بيلي لليٿا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بيلي لليٿا انگريزي ٻولي: Belli Lalitha(اپريل 1974-مئي 26 1999) ھندستان جي ھڪ لوڪ ڳائڻي ۽ تلگانا ڪالا سمريٿي جي باني ھئي.[1] مئي 26، 1999 تي نالگوندا ضلعو، ڀونگير ۾ ھي وفات ڪري وئي.[2] اهو پڻ سمجهيو ويندو هيو تہ هيءَ هندستان جي ڪميونسٽ پارٽي (مارڪسسٽ ۽ ليننسٽ) جي همدرد آهي،[3] جيڪو پيپل وار اسڪواڊ آهي جيڪو هاڻي سي پي آءِ (مائوئسٽ) جي نالو سان سڏيو ويندو آهي.[3] وڏي سازش تحت، هن کي سڀ کان وڌيڪ خوفناڪ انداز ۾ قتل ڪيو ويو هو، جتي هن جي لاش کي 26 مئي، 1999 تي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويو.[3]

زندگي[سنواريو]

ھي ننچارپيت، اتماڪور منڊلي نالگوندا ضلعو، تيلگو ڳالھائيندڙ ڪوروما ھندو ڪُٽنب ۾ 1971 ۾ پيدا ٿي ھئي. ھن کي پنج ڀينر ۽ ھڪ ڀاءُ ھيو جنھن جو نالو بيلي ڪرشنا ھڪ سماجي ڪارڪن ۽ سرڪاري ملازم ھيو. ھيءَ شھري آزادين جي تحريڪ ۾ سرگرم ھئي ۽ 1990 جي آخر ۾ تلنگانا علائقي کي رياست جو درجو ڏيارڻ لاءِ ھڪ سرگرم رڪن ھئي.[4] ھيءَ تلنگانا علائقي کي رياست بڻائڻ لاءِ جاکوڙ ڪري رھي ھئي ۽ ٻھراڙيءَ جي علائقن ۾ ڏاڍي مشھور ھئي. سندس پيءُ ھڪ مزدور ۽ اوگو ڪاٿا راڳي ھيو. سندس موت کان اڳ سماجوادي پارٽي پاران ڀونگير چُونڊ حلقي منجھان کيس 1999 جي چُونڊن لاءِ سيٽ جي آڇ ٿي ھئي.

ڪم ۽ سرگرمي[سنواريو]

بيلي لليٿا ڀوونگير جي سوريا وانشي ڪاٽن مل ۾ مزدور جي حيثيت سان ڪم ڪيو هيو. ڪاٽن جي چڪي ۾ مزدور جي حيثيت سان ملازمت جي دوران، هن مل ۾ پنهنجي ساٿي مزدورن ۽ ڪارڪن کي منظم ڪيو.[3]

موت[سنواريو]

1999 ۾، ھن تي حملو ڪري سندس اپھارڻ (اغوا) ڪيو ويو ۽ ڪُھاڙي سان سندس جسم جا 17 ٽڪرا ڪيا ويا.[5] حملو ڪندڙن ھن کي مارڻ کانپوءِ سندس جسم جا الڳ ڪيل ٽڪرا ڇوٿوپوال پوليس اسٽيشن ٻاھريان اڇلايا ويا ھيا. شروعات ۾، ان دؤر ۾ ٽي ڊي پي ھوم منسٽر اليمنيتي ماڌئو ريڊي تي ھن جي موت جو الزام لڳو ھيو پر پوءِ ھو، پر پوءِ وڌيڪ ثابتين مقامي نيڪسئليسٽ گاڊفادر ۽ ڪنگپِن محمد نعيم الدين ڏانھن اشارو ڪيو جنھن کانپوءِ ريڊي کي ان الزام منجھان آجو ڪيو ويو.[6][7][8] بيلي جا ٽي ڀائر پڻ ماريا ويا ھيا، باقي بچيل ھڪ ڀاءُ ڪرشنا 2000 کان 2017 تائين پاڻ لڪائيندو رھيو.[9]

حوالا[سنواريو]