تجنيس تام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تجنيس تام __(Pun):

تام معنيٰ مڪمل. ڪلام ۾ ٻه اهڙا لفظ آندا وڃن، جي لکڻ توڙي پڙهڻ ۾ هڪجهڙا هجن. پر انهن جي معنيٰ مختلف هجي. مثال تجنيس تام: جا هَڙَ اَندَرُ جِيَّ، ساهَڙَ ڏِنِي ساهَ کي؛ سا هَڙَ ڇُڙي نه ساهَ جِي، سا هَڙَ ساهَڙَ رِيَّ؛ ساهَڙَ ميڙِ، سَمِيعَ! ته سا هَڙَ ڇُڙي ساهَ جِي. 🌱سُر سهڻي ۵‏:۱۴ هن بيت ۾ ساهڙ لفظ جون ٻه معنائون آهن: هڪ جي معنيٰ آهي ساهڙُ، يعني ميهار ۽ ٻيو لفظ آهي، سا، هَڙَ يعني اُها ڳنڍ. هن کي تجنيس لفظي به چئبو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي