برمودا ٽڪنڊو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برموڊا ٽِڪنڊو (انگريزي ٻولي: Bermuda Triangle) جنھن کي ”شيطان جو ٽِڪنڊو“ ۽ ”وڃايَلن جو پاتال“ (Limb of the Lost) بہ چوندا آهن.[1]

سمنڊ جي ھن پر اسرار ٽڪنڊي جو پھرين ”ميامي ٽڪنڊو“ نالو رکيو ويو، جنھن تي آمريڪا ڏاڍي ڪاوڙ ڪئي تہ ان سان سندس خوبصورت بندرگاھ ”ميامي“ ڊپ جي علامت بڻجي ويندو ۽ دنيا جا سياح ميامي اچڻ ڇڏي ڏيندا، ان کانپوءِ ان ٽڪنڊي کي ” پورٽوريڪو ٽڪنڊو “ سڏڻ جو فيصلو ٿيو، پر انھن بہ گوڙ ڪيو، پوءِ ”برمودا ٽڪنڊو“ رکيو ويو. 20 کن چورس ميلن جيترو آهي. [2]

مشھوري[سنواريو]

ھي آمريڪا جي ڏکڻ اوڀر طرف ائٽلانٽڪ سمنڊ جي ايراضيءَ ۾ آهي ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ ڪيئي پاڻيءَ جا جهاز، هوائي جهاز ۽ ٻيڙيون پراسرار حالتن ۾ گم ٿي ويون آهن. هن ايراضيءَ ۾ اهڙي گمشدگين دنيا جو ڌيان ڇڪايو آهي، ڇاڪاڻ تہ گم ٿيل جهاز وغيره ايترا تہ گھڻا آهن، جو عام طرح ايتريءَ ننڍي ايراضيءَ ۾ انھن جو گم ٿيڻ اَڻٿيڻ جوڳو (ناممڪن) ٿو لڳي. ان کان سواءِ انھن واقعن وقت آبهوا بہ بهتر چئي وئي آهي ۽ ان وقت ڪن بہ ڏکيائين جا اطلاع نہ مليا آهن. مڪمل ڳولھا جي باوجود، ڪوبہ باقي بچيل ماڻهو، ٻُڏل جهازن جي رَهت سهت، لاش ۽ گم ٿيل جهازن مان وهيل تيل جو ڪو نشان پتو نہ مليو آهي. ڪن حالتن ۾ تہ ٻيڙيون نھايت چڱي حال ۾ هيون ۽ رڳو انھن جا ملاح گم هئا. ڪن ٻيڙين ۾ تہ ميزن تي تازو کاڌو رکيل هو، جانورن کي ڪو نقصان نہ پهتو هو، پر ماڻهو گم هئا. هتي ايترا جهاز بلڪل گم ٿي ويا آهن ۽ انھن جي ڳولھا ۾ ويندڙ هوائي جهاز بہ غائب ٿي ويا آهن، جو ان ڳالھ جي منطقي سمجھاڻي اڻٿيڻي ٿي لڳي. طوفان، هوا جي حالت، ميڪانڪي مسئلن ۽ انساني غلطيءَ ذريعي اِهي گمشدگيون سمجھائڻ محال ٿيون لڳن. هنن عجيب وارتائن جا پراسرار سبب ڄاڻايا وڃن ٿا.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 "برمودا ٽڪنڊو". انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا. سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد. حاصل ڪيل 1 جنوري 2018ع.  Check date values in: |access-date= (مدد)
  2. ڪتاب: بنارس کان برمودا، صفحو: 310، ليکڪ: الطاف شيخ