مواد ڏانھن هلو

تجنيس ناقص

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تجنيس ناقص علمِ بديع جي لفظي صنعتن مان هڪ آهي، جنهن ۾ ٻه يا وڌيڪ لفظ لکڻ ۾ هڪجهڙا هوندا آهن، پر انهن جي اعراب (حرڪتن) ۾ فرق هوندو آهي، جنهن سبب سندن معنيٰ به مختلف ٿي ويندي آهي. اهڙي صنعت کي عربي بلاغت ۾ جناس جي قسمن مان شمار ڪيو ويندو آهي، جتي لفظن جي صوتي ويجهڙائي ۽ معنوي اختلاف ذريعي ڪلام ۾ حسن، رواني ۽ ادبي اثر پيدا ڪيو ويندو آهي.[1][2]

وَرَ ۾ ڪونهي وَرُ، ڏيرن وَرُ وڏو ڪيو.

مٿئين مصرع ۾ پهريون وَرَ (ر تي زبر) جي معنيٰ مڙس يا خاوند آهي، جڏهن ته ٻيو وَرُ (ر تي پيش) جي معنيٰ ڏِنگُ يا عيب آهي. ٻنهي لفظن جي صورت ساڳي آهي، پر اعراب جي تبديلي سبب معنيٰ مختلف ٿي وڃي ٿي، تنهن ڪري هي تجنيس ناقص جو مثال شمار ڪيو ويندو آهي.

ٻيو مثال:

جَتَنَ ڪيا جَتَنِ، آيا ڪي ايندا.

هن مثال ۾ جَتَنَ مان مراد ڪوششون آهن، جڏهن ته جَتَنِ مان مراد اوٺار آهن.

جناس جي روايتي عربي درجابندي موجب تجنيس ناقص، جناس تام کان مختلف آهي. جناس تام ۾ لفظ صورت، اکرن ۽ اعراب سميت مڪمل طور هڪجهڙا هوندا آهن، جڏهن ته تجنيس ناقص ۾ ٻن لفظن جي وچ ۾ ڪنهن نه ڪنهن لساني فرق، جهڙوڪ اعراب، حرف يا صرفي بناوت، جو اختلاف موجود هوندو آهي. اعراب جي فرق تي ٻڌل صورت کي عربي بلاغت ۾ جناس مُحرَّف پڻ چيو ويندو آهي، جيڪو تجنيس ناقص جي مشهور قسمن مان هڪ آهي. اهڙي صنعت شاعري ۽ نثر ۾ لفظي موسيقي، معنوي وسعت ۽ فني حسن پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي آهي.

حوالا

[سنواريو]
  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. Hussein Abdul-Raof, Arabic Rhetoric: A Pragmatic Analysis, Routledge, 2006.