بروو سنڌي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

بروو سنڌي (سُر) راڳ وديا موجب ”بروو“ هڪ راڳڻيءَ جو نالو آهي. راڳداريءَ جي ڪتابن ۾ هي سر شامل آهي، پر بروو سنڌي جدا راڳ آهي ۽ رات جي وقت ڳائجي ٿو. هي ڪافي ٺاٺ مان اصل ڪلاسيڪي راڳ نڪتل آهي. سنڌ ۾ ان کي ٿوري ڦير گهير سان ڳاتو وڃي ٿو. لطيف سائينءَ جو هڪ سُر هن راڳڻيءَ جي نالي سان رسالي ۾ موجود آهي. هي اوڍو سمپورن راڳڻي آهي. جنھن کي شاھ لطيف نج سنڌي رنگ ڏنو آهي. هن سر ۾ مجازي عشق جو گهڻو وستار آهي، البتہ ان ۾ حقيقي محبوب جو بہ ذڪر آيل آهي.[1].

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.