بروڪس ڪات ٻولي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بروڪس ڪات (Broks kat) هيءَ ٻولي بروڪ پا-دا هنو (Dah-Hinu)، بي بروڪ پا-ڊوڪس ڪات، ڪيانگو (Kyango) جي نالن سان به سڃاتي وڃي ٿي.[1]

حدون[سنواريو]

هي ٻولي ڄمون ڪشمير، سنڌونديءَ جي ٻنهي ڪنارن سان، لداخ ۽ ڪارگل ضلعن ۾ اتريون ڪشمير، گورکن ڳوٺ جي چوڌاري دارچڪ، چولي چان، گرگردو، باتالڪ، راهه ۽ اڳئين هنو جي علائقن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي. هي ٻولي هند-پور پيائي، هند-ايراني، هند-آريائي، اتر اولھ داردي ٻولين جي خاندان مان آهي. هيءَ ٻولي بالتي لپيءَ ۾ لکي وڃي ٿي.[1]

بروڪ پا نالي قبيلو آهي، جيڪو شنا وانگر ٻولي ڳالهائي ٿو. ان قبيلي جو ٻيو نالو منارو (Manaro) آهي، بروڪس ڪات سندن ٻولي آهي. هي سالن کان هتي رهن پيا. هتان جا اصلوڪا رهاڪو آهن. مذهبي طور ڪي ٻڌ آهن ته ڪي مسلمان.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 بروڪس ڪات انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا (جي ويب-سرزمين) جلد پھريون، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. سال:2012ع