ترفع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

'′′ترفع′′′ يا ′′′بلندي′′′ (Sublimity) بلند و بالا ، اتاهو، اوچو ادب، جيڪو پڙهندڙ يا ٻڌندڙ تي وجداني ۽ جذباتي ۽ تخليقي سطح تائين وٺي وڃي.يوناني نقاد لنجائنس (Longinus) پنهنجي مقالي جنهن کي انگريزي ءَ ۾ The Sublime چئجي ٿو، لکيو. سبلائيم کي سولي سنڌيءَ ۾ بلنديءَ جي باري ۾ يا ”ارفيت“ چئي سگهجي ٿو. لنجائنس جي خيال موجب عمدگي، بلندي يا ارفيت ماڻهوءَ جي طبيعت ۽ فن تي مدار رکي ٿي. فطرت طرفان ڏنل ڏات کي سکيا ۽مشق ذريعي وڌائي خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو، تنهنڪري شاعريءَ جي ڏات کي وڌائڻ لاءِ به لنجائنس هيٺيان 5 ذريعا ٻڌايا آهن؛ (i) سوچ جي بلندي (Grand Conception) (ii) جذباتي اتساهه حاصل ڪرڻ (Imitation or Inspiration) (iii) ٻوليءَ جي سونهن يا مثالن جو استعمال (The use of Figures) (iv) ٻولي يا عبارت (Diction or Words) (v) لفظن جي شاندار بيهڪ (Dignified Composition) [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي