بيواھ
بيواھ، وانڍي يا وڌواھ (Widow) شادي شده عورت جنھن جو مڙس مري وڃي. هي ٻول دنيا جي ٻين ٻولين ۾ پڻ ٿوري گهڻي ڦيرڦار سان ڇاپيل آھي. ساڳي حالت ۾ مرد کي رنڙ چوندا آهن. ”وڌواھ“ لفظ ۾ ”و“ معنيٰ ”سواءِ“ ۽ ”ڌوَ“ معنيٰ ”مڙس“. سنسڪرت لفظ وڌوا جو اُچار انگريزيءَ ۾ آهي ”وڊو“ (Widow) ۽ بنيادي معنيٰ اٿس ”مڙس کان سواءِ“، يعني ”رن زال“، جا ”ڏنيل“ ۽ ”ڦلاونتي“ بہ سڏبي آهي. اڳي ڪنهن ڇوڪريءَ جو مڱئي هوندي مڙس مري ويندو هو، ته پوءِ هن جو وري مڱجڻ ۽ پرڻجڻ اعتراض جوڳي ڳالهہ نہ ليکبي هئي. اڄ بہ ائين آهي. جيڪڏهن پرڻجڻ کان پوءِ ڪنهن جو پتي گذاري ويندو هو، تہ نڪي اها ڏنيل زال وري پرڻجڻ پسند ڪندي هئي، نڪو ماڻهو وڌوائن سان پرڻجڻ عام طرح پسند ڪندا هئا. انهيءَ هوندي بہ وڌوا وواھ ٿيندا هئا. ”دڌشو“ (Didhishu) معنيٰ ”اُهو مرد جو ڪنھن وڌوا سان پرڻيو هجي“. ”پر پورو“ (Parapurava) معنيٰ ”اُها زال جنھن نہ ٻيو مڙس ڪيو هجي“. پؤنر ڀَوَ“ (Panuarbhava) معنيٰ ”وڌوا زال جو ٻئي مڙس مان ڄاول پٽ“. اهي لفظ خود ڄاڻائين ٿا ته وڌوائون پرڻبيون هيون.
منوسمرتيءَ۾ ڄاڻايل آهي ته قديم زماني ۾ وين“ نالي هڪ راجا ٿي گذريو آهي، جو وڌوائن کي زوريءَ پرڻائيندو هو، جنھنڪري ڪيترا ”دوجه“ (Twice born) يعني براهمڻ، کتري ۽ وئش دل ۾ ڪندا هئا، (9- 65–66 شلوڪ). اڄ بہ ڪيترن جا اهي خيال آهن تہ جيڪا وڌوا رهي سگهي، تنھن کي زوريءَ پرڻائڻ واجب نہ آهي، پر جا نہ رهي سگهي، تنھن کي وريپرڻجڻ کان روڪڻ روا نہ آهي.[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب: قديم سنڌ؛ از: ڀيرومل مھرچند آڏواڻي؛ چوٿون ايڊيشن 2004ع، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book46/Book_page21.html.
{{cite web}}: Missing or empty|title=(مدد)