تسميه

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ثلث لپي ۾ لکيل بسم الله الرحمن الرحيم

تسميه يا بسم الله (انگريزي: Tasmiya ) بسم الله الرحمن الرحيم ( شروع الله جي نالي سان جيڪو رحمان ۽ رحيم آھي) جي فقري لاء ھڪ عربي نالو آهي. جنھن کي سنڌي يا اردو ۾ بسم الله چوندا آهن. اھو فقرو قرآن شريف جي پھرين سورة الفاتحه جي پھرين آيت آهي. ۽ سورة التوبہ کي ڇڏي ڪري باقي سڀني سورتن جي شروعات ۾ پڙھيو ويندو آهي[1]. قرآن شريف جي ھر حصي جي تلاوت جي شروعات کان اڳ پڻ پڙھيو وڃي ٿو. مسلمانن جو خيال آهي تہ بار بار تسميه پڙھڻ سان شيطان دور ٿيندو آهي. ابجد مطابق ان فقري جو انگ 786 آھي. ھر ڪم جي شروعات ۾ ان جو پڙھڻ برڪت وارو سمجھيو ويندو آھي. ھڪ حديث جي مفھوم مطابق جيڪو بسم الله خوبصورتي سان لکندو ان کي کوڙ نعمتون ملنديون[1]. ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي آئين جي شروعات ھن فقري سان ٿئي ٿي جن ۾ پاڪستان، افغانستان، ايران، بحرين، بنگلاديش، برونائي، متحده عرب امارات، مصر، عراق، ڪويت، لبيا، تيونس ۽ مالديپ شامل آهن. خطاطي ۾ بہ ان جو خوبصورت استعمال ٿيندو آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 - Encyclopedia of Islam- Juan E. Campo J. Gordon Melton, Series Editor-: Facts On File, Inc. An imprint of Infobase Publishing 132 West 31st Street New York NY 10001 - pages# 94,