تحليلي عددي نظريو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مخلوط ھموار سطح ۾ ريئمن زيٽا فنڪشنζيا s.

تحليلي عددي نظريو يا تفريقي عددي نظريو يا تجزياتي عددي نظريو (انگريزي: Analytic Number Theory ) عددي نظريي جو ھڪ قسم آھي. عددي نظريو خالص رياضي يا پيوئر ميٿميٽڪس جي ھڪ شاخ آھي. مشھور جرمن رياضيدان ڪارل فريڊرڪ گائوس (1777–1855) چيو ھو تہ " ميٿميٽڪس سڀني سائنسن جي راڻي آھي ۽ عددي نظريو ميٿميٽڪس جي راڻي آھي" ان عددي نظريي جي ھڪ شاخ جو نالو تحليلي عددي نظريو آهي جنھن ۾ سڄن انگن (integers) جي مسئلن يا حسابن کي حل ڪرڻ لاءِ حسابي تجزيي جي مدد ورتي ويندي آهي. تحليلي عددي نظريو انگن يا عددن جي خاصيتن کي جاچڻ متعلق خيال ڏئي ٿو ۽ مخصوص طريقي سان عددن جي سراسري ردعمل سان واسطو رکي ٿو[1]. ان نظريي کي حسابن کي حل ڪرڻ جي طريقن جي بنيادي فرقن مطابق ھيٺين ٻن حصن ۾ ورھائي سگھجي ٿو:

ضرب وارو عددي نظريو مفرد انگن (prime numbers) جي ورھاست سان لاڳاپيل آهي. جوڙ وارو عددي نظريو سڄن انگن (integers) جي جوڙ واري نموني سان لاڳاپيل آهي.

حوالا[سنواريو]

  1. ENCYCLOPEDIA OF Mathematics James Tanton, Ph.D.Facts On File, Inc. 132 West 31st Street New York NY 10001 Library of Congress Cataloging-in-Publication Data Tanton, James Stuart, 1966 -Encyclopedia of mathematics/James Tanton. p. cm. Includes bibliographical references and index. ISBN 0-8160-5124-0 1. Mathematics—Encyclopedia. I. Title. QA5.T34 2005 510′.3—dc22 2004016785- page# 13