بينڀيو
ڏيک
بِينڀِيو(انگريزي: Beenbhiyo) اَڪَ يا کٻڙ جي ڪلاٺيءَ کي چِپٿري گهڙي فوٽ کن ڊگهي ۽ انچ سوا کن ويڪري تيار ڪري، اُن جي هڪ ڇيڙي ۾ ٽُنگ ڪندا آهن. ڏيڍ فوٽ کن سنهي رسي وٽي تيار ڪير ان جو هڪ ڇيڙو ٽنگ ۾ وجهي ٻڌي قابو ڪندا آهن ۽ ٻيو ڇيڙو هٿ ۾ جهلي، پنهنجي چوڌاري زور سان گول دائري ۾ ڦيرائيندا آهن، تن ان مان ڀُونءَ، ڀُونءَ ڀُونَ سان زوردار آواز ٿيندو آهي، جو ٻُڌي جانور ۽ پکي ڀڄي ويندا آهن. اُن کي ”بيسنڀيو“ چون. ننڍا ٻار ته اڪثر بينڀيا ٺاهي راند روند به پيا ڪندا آهن[1].
حوالا
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون) -مصنف؛ رائچند هريجن -ايڊيشن؛ ٽيون- سال؛ 2005ع -ڇپائيندڙ؛ سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو