مواد ڏانھن هلو

برڪڻ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برڪَڻِ اونهاري ۾ اتر اولھ ڪنڊ کان لڳندڙ هوا، جيڪا تيز لڳندي تہ ٻيڙياتن ۽ ملاحن لاءِ نقصانڪار ٿيندي آهي ۽ انهيءَ هوا ۾ سنگن ۾ بيٺل اَنُ پڻ مري ويندو آهي. عام طرح سنڌ ۾ هوا ٻن رُخن کان لڳندي آهي. سنڌ جي ڏاکڻي حصي يا لاڙ ۾، اونهاري ۾ ڏکڻ الهندي ڪنڊ کان، سانوڻيءَ ۾ اوڀر کان (جيڪا مينهن آڻي) ۽ اُتر کان جهڪ ۽ مينهن آڻي، جنهن کي ’ٻڪروال‘ چوندا آهن. سياري جي مند ۾ سر اُتر ۽ اتر اولھ ڪنڊ کان جيڪا سخت سيءُ آڻيندي آهي ۽ سَر اُتر واري هوا مِينهن آڻيندي آهي.[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. "[[انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا]] (جي ويب-سرزمين)". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو. 28-02-2012. 17-10-2017 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: Check date values in: |accessdate= and |date= (مدد); URL–wikilink conflict (مدد)