تاريخ پيمائي جا مڃيل طريقا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
انگلينڊ جي شھر برسٽل جي راڻي باغ ۾ ھڪ وڻ جي واڌ جا دائرا. ھر دائرو واڌ جي ھڪ سال کي ظاھر ڪندڙ آھي. ٻاھرين پاسي وارا دائرا ڇوڏن جي ويجھو ھوندا آھن ۽ سڀ کان وڌيڪَ جوان ھوندا آھن

تاريخ پيمائي وارا مڃيل مطلق طريقا(انگريزي: Absolute dating methods) آرڪيالاجي ۽ جيالاجي جي علمن ۾ ڪنھن بہ شئي جي قدامت يا زماني جي تعين ڪرڻ لاء سڀ کان تازا طريقا ڪراناميٽر(انگريزي: chronometer) وارا آھن.اڃا تائين تارہخ پيمائي جا مطلق طريقا نسبتي طريقن جي ڀيٽ ۾ انساني تاريخ کي خاص طور تي وقت سر انساني ارتقا کي سمجھڻ لاءِ خاص اھميت رکندڙ آھن[1].

ريڊيو ڪاربن وارو طريقو[سنواريو]

انھن طريقن ۾ سڀ کان وڌيڪَ آثار قديمہ جي ماھرن پاران استعمال ٿيندڙ طريقو ريڊيو ڪاربن تاريخ پيمائي(انگريزي: radiocarbon dating) يا ڪاربن-14 تاريخ پيمائي يقينن سڀ کان وڌيڪَ نمايان ۽ گھڻو استعمال ٿيندڙ طريقو آهي[1].ھن طريقي ۾ نامياتي شين جھڙوڪ ھڏن يا وڻن جي ڪاٺ جي قدامت 500 سالن کان وٺي 40000 ھزار سالن تائين معلوم ڪري سگھجي ٿي.ھن طريقي جو اصول اھو آھي تہ جاندارن ۽ وڻن جي مرڻ يا بي جان ٿيڻ بعد انھن جي اندر موجود ريڊيو ڪاربن زوال پذير ٿيندو ويندو آهي. جيئن تہ ان زوال جي شرح معلوم ھوندي آھي تنھنڪري ان شئي ۾ بچيل ريڊيو ڪاربن مان ان نامياتي شئي جي عمر جو تعين ڪرڻ ھڪ ممڪن عمل آھي[1].ريڊيو ڪاربن ذريعي شين جي قدامت جاچڻ جو اصل طريقو ڪافي پيچيده آھي خاص طور تي شين مان ريڊيو ڪاربن جا نمونا حاصل ڪرڻ ۾ ھڪ ڏکيو ڪم آهي پر قديم آثارن جي قدامت معلوم ڪرڻ لاءِ ھي طريقو ٻين نسبتي طريقن(انگريزي: relative dating techniques) جي ڀيٽ ۾ ڪارائتو آهي[1].

پوٽيشيم آرگان وارو طريقو[سنواريو]

آثار قديم جي ماھرن پاران استعمال ٿيندڙ تاريخ پيمائي جو ٻيو مطلق طريقو پوٽيشيم آرگان وارو آھي.ھن طريقي سان پٿر جي پنجاھ ھزار سالن کان ٻہ ارب سالن تائين قدامت جو پتو پوندو آھي. پوٽيشيم آرگان جي طريقي ڪار ۾ پوٽيشيم-40 جو عمل شامل ھوندو آھي. ان عمل ۾ جيئن جيئن پوٽيشيم-40 جي ذرن جو زوال ٿيندو ويندو آھي تيئن تيئن آرگان جو جي واڌ ٿيندي آهي. قديم آثارن جا ماهر ھن طريقي سان آثارن جي قدامت انھن ۾ استعمال ٿيندڙ پٿرن جي ھن طريقي سان چڪاس وسيلي معلوم ڪندا آهن[1].

وڻن جي ڄمارشناسي[سنواريو]

وڻن جي ڄمارشناسي يا ڊينڊروڪرونالاجي(انگريزي: Dendrochronology) جي طريقي ۾ وڻ جي ٿڙ جي اندر دائرن جي ترتيب جي بنياد تي دائري جي لڪيرن جي ڳڻپ سان قدامت جو تعين ٿيندو آهي. ھي طريقو بہ تاريخ پيمائي جو مطلق طريقو سڏبو آهي جنھن ذريعي وڻ جي قدامت جي بنياد تي آثار قديم جي قدامت جو تعين ٿيندو آهي. وڻن جي ٿڙن ۽ ٽارين جا چاپ وانگر ڪٽيل نمونن ۾ وڻ جي ڪاٺي جي واڌ ڇليدار نقش نموني ظاھر ٿيل ھوندا آھن جنھن ۾ ظاھر ٿيندڙ ويڪرا ڇلا يا دائرا سٺي واڌ واري موسم ۽ سنھا ڇلا گھٽ واڌ واري موسم جو اظھار ھوندا آھن. ان مان تحقيقدان ماحول جا لاھا چاڙھا معلوم ڪري سگھندا آهن جيڪي جيڪي ان وڻ برداشت ڪيا ھيا.جڏھن ڪنھن علائقي جي ماحولياتي موسمن جي زماني جو ھڪ دفعو تعين ٿي وڃي ٿو تہ پوء بعد وارن مليل وڻن جي ساڳي طرح جي نمونن مان مليل ڇليدار ترتيب جي ڀيٽ پراڻن نمونن جي ترتيب سان ڪري وڻ جي عمر جو تعين ڪيو ويندو آهي. اھڙي طرح قديم آثارن جا ماھر آثارن مان مليل عمارتن، لوڙھن ۽ گاڏن ۾ استعمال ٿيل ڪاٺ مان بہ آثارن جي تاريخ پيمائي ڪري انھن جي قدامت معلوم ڪندا آهن[1] .

دستاويزن مان تاريخ پيمائي جو طريقو[سنواريو]

تاريخ پيمائي جو چوٿون ۽ آخري مطلق طريقو قديم آثارن مان ملندڙ تاريخ دستاويز آھن جن ۾ اخبارون، ڊائريون، تصويرون، سڪا، مھرون يا اھڙيون شيون جن تي تاريخ لکيل يا اڪريل ھوندي آھي[1].

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 1.3 1.4 1.5 1.6 Encyclopedia of Time (Science, Philosophy, Theology, & Culture) By: H. James Birx Editor Canisius College State University of New York at Geneseo Buffalo Museum of Science-- SAGE Publications Ltd. 1 Oliver’s Yard 55 City Road London EC1Y 1SP United Kingdom--page no:40