تجنيس حرفي
تجنيس حرفي __(Alliteration):
”تجنيس“ عربي ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنهن جي لفظي معنيٰ آهي ”هڪجهڙو هجڻ، مطابقت هجڻ“ ۽ ”حرف“ جي لغوي معنيٰ آهي ”اکرن جي جنس“. تنهن ڪري ”تجنيس حرفي“ جو مطلب ٿيندو، ”اکرن جي هڪجهڙائي يا مطابقت هجڻ“. علم بيان ۾ ”تجنيس حرفي“ جو مطلب آهي، شعر جي ڪنهن مصرع ۾ ساڳئي يا هڪجهڙي اکر سان شروع ٿيندڙ ڪيترائي لفظ اچن. سنڌيءَ ۾ ورجاءُ به تجنيس ۾ شامل ٿئي ٿو، جنهن سان بيتن جي مضمون ۾ سهڻائپ، رنگيني، تسلسل ۽ هم آهنگي پيدا ڪجي ٿي. شاهه لطف الله قادري سڀ کان پهرين پنهنجي شاعريءَ کي وڌيڪ دلڪش بنائڻ لاءِ نئين ٽيڪنڪ وارڻ يا ورجاءُ جو استعمال ڪيو آهي. حسن حبيبن جو پسين جي هيڪار، ته توکي سڀ ڄمار، وڃي اڃ ورهن جي تجنيس جا خوبصورت مثال شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ ملن ٿا: ملهه مهانگو قطرو، سڪڻ شهادت اسان عبادت، نظر ناز پرينءَ جو! شاھ لطيف جي بيت جي هن سٽ ۾ اکر “ڪ” تجنيس حرفي طور ڪم آيل آهي. ڪن ڪٽ ڪاپپٽ ڪاپڙي، ڪنوٽيا ڪن چير[1]
حوالا[سنواريو]
- ↑ .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي