بيرنگ بادشاهه
سيد محمد اسماعيل المعروف ”بيرنگ بادشاهه“ ولد سيد غلام شاهه سن 1901ع ۾ ڳوٺ آرائين لڳ مدئجي، ضلعي شڪارپور ۾ ڄائو.
پڙهائي
[سنواريو]”بيرنگ بادشاھ“ (Bairing Baadshaah) سنڌي تعليم پنهنجي ڳوٺ واري اسڪول ۾ ورتي. عربي ۽ فارسي ڳوٺ جندو ديري ۽ عرضي ڀٽي جي ديني مدرسن ۾ پڙهيو. روحاني فيض سائين سدمان شاهه (تارڪ) رضوي، درگاهه ڦلپوٽه لڳ ماهوٽا کان حاصل ڪيائين. جنهن کيس ”بيرنگ“ جو خطاب بخشيو. زندگيءَ جو ڪافي عرصو اتي رياضت ۽ مرشد جي خدمت ۾ گذاريائين.
شاعري
[سنواريو]”بيرنگ بادشاهه“ صوفياڻو ڪلام چيو آهي، هن پنهنجي شاعريءَ ۾ بيرنگ لقب سان گڏ ”راز“ ۽ ”ڪٿي ڪٿي ”اسماعيل“ به استعمال ڪيو آهي. سندس ڪلام جو ڳٽڪو قلمي صورت ۾ موجود آهي. جيڪو سندس ئي هٿن جو لکيل آهي. سندس اکر ڏاڍا سهڻا هوندا هئا. سندس اهو قول مشهور آهي ته ”موت جي ياد قلب جو زنده رهڻ آهي“.
راڳ
[سنواريو]بيرنگ بادشاهه راڳ جو شوقين هوندو هو. سڄي رات جاڳي جاڳي ويراڳ ۾ گذاريندو هو. نيم ڪلاسيڪي موسيقيءَ جو ماهر هو. يڪتارو ۽ طبلو وڄائڻ جي سٺي ڄاڻ رکندو هو. ڪيڙا گيڙو رتا ۽ مٿي تي تاج وانگر ڊگھو ٽوپ پائيندو هو. هٿ ۾ بيراڳڻ يا ڪندري کڻندو هو. جنهن ۾ ڳاڙهو علم ٻڌل هوندو هو. هن ڪڏهن به ڪو مريد نه ڪيو. پر پوءِ به سندس طالبن جو وڏو انگَ هو. پاڻ 11 نومبر 1944ع تي لاڏاڻو ڪري ويو. سندس آخري آرامگاهه ڳوٺ آرائين تعلقي ڳڙهي ياسين ۾ آهي.
نموني طور سندس هڪ بيت هيٺ ڏجي ٿو:
ڪڍ بندياڻي بند مان ته ماڳ وڃان موٽي،
وڃـي ويـــڙهـن وچ ۾ ڳــنڌيـان چـوٽـي،
نيت نه رک کوٽي ڪڍ بندياڻي بند مان.
حوالا
[سنواريو]- ↑ سنڌي آنلائين ڊڪشنري پاران سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد