بچو بادشاھ ۽ پيرو وزير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هن نالي سان شهيد صبغت -الله- شاهه گورنمينٽ ڊگري ڪاليج سانگهڙ جي پروفيسر مبين وساڻ هڪ مڪمل ڪتاب لکي 2007ع ۾ ڀيڄ پاڳار پبليڪيشن سانگهڙ پاران ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڊيمي سائيز جي ڪتاب جا 219 صفحا آهن ۽ -ان- جي قيمت 150 رپيا آهي. پهريون ڀيرو مبين وساڻ، -بچو بادشاهه- بابت -تاريخ- ۽ عوامي روايتن مان ملندڙ مواد کي ڇنڊي ڇاڻي هن ڪتاب ۾ پيش ڪيو آهي ۽ هن وڏي -تحقيق- سان -بچو بادشاهه- جو هڪڙو ڌنڌلو فوٽو پڻ هٿ ڪيو، جنهن کي سانگهڙ جي نوجوان مصور اسماعيل مهديءَ نئين سِر پينٽ ڪري تيار ڪيو. جيڪو ڪتاب جي سرورق تي داخل آهي ۽ -تاريخ- ۾ اڳتي -بچو بادشاهه- جي اها ئي واحد -تصوير- رڪارڊ ۾ رهندي.[1]

حوالا[سنواريو]