برڪت بلوچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

شاعر ۽ نثرنگار برڪت بلوچ، 1953ع ڌاري خيرپور ضلعي جي ڳوٺ ”جاني ٻرڙي“ (تعلقو ڪوٽڏجي) ۾ ڄائو. ادبي دنيا ۾ پاڻ کي شاعر ۽ نثرنگار جي حيثيت ۾ متعارف ڪرايائين. سندس اڻ ڇپيل تصنيفن ۾ ”شيشي جو گهر“ (شاعري)، ۽ ”ادبي اصلاحات جي لغت“ (نثر) شامل آهن. هن وقت شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سنڌي شعبي ۾ استاد آهي.[1]

حوالا[سنواريو]