بوني ٽوپ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
بوني ٽوپي جنھن ۾ ڪيموفلاج ڇاپيل آھن
ٻہ آمريڪي فوج جا جوان 2001 ۾ بوني ٽوپ سان ڏيکاريل


بوني ٽوپ(انگريزي: boonie hat) جيڪا گگل ٽوپ(انگريزي: giggle hat ) بہ سڏبي آھي ھڪ وڏي ٽوپي جو قسم آھي جنھن جي گولائيءَ جو ڪني ڪشادي ھوندي آھي ۽ عام طور تي فوجن ۾ استعمال ٿيندي آھي. ھن ثوپي جو نمونو بڪيٽ ٽوپ وانگر ٿئي ٿو پر ھن جي گولائي جو ڪنارو پڪو ھوندو آھي. اڪثر ڪري ڪپڙي جي پٽي ٽوپ جي مٿي ۾ ٻيڻي ٽيڻي ڪري سبي ان سان ڳنڍي ويندي آهي. ان جي پرنٽ ۾ ساوڪ جو ڪيموفلاج ڇپيل ھوندو آھي ۽ گول پٽي ٽوپ کي مضبوطي ڏيندي آهي. ٽوپ ۾ سنھا سوراخ پڻ ھوندا اٿس تہ جيئن اندر ھوا جو گذر ٿئيس. 1994 ۾ آمريڪي فوج جي جنگ واري وردي ۾ ھن ٽوپ کي شامل ڪيو ويو.

حوالا[سنواريو]