نڪ جا زيور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(بولو کان چوريل)

نڪ جا زيور ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا جيڪي اڪثر عورتن توڙي ڪجهہ مرد نڪ ۾ پھرين ٿا. اڪثر لاءِ نڪ ۾ سوراخ ڪرڻ لازمي ھوندو آھي جڏھن تہ ڪجهہ بغير سوراخ جي بہ پائي سگهبا آھن. ھيٺ ڪجهہ قسم ڏنا ويا آھن.

بولو يا ڏاندڙو ھڪ نڪ جو زيور. ٻيءَ _ ٽيءَ تاريخ جي چنڊ جهڙيءَ شڪل جو ٽڪر آهي، جيڪو نڪ جي وچينءَ ڀت ۾ پاتو ويندو آهي، اهڙيءَ طرح، جو اهو هميشه چپ جي مٿان لٽڪيو بيٺو هوندو آهي. هن جا قسم چٽائون، لالائون ۽ بينسري آهن.
چٽائون: سون جو اڌ گول ٽڪر، جنهن ۾ سون جي ڪنگريءَ سان چٽسالي ۽ هيٺان ننڍڙي مڇلي ٿئي.
لالائون: هي صرف گول سوني تار ٿئي، جنهن ۾ پاسن کان ننڍڙيون مڇليون ۽ وچ ۾ لعل ٿئي.
بينسري: بولي جو هي قسم چٽائون جهڙو ٿئي ٿو. فرق صرف اهو آهي جو هن ۾ وچئين حصي تي سوني جاري پوتل هوندي آهي[1]زالون نٿ کان سواءِ نڪ ۾ بولو يا ڏاندڙو به پائينديون آهن، رواج اهو آهي ته ڏانڊڙو ڪنواريون ڇوڪريون پائينديون آهن. بولو نڪ جي ٻنهي چونٽين جي وچ واري بنيي ٽوپائي ان ۾ پائينديون آهن. بولي کي مڪراني زالون پولو چون. مڪراني زالن ۾ فيروزي وڏي ٽڪ سان بولي پائڻ جو رواج عام آهي. لاڙ ڏي ڇوڪريون چانديءَ جا بولا نڪن ۾ جهانءِ سان بولا به پائينديون آهن. ڪي وري بولي جي بدران چانديءَ جي ڇلڙي يا والو پائي نڪ ٻٽيو ڇڏين. چون خيرين سلهين ڀائن جي ڀيڻ ٻٽي نڪ سان ڪيئن هلي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. {رسالو: سرتيون؛ مضمون : سنڌي زيور؛از: زيڊ اي شيخ ؛ جون 1995؛ پبلشر:سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو}
  2. {ڪتاب: سنڌ جي مدنيت؛ از:سيد منظور نقوي ؛ ٻيون ايڊيشن 1978، پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو [http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 3.html http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book22/Book_page 3.html] Check |url= value (مدد).  line feed character in |url= at position 67 (مدد); Missing or empty |title= (مدد)}