بٺ ڪارو ڪوٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ڪاري ڪوٽ واري -ٽڪري- جنهن کي ”-بٺ ڪارو ڪوٽ-“ به چيو وڃي ٿو، اها پپراسر کان اڌ ڪلوميٽر اولهه ڏکڻ ۾ 67° 14′ 62″اوڀر ويڪرائي ڦاڪ ۽26° 36′ 86″ اتر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. -ٽڪري- تي اولهه ڏکڻ کان مٿي چڙهڻ جو رستو آهي، مٿي چڙهڻ دوران محسوس ڪري سگهبو ته آڳاٽن ماڻهن هن ٽڪريءَ کي ڪافي هيٺ کان ئي پوريءَ طرح قلعي -بند- ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ -ان- ٽڪريءَ جي ڪنڌين سان موڪريون ۽ مضبوط ديوارون بيهاريون اٿن. ڪوٽ جي اندر ڪمرا ۽ اڏاوتون آهن، پر انهن ۾ ڪا خاص ترتيب نظر نه ٿي اچي. هتي ڪافي ٺڪراٺو موجود آهي، جيڪو -تاريخ- کان آڳاٽو ۽ ٻڌڪي دور جو آهي. هي ٻنهي دورن ۾ وڏي بيٺڪيت رهي آهي، ٿي سگهي ٿو ته هتي ڪو -ٻڌ- وهار (ٻڌڪو مندر) قائم هجي.[1]

حوالا[سنواريو]