تبصرو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تبصرو (Review) ڪنھن مسئلي، مضمون يا ڪتاب بابت پنھجا خيال ظاهر ڪرڻ. مضمون يا ڪتاب تي ڏنل راءِ. تبصرو عربي ٻوليءَ جي لفظ بصر ڏسڻ، سمجهڻ تان ورتل آهي، جنھن جي معنيٰ آهي خيال، ويچار، ڪنھن ادبي فنپاري بابت پنھنجا خيال ظاهر ڪرڻ. تبصرو دراصل ان راءِ کي چيو ويندو آهي، جنھن ۾ ڪتاب، ليکڪ يا ادبي رجحان وغيره کي عام ڪرڻ يا وڪري کي آسان ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرائڻ آهي. تبصرو تنقيدي بہ ٿيندو آهي تہ معلوماتي بہ. تبصرو مختصر بہ ٿي سگهي ٿو تہ طويل بہ. تبصري ۾ ڪتاب تي مجموعي طور مختصر نموني خوبين ۽ خامين سميت راءِ ڏني ويندي آهي. اسان وٽ تبصرا اڪثر اخبارن يا رسالن ۾ شايع ڪيا ويندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.