بچو بادشاھ
بچو بادشاهه پهرين حُر تحريڪ جو هيرو هو، جيڪا انگريزن خلاف 1870ع کان 1898ع تائين هلي هئي. هو حر تحريڪ جي ويڙهاڪ وريام فقير خاصخيليءَ جي گهر ۾، موجوده سانگهڙ ضلعي جي مٺڙائو ڳوٺ ۾ ڄائو هو. بچو بادشاهه پنهنجي ساٿين سان گڏجي مکي ٻيلي جي ڀرپاسي واري علائقي ۾ انگريزن جي عملداريءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو سڄو علائقو موجوده دؤر جي زبان ۾ ڄڻ ته انگريزن لاءِ "نو گو ايريا" (No Go Area) بڻجي چڪو هو. هُن پنهنجي ساٿي، پيرُو ڪاسائي عرف پيرو وزير (جيڪو ناري، خيرپورميرس جو رهاڪو هو) سان گڏجي انگريزن خلاف زبردست ڪارروائيون ڪيون ۽ مقامي ماڻهن کي هدايت ڪئي ته اهي انگريزن کي ڍل ۽ ٻيا ٽيڪس نه ڏين. انگريز سرڪار پير حزب الله شاهه "ڪوٽ ڌڻي" تي دٻاءُ وڌو ته هُو باغين کي پيش پوڻ لاءِ مجبور ڪري. انگريزن بچوءَ جي ڏاڍي ڳولا ڪئي، سندس پيءُ وريام کي گرفتار ڪيو، جيڪو قيد جي تشدد ۾ گذاري ويو. بچو بادشاهه اڳتي هلي، مرشد جو حڪم مڃي، 1896ع ۾ هٿيار ڦٽا ڪري پيش پيو.
کيس عيسيٰ ڏاهريءَ سان گڏ ميرپورخاص موڪليو ويو، جتي ڪيس هلائي کيس ڦاسيءَ جو حڪم ڏنو. سندس گرفتاريءَ جي هڪ مهيني کان پوءِ کيس سانگهڙ ۾ سرِ عام ڦاسي ڏني ويئي. کيس سرِ عام ڦاسي ڏيڻ جو ڪارڻ تاريخدانن اهو ڄاڻايو آهي ته انگريزن چاهيو ٿي ته ٻيا باغي پيش پون ۽ سبق سکن. ڦاسيءَ ڏيڻ کان پوءِ سندس لاش اُن هنڌ جي ڀرپاسي ۾ دفنايو ويو. سانگهڙ شهر ۾ هن وقت هن بهادر سورمي جي نالي سان "بچو بادشاهه چوڪ" پڻ آهي.[1]
سوانح
[سنواريو]بچو، ضلعي سانگھڙ جي ڳوٺ مٺڙائو جو رھندڙ ھو، سندس سڄو نالو الھ بچايو خاصخيلي ھو. سندس پيءُ وريام فقير، پير صاحب پاڳاري جو مريد ھو. بچي پنھنجو ٻالپڻ ان ماحول ۾ گذاريو جنھن ۾ انگريز حڪومت، پير صاحب مخالفانه پاليسي رکي، ۽ حرن کي شڪ جي نگاھ سان ڏسندي رھي ۽ پنھنجا ڇاڙتا ڇڏي، انھن کان خبرون وٺي حرن کي ڪچليندي رھي. اھا حالت ڏسندي، بچو جواني کي پھتو. ھو قد جو پورو پنو ۽ رنگ جو ڳورو ھو. سندس ڏاڙھي گھاٽي، شھپر وڏا ۽ وار ٻٽوان ھئا. ھو بدن جو ٿورو شيشو باشو ۽ طاقت ۾ ٻين کان گھٽ ھو، پر بندوق ڇوڙڻ جو بلا ھو.
برطانوي راڄ خلاف جاکوڙ
[سنواريو]بچو، برطانوي راڄ خلاف پنھنجي جنگ جي شروعات، 1896ع ۾ ڪئي ۽ مکي ڍنڍ کي مرڪز بڻايو. مکي ڍنڍ، سانگھڙ جي ڀر ۾ اڌ ڪوھ پنڌ تي آھي. ان جي ويڪر 16 ڪوھ، ڊيگھ 32 ڪوھ ۽ ڪل ايراضي 512 چورس ڪوھ آھي. ڍنڍ جي چوڌاري، ڪانھن، ليون، ڪانڊيرا ۽ بھڻ ٻارھوئي ٿئي. سانوڻ ۾ پاڻيءَ جي گھڻائيءَ ڪري، منجھس پٻڻ، لوڙھ ۽ بھ کوڙ ٿين. پاڻي لھڻ کان پوءِ ڪڻڪ، ڄانڀو، چڻا ۽ مُڱ ٿين ۽ جوئر به پوکجي. مڇي به ھت جام مري. پاڻيءَ جي وچ ۾ بي انداز ٻيٽاريون ۽ ٻيلاٽيون آھن، جن ۾ گھاٽا ٻيلا ھئا، ان ڪري بچي ھت اچي واسو ڪيو. بچي جي ٽولي ۾ ھونئن ته گھڻا ئي ھئا پر ٻارنھن ڄڻا مشھور ھئا، جنھن کي عوامي ٻوليءَ ۾ ٻارھڻ ٻھروٽيا چئبو ھو.[2] بچو، جنھن کي بادشاھ سڏيو ويو، پيرو وساڻ، جنھن کي وزير چيو ويو، تڳيو چانگ، گلو موچي، ڀلو ڳاھو، مصري ڳاھو، فتلو قاضي ۽ راڻو وساڻ. [2] ھنن ٻارھن ڄڻن جي جوڙَ ۾ ٻيا به گهڻائي مجاھد ھئا. ھنن آزاديءَ جي تحريڪ جاري رکي ۽ برطانوي راڄ ڪنداڙ سرڪار کي پريشان ڪيو.
انگريزن جا وڏا آفيسر ھن تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ آيا. برطانوي راڄ فوج کي گهرايو ڪيو ويو، پر ڪجهه به نه ٿيو. حرن پنھنجون ڪاروايون جاري رکيون. آخرڪار برطانوي راڄ فوج، مکي ٻيلي جو گھيرو ڪيو، پر پوءِ به، اھا اندر وڃڻ کان گھٻرائي رھي ھئي. ان دوران، برطانوي حڪومت، سيد علي گوھر شاھ کي، حيدرآباد جيل ۾ نظربند ڪيو. مٿس دٻاءُ وڌو ۽ گُهر ڪئي ته، پاڻ سندن مريدن کي، ان تحريڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ حڪم ڪري. آخر پير صاحب مريدن کي حڪم ڪيو ته “يا ته ھو ھٿيار ڦٽا ڪن، يا وڙھي سِر ڏين.” حرن سِر ڏيڻ کي ترجيح ڏني ۽ اھڙي طرح، ھنن پنھنجون سرگرميون وڌائي ڇڏيون. ھر طرف باھ ٻري ويئي. جھرجھنگ ويڙھ شروع ٿي ويئي. بارود جي باھ ۾ سنگينن سان ۽ ڦاھيءَ جي ڦندن ۾ سنڌين کي لٽڪائي کين غلاميءَ طرف ڌڪڻ شروع ڪيو ويو. بچو بادشاھ ھن زماني ۾ برطانوي راڄ سرڪار جي ھمدردن، انھن جي ڇاڙتن، خابرن، ٿاڻن ۽ سرڪاري آفيسن تي حملا ڪيا. بچوءَ پھرين هلان انگريزن جي پٺو، مير علي مراد خان ٽالپور تي ان مھل ڪئي، جڏھن ھو پارٽيءَ ۾ موجود ھو. ھن اتان 21 ھزار روپين جو سامان لٽيو، جنھن ۾ گهڻو ڪري ھٿيار ۽ زيور ھئا. ان کان ڪجهه ڏينھن پوءِ ھڪ ٻئي حملي ۾، ھڪ لک روپين جو سامان لٽيو.
ھيءَ حقيقت آھي ته، بچو يا ٻيا حر ڦريندا انھن کي ھئا جن کين ستايو ھو يا غريبن جا حق ڦٻائي، مفت جا مال ميڙي وڏا سيٺيا بڻجي ويا ھئا. غريبان مار وٽن ڪانه ھئي. مسڪينن ۽ محتاجن کي، پاڻ ھڙؤن ڏيندا ھئا. اھوئي سبب آھي جو باوجود، ان جي ته انگريز آفيسرن، ھن تحريڪ کي چند ڌاڙيلن جي لاقانونيت سان ڀيٽيو،پر عوام ھن کي برطانوي سامراج خلاف، ھڪ اھڙي گوريلا جنگ قرار ڏنو، جنھن جو مقصد صرف، انگريزن جي ڊسيپيلن کي ھيٺ مٿي ڪري، ھتي جي عام ماڻھن کي آزادي ڏيارڻ ھو. ھنن جي مرشد کين “آزاد سنڌ” جو پيغام ڏنو ھو. تاريخدان لکن ٿا ته بچو بادشاھ برطانوي راڄ سرڪار خلاف، وڏي گوريلا جنگ هلائي ۽ انگريز حڪومت جي سرڪاري ٿاڻن ۽ آفيسن کي نشانو بڻايو. اوچتي حملي ڪري، پوليس ۾ ھراس پئجي ويو. سرڪار پنھنجي روايتي ڊپلوميسي ۽ جاسوسي کان ڪم وٺي، حرن جي رھڻ جي ھنڌن تي پھتي ۽ پوليس ۽ فوج جي مدد سان حرن کي ڪچلڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڪيترن کي ماريو ويو، ڪيترن کي ڦاھي چاڙھيو ويو. حرن کي پنھنجي وطن واسين کان اھا شڪايت ھئي ته، اسان کي برطانوي راڄ سرڪار سان وڙھڻ ڏيو ۽ اوھان وچ ۾ نه اچو ته جيئن اسان ديس واسي پاڻ ۾ نه وڙھون. جيڪڏھن اوھان اسان جي مدد نٿا ڪريو ته گھٽ ۾ گھٽ اڻ ڌريو رھي دشمنن جي ساهتا نه ڪيو. پر لوڀي ۽ وطن جا ويري، انگريزن جا جاسوس بڻجي حرن سان ملي ويندا ھئا ۽ سندس راز وٺي، غير ملڪي آقائن کي پھچائي، انعامن ۽ جاگيرن وٺڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا ھئا. حرن جون ھي گوريلا جنگيون ڏاڍيون خطرناڪ ھيون، جن اسان جي تاريخ جو رُخ موڙي ڇڏيو. [3] نيٺ پنھنجي ئي ديس دروھين، بچوءَ جي ٽولي کي شھيد ڪرائي ڇڏيو. بچوءَ کي به جيئرو گرفتار ڪري، مٿس ڪيس ھلائي، ڦاھي چاڙھي ڇڏيو. ڊاڪٽر بلوچ صاحب لکي ٿو ته “جڏھن ھنن، ڀرطانوي راڄ سرڪار جي عملدارن سان مقابلا شروع ڪيا، ته عوام نفسياتي طور، ھنن سورھين جي جوڙ کي ڌارين جي مقابلي ۾، ھڪ باغي حڪومت تسليم ڪري، سندن اڳواڻن کي بادشاھ ۽ وزير جا لقب ڏيئي ڇڏيا. انگريزي شھنشاھيت ڊاٻي واري دور ۾، بچو بادشاھ ۽ پيرو وزير جا ويچار لاڳو ڪرڻ، ڌارئين حڪومت خلاف، نفسياتي جنگ کان گھٽ ڪون ه ھو.” [4] اھوئي سبب آھي جو عوام بچوءَ کي، پنھنجو ھيرو مڃي ٿو ۽ عوامي شاعرن حڪومت جي سخت مخالفت ھوندي به ور ور ڳايو. چئي: بچو وڏو بھادر ھو، جھڙا چئنچل ڪي چئجن، وٺايو تنھن وير کي، قضا جي ڪرمن، ھڪ مرشد مٿي مامرو، ٻي روڪ مٿي راڄن، پوءِ انھن اولانڀن، نڪري اچي نروار ٿيو. ٻي جاءِ تي ھڪ عوامي شاعر چيو: ڏيھ ڏڪائي ڏيا سان، ڪيائون زير زبر، اک نه ھين انگريزن تي، ٻيو ڪنھن نه مٿي ڪلٽر، ماري سؤ سپاھين جا، ٿي لوڙھيائون لشڪر، ڏسي ھيبت حرن کي، ٿي گھڻن ڇڏيا گھر، پوءِ اٿي ويا افسر، ان جي ٿاڻن پئي ٿُڪون جھليون.
ھنن بيتن مان، سنڌ جي عوام جي بچو ۽ حرن سان عقيدت ۽ محبت پڌري آھي. سمجھڻ جي ھيءَ ڳالھ آھي ته حر اسان جي تاريخ جو ابتڙ باب آھن. ڪن کين ڌاڙيل، ڦورو ۽ آتنڪ واد سڏيو، ته ڪن کين محب وطن، سورما ۽ آزاديءَ جا ڪوڏيا سڏيو. رڳو سمجھ جو ڦير ۽ پنھنجي پنھنجي راءِ جو سوال آھي. ڪرنل فلپ جي چوڻ موجب پير صبغت الله ٻئي “حر تحريڪ کي آزاد سنڌ وطنيت تي ٻڌل تحريڪ سڏيو” ۽ حرن، ان کي، پنھنجي مرشد سان بي پناھ محبت جو ثبوت ۽ حب الوطني جي جذبي جي پاس خاطري ڪندي، سر تريءَ تي رکي، ميدان ۾ لھي آيا. ھڪ مورخ جي لفظن ۾ ته “ اوھان غور ڪري ڏسو ته، ايڏي وڏي سلطنت سان، لاڳيتو ھڪ صديءَ تائين، مھاڏو اٽڪائڻ ڪيڏي نه بھادري، ۽ جذبي جو جو ڪم آھي. ڏک ان ڳالهه جو آهي ته، اريخ ۾، انھن جو ڪٿي به ذڪر نٿو ملي. اسان اھڙن سورمن جي قرباني کي، سلام ڪيون ٿا، جن آزاديءَ لاءِ پنھنجون جانيون ڏنيون ۽ پٺيان ايندڙن لاءِ نقش ڇڏيا.“ [5] [6]
حوالا
[سنواريو]- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=%D8%A8%DA%86%D9%88%20%D8%A8%D8%A7%D8%AF%D8%B4%D8%A7%D9%87%D9%87
- ↑ 2.0 2.1 تاريخ لب سنڌ- شارع ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ- ص 162
- ↑ تذڪره پير پاڳاره- تبسم چوڌري ص نمبر 152
- ↑ واقعاتي بيت- ص نمبر 5 مقدمو
- ↑ تذڪره پير پاڳاره- ص نمبر 158
- ↑ سنڌ جا عوامي ڪردار (دادا سنڌي) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2016-06-08 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-11-24