بٺي ۽ بھرام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بٺي ۽ بھرام، تعلقي قمبر علي خان، ضلعي قمبر-شھدادڪوٽ جا ٻه وڏا ۽ مشھور ڳوٺ يا شهر آهن. ٻئي بلڪل گڏوگڏ آهن. ائين جيئن قمبر ۽ علي خان، جيڪي اڳ ۾ ٻه الڳ الڳ شھر ھيا ۽ ھاڻي ملي ھڪ ٿي ويا آھن ۽ گڏيل نالو اٿن؛ قمبر علي خان. اھڙيءَ طرح بٺي ۽ بھرام پڻ آھن، جيڪي قمبر علي خان کان شھداد ڪوٽ ويندڙ رستي تي آهن. بھرام ۾ ريلوي اسٽيشن پڻ آهي. ٻئي هڪ ٻئي کي ايترو ويجها آهن جو، نئين ماڻھوءَ کي بلڪل خبر نه پوندي آهي ته بھرام ڪٿي پورو ٿيو ۽ بُٺي ڪٿان شروع ٿي. ڪن سادن ماڻھن لاءِ اهو ئي بٺي آهي، اهو ئي بھرام آهي. بٺي ۽ بهرام جي حوالي سان هڪ سنڌي چوڻي پڻ مشهور آهي. جنهن کي ٻن شين جي فرق جي خبر نه پئي تنھن لاءِ ايئن چيو ويندو آهي ته؛ هن لاءِ جھڙي بٺي، تھڙو بھرام. [1]

حوالا[سنواريو]