بين الاقوامي اخلاقيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

بين الاقوامي اخلاقيات (Baynalaqwaami Ikhilaaqiyaat) يا انٽرنيشنل موريلٽي (International Morality) هڪ تصور آهي، جيڪو جنهن تحت بين الاقوامي لاڳاپن جو عمل، قومن جي وچ ۾ اهڙن گڏيل اخلاقي قدرن ۾ مڃيل اصولن مطابق ٿيڻ گهرجي، جيڪي ظاهر ۾ ڀلي ته بين الاقوامي قانون جو حصو نه هجن. عام طرح هي تصور بين الاقوامي سرشتن ۾ گهڻي عرصي کان تڪراري رهيو آهي ۽ عالمي سياست ۾ ٿيندڙ مختلف سرگرمين کي اخلاقي ضابطن هيٺ رکڻ يا نه رکڻ جي حوالي سان وڏا بحث ٿيا آهن. هڪ پاسي سياسي حقيقت پسنديءَ (Political Realism) ۾ يقين رکندڙ حلقو، يورپي مفڪرن هابس ۽ ’ميڪا ويلي‘ کان متاثر ٿيندي چوي ٿو، ته اخلاقي قدر رياست جي اندروني معاملن تائين محدود آهن، ۽ بين الاقوامي تعلقات جي حوالي سان سياست ۾ اخلاقيات نالي ڪنهن شئي جو وجود ناهي. هن حلقي موجب هر رياست جي ترجيح قومي مفادن سان لاڳاپيل هجڻ ڪري، ٻين قومن سان لاڳاپا رکندي، انصاف، آزادي، ۽ برابري جون ڳالهيون ڪرڻ بيوقوفيءَ ڀريو عمل آهي. جديد دور ۾ اي ايڇ ڪار، مارگنٿا، آر ڊبليو ٽڪر ۽ هينري ڪسنجر هن موقف جا وڪيل آهن. سندن چوڻ موجب رياستي مفادن جي تڪميل لاءِ، ضابطي جو هجڻ ضروري آهي، ۽ انصاف جي تلاش ۾ وقت وڃائڻ سان، بي ضابطگي وڏي ڏڦيڙ کي جنم ڏيندي. اهي دانشور سيڪيورٽي معاملن کي فلاحي قدمن مٿان ترجيح ڏين ٿا.

ان ورتاءَ جي مخالفت ۾ ”خيال پرست“ (Idealists) چون ٿا ته جيڪڏهن انسان ڪن اخلاقي معيارن مطابق زندگي گذارڻ ضروري ٿو سمجهي، ته پوءِ رياست کي به ائين ڪرڻو پوندو. سٺو رويو سٺائيءَ کي جنم ڏئي ٿو، تنهن ڪري بين الاقوامي برادريءَ ۾ صلح ۽ خير جي رويي سان رهڻو پوندو. هي حلقو انساني حقن جي احترام، عالمي انصاف جي حصول ۽ خود اختياريءَ وارن حقن جي حمايت ڪندي، انفرادي فائدي کي، اجتماعي چڱائيءَ تي قربان ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو. هن نظريي جي وڏن حامين ۾ جرمنيءَ جو ناميارو مفڪر ’امانوئيل ڪانٽ‘ ، آمريڪي صدر ’ووڊورو ولسن‘ ۽ دنيا جا ٻيا انسان دوست دانشور شامل آهن. هن حلقي جي خيال مطابق ،موجوده دور جو سياسي ۽ سماجي سرشتو نقصن سان ڀرپورآهي. ان ڪري جيڪڏهن دنيا ۾ امن سلامتي ڀائيچاري ۽ ماحولياتي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي ته پوءِ عالمي ٻڌي ۽ رٿابندي لازمي آهي هنن ٻنهي روين جي وچ تي ٻيا به ڪيترا ئي ننڍا وڏا ۽ نظريا آهن، جيڪي بين الاقوامي اخلاقيات بابت وضاحتون ڏين ٿا. جديد دور جا نظرياتي رويا دان مٿين ٻنهي نظرين جي انتها پسنديءَ کي رد ڪندي وچ واري واٽ وٺڻ جي حمايت ڪن ٿا. انهيءَ خيال جي وڪالت ڪندڙن موجب عالمي لاڳاپن ۾ مُلڪي سرحدن کان مٿانهين سطح جون ذميواريون ۽ حق بيشڪ موجود آهن ۽ انهن جو احترام به ضروري آهي، پر انهن حقن جي ساڀيا مروج سياسي نظام جي محتاج آهي. موجوده سياسي نظام ۾ اڃا تائين اهڙيون حالتون پيدا نه ٿي سگهيون آهن جو ذميواريون ۽ حقن جي تحفظ کي عملي طور ممڪن بنائي سگهجي. بيشڪ غربت، بک ، وسيلن جي کوٽ ۽ فطري الميا دنيا جا انتهائي اهم ۽ وڏا مسئلا آهن ، پر انهن جو حل گهر ٻاري ڏياري ڪرڻ، يعني پنهنجي رياستي مُفادن کي نظر انداز ڪرڻ سان ممڪن نه آهي. دنيا ۾ ايثار ۽ قربانيءَ جي ضرورت آهي پر رياستي سرحدن جي سياسي اهميت، روايتي اخلاقي قدرن ۽ دوائن کان وڌيڪ اهم آهي، تنهنڪري ان کي نظرانداز ڪرڻ نهايت مشڪل آهي.[1]

حوالا[سنواريو]