تاويل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاويل(انگريزي: Explanation ) لفظ ”تاويل“ جي لغوي معنيٰ ”اصل ڏانهن موٽائڻ“ آهي. خاص ڪري قرآن شريف ۾ هيءُ لفظ حقيقت يا حقيقي معنيٰ ڏانهن رجوع ڪرڻ جي معنيٰ يا تفسير لاءِ ڪم ايندو آهي.چوٿين صديءَ هجريءَ تائين هي لفظ تفسير جي معنيٰ ۾ استعمال ٿيندو رهيو.”تاويل“ ۽ ”تفسير“ ۾ ٿورو فرق آهي.لفظ ”تفسير“ جو استعمال ڏکين لفظن جي استعمال ۽ تشريح بابت ٿيندو آهي ۽ ”تاويل“ جو لفظ جملن ۾ معنيٰ ۽ وضاحت لاءِ هوندو آهي. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي