بورجوازي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بورجوازي __ بورژوازي __(Bourgeoisie):(/ˌbʊərʒwɑːˈz/; فرينچ: [buʁʒwazi]) مارڪسي نظريي موجب اهو طبقو جيڪو پيداواري ذريعن تي قابض هجڻ جي ڪري يا سرمائيدارانه نظام جي قاعدن موجب، محنت ڪش طبقي جو استحصال ڪري. مطلب ته بوزروائي اهو طبقو آهي، جيڪو سرمائيدار طبقي جي پٺڀرائي ڪندو آهي. [1].

نالو ۽ معني[سنواريو]

اھو فرينچ ٻوليءَ جو گھڻ معنائون لفظ آهي.جديد فرانسيسي لفظ بورژوا (bourgeois) پراڻي فرينچ لفظ بورجواژ burgeis مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي مارڪيٽ ٽائون. اھو لفظ وري پراڻي فرينڪش ٻوليءَ جي لفظ بورجوا مان نڪتل آهي جنھن جي معني آهي شھر.[2] اصطلاحن بورژوازی جي معني آهي شھر جو رھاڪو.انگريزيء ۾ بورجوازي يا بورژوازي جي معنيَ آهي سرمائيداراڻو حاڪم طبقو جيڪو سماج اندر انتھائي سياسي ۽ معاشي مفاد رکندڙ آهي.[3] فرينچ انقلاب (1789 کان 1799) ۾ شھري ۽ ٻھراڙيءَ جي سڃاڻپ لاء مذڪر ۽ مونث وارا ٻہ لفظ مروج ٿيا جن تحت ٻھراڙيءَ جي اميرن ۽ عورتن لاء لفظ فيوڊل آرڊر ۽ شھر جي اميرن ۽ عورتن لاء لفظ بورژوازي سڏجڻ لڳو. ان انقلاب ۾ عام ماڻھن بوربن خاندان جي بادشاھ لوئيس سورھين کي ان جي اميرن سميت ھٽائي ڇڏيو.ان سبب ڪري اڻويھين صديءَ ۾ لفظ بورژوازي عام طور تي سرمائيداراڻي سماج جي مٿئين حاڪم طبقي جو سياسي ۽ معاشرتي نعمل بدل بڻجي ويو.[4] تاريخي طور تي فرانس جي وچين دؤر ۾ لفظ بورجوا ڪوٽن وارن تجارتي شھرن ۾ ھنرمندن ، ڪاريگرن، واپارين ۽ ٻين کي چيو ويندو هو جن بورجوازي يا بورژوازي ٺاھي اتان جو زميندارن ۽ ھارين جي وچ ۾ ، ۽ مزدورن ۽ پيداواري ذريعن جي مالڪن جي وچ ۾ سوشيو ايڪانامڪ طبقو بڻجي ڪردار ادا ڪرڻ لڳو اھڙي طرح بورژوازي ھڪ وچولو طبقو نروار ٿيو.ان ۾ بزنس ڪندڙ ماڻھو جن جو سرمايي تي اختيار ھيو شھرن جي اندر بورژوازي جي ظھور کي ممڪن بڻايو.[5]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. The Oxford Dictionary of English Etymology C. T. Onions, Editor (1995) p. 110.
  3. Oxford English Reference Dictionary Second Edition (1996) p. 196.
  4. Dictionary of Historical Terms, Chris Cook, Editor (1983), p. 267.
  5. "Bourgeoisie", The Columbia Encyclopedia, Fifth Edition. (1994) p. 0000.