برھمين برھمڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سنڌ جو راجا
پيشرو راجا ڪويا ھورت
جانشين راجا سناگھ
گهراڻو برھمڻ
مذھب ھندو مت

برھمين برھمڻ:(انگريزي: Brihmen Brahman ) سنڌ جو ھڪ راجا جيڪو سنڌ تي ڀارت جي پانڊون گھراڻي جي حاڪم راجا ڪويا ھورت جي قتل ٿيڻ بعد پانڊون گھراڻي جي راڄ جي خاتمي سان حاڪم ٿيو. پانڊون حاڪم سندس پيءُ جو قتل ڪرايو ھو جنھن ڪري ھن بغاوت شروع ڪئي ھئي. راجا بڻجڻ بعد ھن پانڊون گھراڻي جي ماڻھن جو وڏو قتل عام ڪرايو جنھن جي ندامت تي پنھنجي مرشد ڪسياپا برھمڻ جي صلاح تي راڄ تان دستبردار ٿي ويو جنھن بعد سندس خدمتگار سناگھ سندس جاء تي سنڌ جو راجا ٿيو. برھمين باقي زندگي دنيا کي ترڪ ڪري پنھنجي آشرم ۾ گذاري. [1].

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي