شيطاني چڪر جو نتيجو مسلسل معاشي توڙي تعليمي تباهي جو نه کٽندڙ سلسلو جنم وٺي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان انتهاپسندن جو شڪار بڻجن ٿا، ورلڊ بينڪ موجب پاڪستان جي اڌ آبادي پڙهي به ڪانه ٿي سگهي، پرائمري تعليم جي تڪميل سائوٿ ايشيا ۾ سڀ کان گهٽ آهي، هن وقت تعليمي نظام انتهائي گهٽ سيڙپ ڪاري، ٿيل سيڙپ ڪاريءَ ۾ به ڪرپشن، معياري تعليمي ڍانچي جو فقدان توڙي مدي خارج نصاب تعليمي تباهيءَ جا بنيادي سبب آهن. ۽ اهي سمورا سبب هن سرمائيدار سماج جا پيدا ڪيل آهن جنهن جو بنياد منافعي جي حوس، انفراديت پسندي آهي. انهن جي حل لاءِ ضروري آهي ته هن سماج کي ئي پاڙ کان پٽي اڇلايو وڃي ان جي جڳهه تي هڪ نئون نظام رائج ڪجي.
سوشلسٽ انقلاب:
اسان کي اهڙي انسانيت دشمن نظام کي شعوري طور عملي دخل اندازي ڪري تبديل ڪرڻ گهرجي، ڇو ته ڪو به باشعور فرد هن سرمائيداري سماج جي ڪک مان ڦٽل بکن، بدحالين، غربتن، بيمارين ۽ ان جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل برائين، بد اخلاقين، انتهاپسندين، جنگين، قتلن، کي قدرتي عمل قرار نه ٿو ڏئي سگهي، ۽ نه ئي هو اهڙين خونريزي تباهه ڪارين کي پاڻ مرادو ختم ٿيڻ جو سوچي سگهي ٿو ته اهي سموريون برايون پاڻ مرادو ختم ٿي وينديون، اهڙي صورتحال ۾ اسان وٽ خاص ڪري نوجوانن وٽ ٻه رستا بچن ٿا، هڪ ته خاموش تماشائي بڻجي اهڙي غليظ ۽ ڪريل تباهيءَ کي ڏسندا رهون يا ان کي ختم ڪرڻ لاءِ عملي ميدان ۾ اچون، پنهنجي ايندڙ نسلن توڙي سموري انسانيت لاءِ هڪ عظيم ڪارنامو سرانجام ڏيون، اهڙي انسانيت سوز نظام کي هڪ منظم انقلاب سان ختم ڪرڻ ئي ضروري ۽ آخري حل آهي، اهو ظلم استحصال ۽ ان جي نتيجي ۾ تعليم جو موجوده ڪردار ڪو اهڙو عمل نه آهي جنهن کي هن سرڪار لاڳو ڪيو هجي، نه ئي اهو گذريل سرڪار جا ڪرتوت آهن، اهو سمورو ڪجهه ٻين جنگ عظيم ۽ ان کان به اڳ جو طبقاتي معاشرتي ورهاست جو نتيجو آهي. ۽ پوري دنيا ۾ ڦهليل آهي ان ڪري ان کي هڪ عالمي سوشلسٽ انقلاب کان سواءِ بدلائي نه ٿو ڪري سگهجي. اهو سوشلسٽ انقلاب جيڪو اجتماعيت تي مشتمل هجي، اشتراڪيت تي بيٺل هجي، ۽ اهڙو نظام بنيادي پيداواري ذريعن توڙي طريقن جي مقصد کي تبديل ڪرڻ کان سواءِ ممڪن نه آهي، جتي شيون منافعو ڪمائڻ لاءِ نه پر سماجي بهتريءَ توڙي ترقيءَ لاءِ ٺاهيون وڃن. اهڙي تبديليءَ واري عمل کي انقلاب چئجي ٿو، اهڙو انقلاب جيڪو منافعا خوري کي ختم ڪري، اشتراڪيت کي هٿي وٺرائي ان کي سوشلسٽ انقلاب چئجي ٿو، جنهن جو منظم ڏس اسان کي ڪارل مارڪس ڏنو جنهن جو بنيادي نقطو انساني ترقي ۽ سماجي ترقي آهي، ان لاءِ جدلياتي ماديت هڪ اهم هٿيار آهي جنهن تحت شين کي سائنسي بنيادن تحت سمجهي سگهجي، جيڪا سڌي طرح فطري قانونن تحت آهي. هن انقلاب جي راهه ۾ وڏي رڪاوٽ هن وقت سرمائيدار ۽ حڪمران طبقو آهي ۽ ان سان سلهاڙيل ان جي پيدا ڪيل مذهبي انتهاپسندي. ۽ جيئن ته هي سموريون برايون پوري دنيا ۾ ملن ٿيون ان ڪري اهڙو انقلاب به پوري دنيا ۾ هجڻ اڻ ٽر عمل آهي. اهڙو انقلاب هڪ نئين سوشلسٽ نظام جو بنياد وجهندو، جنهن جا ظاهر آهي ٻين طريقن وانگر تعليمي طريقا به الڳ هوندا. هاڻي اسان اهڙن سوشلسٽ تعليمي طريقن تي بحث ڪنداسين.
سوشلسٽ تعليمي نظام:
جيئن ته اسان مفصل نموني موجوده تعليمي نظام تي ۽ ان جي تاريخ تي بحث ڪري آيا سين، اسان ڏٺو سين ته تعليمي سرشتي جو بنياد پيداوار جا سماجي طريقا ۽ ان جون ضرورتون آهن، هن وقت تعليمي نظام طبقاتي تعليمي نظام آهي، جتي اميرن لاءِ الڳ ۽ وڏا تعليمي ادارا، پورهيتن لاءِ الڳ ننڍا غير معياري تعليمي ادارا، ظاهر آهي سوشلسٽ سماج ۾ اهو تعليمي نظام غير طبقاتي ۽ غير امتيازي نظام هوندو.
سڀ کان اڳ ۾ طبقن جو خاتمو ئي غير طبقاتي تعليمي نظام جو سبب بڻجندو. ان غير طبقاتي سماج لاءِ ضروري آهي ته ملڪيت جي تصور، ذاتي حوس ۽ لالچ جو خاتمو ڪجي، جيڪا استحصال توڙي ظلم کي جنم ڏئي ٿي. يعني ذاتي ملڪيت توڙي پيداواري ذريعن کي سماجي ملڪيت قرار ڏنو وڃي، جنهن تي سڀني انسانن جو گڏيل حق هجي، اهڙي تبديلي اک ڇنڀ ۾ ته ڪونه ايندي، ان لاءِ سماج ۾ ڪي سائنسي طريقي ڪار واضع ڪيل آهن، ۽ ٿيندا رهن ٿا، ته ڪيئن سماج کي انفراديت مان ڪڍي اشتراڪيت ۾ آڻجي. جنهن لاءِ مارڪسزم جي ڄاڻ اوهان کي تمام گهڻو فائدو رسائيندي.
اهڙي اشتراڪيت لاءِ توڙي اهڙي اشتراڪيت ۾ تعليم جو مقصد انفرادي حوس ۽ دولت جي حوس بجاءِ اجتمائي خوشحالي ۽ انسانيت جي ڀلائي هجڻ هجي، اهڙي اشترياڪي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ نصاب به اهڙي قسم جو جوڙجي. اهڙي نصاب ۾ سماج کي انفراديت مان ڪڍڻ لاءِ (جنهن جو بنياد شين جو جامد تصور به آهي) نصاب کي سائنسي پسمنظر ۾ جوڙجي، جتي شين ۾ مسلسل تبديلي ۽ ترقي ٿيندي رهي ٿي. تضادن جو ٽڪراءُ ترقيءَ کي جنم ڏئي ٿو ۽ اهو عمل اڻ کٽ آهي. تاريخ ۾ اسان کي ڪا به اهڙي شي نه ٿي ملي جنهن ۾ وقت سان گڏ تبديلي نه ٿي هجي. ان ڪري عقل ڪل، ڪائناتي فهم، نه تبدييل ٿيندڙ اصول وغيره بي معنى آهن، ان جي ڀيٽ ۾ نصاب جو مقصد تخليقي صلاحيتون پيدا ڪرڻ هجي، اهڙيون صلاحيتون پيدا ڪرڻ جيڪي هميشه تخليق جو اهڃاڻ هجن.
تعليمي طريقو:
طريقو ڪهڙو هجڻ گهرجي اهڙي غيرطبقاتي تعليمي نظام تحت پڙهايو ويندڙ جديد ۽ سائنس سان هم آهنگ تعليمي نصاب پڙهائڻ جو جيڪو اشتراڪيت ۽ اجتماعي شعور کي هٿي وٺرائي. اهو طريقو به سائنسي هجڻ گهرجي، جيئن ته اسان ڄاڻو ٿا ته ڪائنات ۾ هر شي هر وقت تبديلي ۾ آهي، ڪا به شي جامد نه آهي، هر شي تحرڪ ۾ آهي اهو تحرڪ ترقي کي جنم ڏئي ٿو، شيون پنهنجن ضدن ۾ تبديل ٿينديون رهن ٿيون، جيڪو ڪجهه ڪلهه سچ هو اڄ غلط آهي، جيڪو اڄ غلط آهي ڪلهه سچ هو يا سڀاڻي وري سچ ٿي سگهي ٿو. تعليم جو اهو بنيادي نقطو آهي جنهن کي هن سماج ۾ مسلسل نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. اڄ جو نصاب توهان کي جامد پڻي جي تصوير لڳندو، ظاهر آهي اهڙو جامد پڻو جنهن ۾ تخليق يا تنقيد جي گنجائش نه هجي سو پنهنجن پيرن تي ئي ڪري ڊهي پوندو، اڄ پڙهائي ويندڙ تعليم به ان طريقي جي غمازي ڪري ٿي، اهڙي طريقي کي بينڪنگ تعليمي نظام چيو وڃي ٿو، جنهن ۾ شاگرد کي خالي ذهن تصور ڪيو وڃي ٿو ۽ استاد جو ڪم آهي ان خالي ذهن کي ڀرڻ، يعني استاد سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، شاگرد ڪجهه به نه، شاگرد کي تنقيد ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي، اهڙو طريقو يا نصاب تخليق يا ترقي جي بجاءِ جامد پڻي کي ئي جنم ڏئي ٿو. ان جي ڀيٽ ۾ هڪ ٻيو طريقو به آهي جنهن کي “مسئلو بڻائي پيش ڪئي ويندڙ تعليم“ جو طريقو چئجي ٿو. جنهن طريقي ۾ هڪ ئي وقت شاگرد توڙي استاد ٻئي سکن به ٿا ته سيکارين به ٿا، يعني اهو هڪ مشترڪه عمل هجي ٿو. جنهن ۾ استاد پاڻ به سکندو رهي ٿو، ۽ شاگرد سکڻ سان گڏ استاد کي سيکاريندو به رهي ٿو. اهڙي تعليمي طريقي ۾ شين جي تضادن کي پيش ڪيو ويندو آهي، ان جي مسئلن کي پيش ڪيو ويندو آهي، مثال فلاڻي شي جي جدلياتي تاريخ هي آهي، ان ۾ فلاڻن ماڻهن هي تبديليون ڪيون جيڪي هيتريون ڪارگر ٿيون باقي هاڻي ان شي ۾ فلاڻا مسئلا باقي آهن، جيڪي توهان ۽ اسان کي حل ڪرڻا آهن، اهڙي طريقي سان شاگردن ۾ توڙي استادن ۾ تخليقي صلاحيت ۾ بي پناهه واڌارو ٿيندو رهندو، جنهن سان سماج ۾ سائنسي شعور جو ٻج وڌندو رهندو. اهڙي تعليمي طريقي ۾ پوءِ امتحان وغيره بي معنى رهجيو وڃن ٿا. هتي استاد شاگرد جو رشتو باهمي يا اشتراڪيت واري سکيا تي پهچي ٿو. ظاهر آهي اهڙي طريقي ۾ طبقاتي نظام ختم هجڻ ڪري مساوي بنيادن تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو وڏو ڪردار هوندو، سائنسي ليبارٽريون، جديد تدريسي اوزار جهڙوڪ ڪمپيوٽر وغيره ان ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا.
اختتام ۽ تعليم ۽ انقلاب:
مٿي اسان ڪجهه اهڙين مسئلن تي بحث ڪيو سين جيڪي هن سماج ۾ هر هنڌ ملن ٿا، انهن جي سماجي بنيادن تي بحث ڪيون سين جتان اهي مسئلا پيدا ٿيا، پوءِ انهن جو متبادل پيش ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي سين ۽ ڏٺو سين ته شيون هڪ ٻئي کان ڪٽيل يا الڳ نه آهن پر پيرلل ۽ متوازي نموني پاڻ ۾ ئي جهيڙينديون رهن ٿيون ۽ انهن ۾ ترقي ايندي رهي ٿي، هاڻي اهو سوال ته جديد تعليم انقلاب جو سبب بڻجندي يا انقلاب جديد تعليم جو سبب بڻجندو، جو جواب به اسان اهڙي متوازي نموني ڏسون ٿا، ٻئي شيون گڏ آهن، توهان کي انقلاب کان اڳ پاڻ ۾ جديد تعليم کي رائج ڪرڻو پوندو، ظاهر آهي اهڙي قسم جي تربيت يا جدلياتي تعليم سرڪاري سا سرمائيداراڻي طرز جي تعليمي ادارن ۾ ته ڪونه ملندي، ان لاءِ انقلابي پارٽي يا تنظيم هوندي آهي جيڪا اهڙن نظرين جو پرچار ڪندي آهي، ماڻهن ۾ شين توڙي مسئلن کي سمجهڻ لاءِ صحيح جدلياتي طريقو پکيڙيندي آهي، اهڙو طريقو انقلابي پارٽي پاڻ پنهنجي اندر به رائج ڪندي آهي، تنظيم ۾ شامل ٿيندڙ نون دوستن کي ان جي باقائده تربيت ڏني ويندي آهي جيڪا جدلياتي بنيادن تي هوندي آهي، اهڙي تربيت تحت سماج ۾ انقلابي شعور پيدا ٿيندو آهي، ۽ اهو شعور عمل جي صورت اختيار ڪري هن فرسوده ۽ انسان دشمن طبقاتي ۽ سرمائيداراڻي سماج کي تهس نهس به ڪندو ته وري نئين سماج ۾ وڏي پيماني تي اهڙي تخليقي صلاحيت رکندڙ تعليمي سرشتي کي به رائج ڪندو
- ↑ "تعليم ۽ انقلاب". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2024-02-29.