بيڊ گائون (لباس)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
زنانو بيڊ گائون زنانو لباس جسم جي مٿئين حصي تي پھربو آھي جيڪو فرانس ۽ انگلينڊ م 1750 کان 1780 ۾ رواج ۾ ھيو

بيڊ گائون(انگريزي: bed gown ) جنھن کي بيڊ جئڪيٽ يا شارٽ گائون بہ چوندا آهن ھڪ ننڍي چولي جو نالو آھي جيڪا سنھي سوٽي ڪپڙي کي سبي ٺاھيو ويندو هو جنھن تي مختصر پرنٽ يا ڇر ھوندي ھئي. ارڙھين صدي عيسويءَ ۾ اھا چولي گھرن ۾ صبح جي وقت پاتي ويندي ھئي. ارڙھين کان اوڻويھين صدي دوران برطانيا ۽ يونائيٽيڊ اسٽيٽس ۾ مزدور عورتون گھر کان ٻاھر اھا چولي پائينديون هيون. .[1] ويھين صديءَ جي اڌ ۾ ان جو وري رواج آيو ۽ ان کي بيڊ جئڪيٽ جو نالو ڏنو ويو ۽ اھو نائيٽ گائون جي مٿان حياءَ خاطر نظر ايندڙ اوگھڙ ڍڪڻ لاء صبح جو ناشتي ڪرڻ وقت يا ڪجهه پڙھڻ يا ٻئي ڪم دوران پاتو ويندو ھو. 1960 واري ڏھاڪي ۾ انھن کي پائڻ جو رواج ختم ٿي ويو.

حوالا[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "Welsh costume: flannel 'betgwn' or bedgown, 19th century (front view) [image 1 of 3]". People's Collection Wales. حاصل ڪيل 2018-01-26.