بڙ

| بڙ Banyan | |
|---|---|
| بڙ جو وڻ پاڙن سان | |
| سائنسي درجا بندي | |
| Unrecognized taxon (fix): | فڪوس |
| جنسون | |
|
Species include: | |
بڙ(انگريزي: Banyan tree) ھڪ وڻ آھي جنھن جو نباتاتي نالو فڪوس رليجيوسا (انگريزي: Ficus religiosa )آھي. ھي وڻ ايشيا ۽ خاص طور تي ڏکڻ ايشيا ۾ ڪثرت سان ٿئي ٿو. انجير جي خاندان جي ھي وڻ جا پن دل جي شڪل جھڙا ھوندا آھن. ٻڌ مذهب ۾ ھي وڻ مقدس آھي ڇوتہ گوتم ٻڌ ھن وڻ جي ھيٺان نرواڻ ڪيو ھو
هي وڻ عام مشهور آهي. اُن جو ٿُڙ تمام ٿُلهو ٿيندو آهي. اُن جي ٽارين ۾ هيٺئين پاسي تندون نڪرنديون آهن جي وڌي وڃي زمين ۾ کُپنديون آهن ۽ اتي پاڙون کوڙي لڳي پونديون آهن. اُن جا پَن اڪ جي پنن وانگر، پر ڪجهه ننڍا ۽ ٿُلهيرا ٿيندا آهن. ڇوڏي جو رنگ اڇيرو ٿيندو آهي. هن جي ٽارين ۾ کير ٿيندو آهي جو ڪيترين دوائن ۾ ڪم ايندو آهي. اُن ۾ گول ننڍو ڦل ٿيندو آهي جو ڪنهن به ڪم ڪونه اچي. هي وڻ گهاٽو هوندو آهي، جنهنڪري ماڻهو ۽ جانور اُن جي ڇانوَ هيٺ آسائش وٺندا آهن[1].

تصويرون
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو