تاج خروس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاج خروس گل به مخمل جو هڪڙو قسم آهي. انگريزيءَ ۾ هن کي سيلوشيا ۽ ڪاڪس ڪومب (ڪڪڙ جي چوٽي)، ۽ فارسيءَ ۾ تاج خروس (يعني ڪڪڙ جي چوٽي) ۽ هندستانييءَ ۾ گل مرغا يا گل ڪيش چوندا آهن. نالي مان معلوم ٿي سگهي ٿو ته شڪل ڪهڙي اٿس ۽ آهي ڳاڙهي مخمل جهڙو. هن جا به گهڻا ئي قسم آهن. ٻج جولاءِ ۾ پوکبو آهي ۽ ڊسمبر ۾ گل ڏاڍو چهچٽو لڳائي بيهندا آهن. هن لاءِ زمين ڀلي گهرجي. جيڪي ڪونڊين ۾ رکيل هجن، تن کي وري وري ٽپائي ٻين ۾ رکجي.

هن جو هڪڙو قسم آهي، جنهن کي دکنيءَ يا مرهٽيءَ ۾ ڪُردُو چون ٿا. اُهو جهنگلي ٿيندو آهي. غريب ماڻهو انهيءَ کي سائي ساڳ وانگي کائيندا آهن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ايڊيشن:1960؛پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو