بلو بڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Chicago Construction Blue Book from 2003


بلو بڪ __(Blue-Book):


بلو پاٺي وارو ڪتاب، جنهن جي معنيٰ آهي ’سرڪاري رپورٽ‘، اقتصادي قاعدن جو ڪتاب. هي سرڪاري رپورٽ تي مشتمل ڪتاب، انگريز دور ۾ ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر رکندا هئا، جنهن ۾ علائقي جون مخفي داخلائون (مخالفن ۽ همدردن جون) رکيون وينديون هيون. ٻي معنيٰ موجب خوف ۽ هراس وارين ڪهاڻين جو ڪتاب، جنهن جو علامتي طور تي بلو رنگ وارو جلد (ٽائيٽل) ٺاهيو ويندو آهي. [1].ھڪ شمارياتي ڪتاب جو نالو جنھن ۾ تفصيل يا مخصوص انگ اکر درج ڪيا ويندا آھن.ان لفظ جو ذڪر پندرھين صدي عيسويءَ تائين ملي ٿو جڏھن يونائٽيڊ ڪنگڊم جي پارليامينٽ ۾ جو رڪارڊ ھڪ واڱڻائي رنگ جي ڪتاب۾ درج ڪيو ويندو ھيو.[2] آڪسفورڊ يونيورسٽي ڊڪشنري بلو بڪ جو پھريون دفعو رڪارڊ تي اچڻ 1633 ۾ ظاھر ڪيو آھي.[3] ان فقري جون ٻيون بہ جوڙ معنائون آهن. عمارتن ۽ تعميرات جو بلو بڪ 1913 ۾شروع ڪيو ويو جيڪو خريدارن جي گائيڊ آھي ء ييلو پيجز وانگر ان ۾ ڪمپنين ۽ ڪمرشل تعميرات بابت ڄاڻ ھوندي آھي.[4]

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي
  2. Preface, Tennessee Blue Book, 2007-2008 edition, page vii.
  3. "blue book". آڪسفورڊ انگلش ڊڪشنري. آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس.  Unknown parameter |url-access= ignored (مدد) (Subscription or participating institution membership required.)
  4. "The Blue Book Network of Commercial Construction".