بعث پارٽي
عرب سوشلسٽ بعث پارٽي حزب البعث العربي الاشتراكي | |
---|---|
عرب بعث پارٽي جو جھنڊو | |
سيڪريٽري جنرل | مشيل عفلق (1954–65) منيف الرزاز (1965–66) |
باني | مشيل عفلق صلاح الدين البيطار |
بنياد | 7 اپريل 1947 |
خاتمو | 23 فيبروري 1966 |
انضمام | عرب بعث عرب بعث موومينٽ عرب سوشلسٽ موومينٽ |
جانشين | بعث پارٽي (عراق واري شاخ) بعث پارٽي (شام واري شاخ) |
اخبار | البعث |
نظريو | بعث ازم |
رنگ | ڪارو, ڳاڙهو , اڇو ۽ سائو (عربن وارا رنگ) |
نعرو | عربي ٻولي: "وحدة، حرية، اشتراكية" (" اتحاد، آزادي ، اشتراڪيت") |
بعث پارٽي (انگريزي: Ba'th Party ) جنھن جو عربي ۾ مڪمل نالو حزب البعث العربي الاشتراڪي (انگريزي: Arab Socialist Ba'th Party ) آھي. اھا شام جي ھڪ سياسي جماعت آهي جنھن جو بنياد مشيل عفلق، صلاح الدين البيطار ۽ ذڪي الارسوزي جي ساٿين رکيو. لفظ بعث يا بعث ازم جو مطلب جاڳرتا يا قيام آهي ۽ اھو ھڪ نظريو آهي جيڪو عرب قومپرستي، عرب سوشلزم ۽ سامراج مخالف مفادن جي گڏجڻ سان ٺھيو. ان نظريو عرب دنيا جي ھڪ رياست ۾ جي قيام جي حق ۾ آھي. ان جو عمل جا اصول اتحاد، آزادي ۽ سوشلزم اصل ۾ عرب اتحاد غير عرب قبضي مان عرب علائقي جي آزادي جي عڪاسي ڪن ٿا.
پارٽي جو قيام
[سنواريو]شام جي ٻن اسڪولي ماسترن جن 1920 واري ڏھاڪي ۾ پيرس ۾ تعليم حاصل ڪئي ھن پارٽي جو بنياد وڌو. انھن مان ھڪڙو مشيل عفلاق (1910 -1989) نالي سان يوناني آرٿوڊڪس عيسائي ھيو ۽ ٻيو صلاح الدين البيطار (1912-1980) سني اسلام جو مڃيندڙ ھيو[1]. انھن ھن پارٽي جي ذريعي ھڪ اھڙي جديد انقلابي تحريڪ جو تصور ڏنو جنھن جو مقصد عرب اتحاد ذريعي ڌرتيءَ کي فرانس ۽ برطانيا جي تسلط مان آزادي حاصل ڪرڻ ھيو[1] ان پارٽي جو قيام 7 اپريل 1947 ۾ مشيل عفلق ۽ البيطار جي پارٽي عرب بعث موومينٽ ۽ الرسوزي جي پارٽي عرب بعث جي انضمام سان عمل ۾ آيو ۽ ان جو نالو عرب بعث پارٽي رکيو ويو ۽ جلد ئي ان پارٽي شام کان ٻاھر ٻين عرب ملڪن ۾ شاخون قائم ڪيون پر صرف شام ۽ عراق ۾ زور وٺي سگھي.
اقتدار
[سنواريو]1952 ۾ اڪرم الحوراني جي عرب سوشلسٽ موومينٽ ان ۾ ضم ٿي وئي ۽ پوء ان جو نالو عرب سوشلسٽ بعث پارٽي رکيو ويو ۽ 1954 جي عام چونڊن ۾ اھا شام جي پارليامينٽ ۾ ٻين وڏي جماعت بڻجي وئي. ان پارٽي جي عراق واري شاخ عرب سوشلسٽ بعث پارٽي، عراق پڻ زور وٺي وئي. 1963 ۾ ٻنھي ملڪن ۾ فوجي انقلابن ذريعي اقتدار ۾ اچي ويون.شام ۾ اڃان تائين اھا جماعت اقتدار ۾ آھي ۽ عراق ۾ 1963 ۾ ٿورو وقت اقتدار ۾ رھي پر 1968 ۾ ٻيھر اقتدار ۾ آئي ۽ 2003 ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادين جي فوجن جي عراق ۾ داخل ٿيڻ تائين حڪومت ۾ رھي.