ترگنيف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

روسي اديب ترگنيف (1883ع-1818ع)، جنهن پنهنجي عمر جو اڌ عرصو ڪنهن طرح بي وطنيءَ ۾ گذاريو هو، پنهنجي روسي ٻوليءَ لاءِ هڪ موقعي تي هن چيو هو: ”جڏهن به مان شڪ ۾ ويڙهجي وڃان ٿو، جڏهن به پنهنجي ملڪ تي ويچاريندي منهنجو من لرزجي ٿو، تڏهن او منهنجي عظيم، سگهاري، سچار، آزاد روسي ٻولي! تون ئي مون کي ڏڍ ڏئين ٿي ۽ مون کي بچائين ٿي. جي تون نه هجين، ته پڪ ئي پڪ، جو ڪجهه منهنجي وطن تي وهي واپري رهيو آهي، اُن کي ڏسي، آءٌ هوند ڊهي، بنهه پٽ اچي پوان!“

ترگنيف جو لاش جڏهن ٽيهن سالن جي غريب الوطنيءَ کان پوءِ روس جي مٽيءَ ۾ پورجڻ لاءِ پئرس مان وڃي رهيو هو، تڏهن مشهور فرينچ اديب، فلاسافر ۽ تاريخدان رينان اٿي چيو هو: ”ترگنيف کان وڌ دنيا ۾ اڄ ڪو شخص ڪونهي، جو هڪُ پنهنجي سڄيءَ قوم جو ترجمان بڻجي سگهيو هجي! هُن جي وڏن جا ڪيئي خاموش نسل، جيڪي صدين جي ننڊ ۾ ٻُڏل هئا، اُنهن کي به هِن جي ذريعي آواز مليو آهي، ۽ اُهي وري زندهه ٿيا آهن.“ سچ پچ، ٻولي قومن جو آبِ حيات آهي- انساني روح جو سدا تازو، ڀريو ڀاڳيو، پاڪ چشمو، جنهن ۾ ماڻهو پنهنجو ماضي گڏ ڪري رکن ٿا، ۽ پنهنجي تمنائن جو، ڄاڻ جو، تجربي جو ۽ اڳ- ويچار ۽ پروڙ جو عڪس ڏسن ٿا، ۽ اِهو سڄو ڪم سندن سگهڙَ، اديب ۽ شاعر ڪن ٿا. [1] [2]