تاثراتي تنقيد

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

تاثراتي تنقيد __(Impressionistic Criticism):

يوناني ۽لاطيني تنقيد جي ميدان ۾ لانجائينس پهريوننقاد هو، جنهن ادب جي تاثر کي ان جي خوبي قرار ڏنو هو ۽ اعليٰ ادب جي پرک لاءِ ان جي تاثر کي اهميت ڏني هئي. ان کانپوءِآمريڪا جي مشهور نقاد ”اسپسن گارن“ هن نظرئي جو مختصر لفظن ۾بيان ڪيو آهي ته ادب فقط تاثر آهي ۽ ان جي تنقيد به تاثرات جو مجموعو آهي، يعني جڏهن ڪنهن تصنيف کي پڙهڻ وقت جيڪو تاثر پيدا ٿئي ٿو يا تصنيف کي پڙهي ، اهو اندازو لڳايو وڃي ته انهيءَ ڪهڙو تاثر ڇڏيو. هن تنقيد ۾ ادبي نتيجا ۽ سوچون، سماجي قدرن جي روشنيءَ ۾ ڏسڻ ضروري نه آهن. ڪيترن نقادن اهڙي تنقيد کي ”تخليقي تنقيد“ پڻ سڏيو آهي. انهن جو خيال آهي ته ڪنهن ڪتاب کي پڙهڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ ۽ مجموعي تاثر وٺڻ کانپوءِ جيڪا راءِ قائم ڪجي، اها تاثراتي تنقيد آهي. ائين کڻي چئجي ته تخليق مان ملندڙ لطف جي اثرکي جاچڻ ۽ ماپڻ ئي تنقيد آهي. اهڙي تنقيد جو اصل مقصد انهن ڪيفيتن جي نشاندهي ڪرڻ آهي، جيڪي ڪنهن تخليق کي سرجڻ وقت شاعر يا اديب تي گذرن ٿيون. [1]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي