برفاني دور

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برفاني دؤر (انگريزي ٻولي: ice age)، موجوده وقت جي سائنسدانن ۽ ارضيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار برفاني دؤر اچي چڪا آهن. هر دؤر سراسري طور اڍائي لک سال هليو، جنهن ۾ هڪ لک سال تمام ٿڌي ۽ هڪ لک سال معتدل موسم هوندي هئي. انهن دؤرن ۾ ڌرتيءَ تي ڪئين ميل ٿلها برف جا تهه چڙهي ويندا هئا. سائنسدان پهرين برفاني دؤر واري زماني کي 10 لک سال اڳ ڪري ٿا ڄاڻائين. برفاني دؤر جو آخري واقعو اڄ کان 11 هزار سال اڳ ٿي گذريل ٻڌايو وڃي ٿو.ان کان پوءِ گرم وقفي وارو دؤر هلي رهيو آهي، پر ماهرن جو خيال آهي ته هڪ وڌيڪ برفاني دؤر اچڻو آهي.[1]

تاريخ[سنواريو]

ارتقا جي ماهرن انهيءَ زماني کي پليسٽوسين زمانو “Pleistocene Epoch” يعني انسان جو زمانو ڪري سڏيو آهي. انهيءَ زماني ۾ ڌرتيءَ تي تمام گهڻي برف باري ٿي هئي. ايتري قدر جو ڌرتيءَ جا چار حصا برف سان ڍڪجي ويندا هئا. ارتقا جا ماهرن پڻ سائنسدانن ۽ ارضيات جي ماهرن سان اتفاق ڪندي، قبول ٿا ڪن ته برف جي انهن دؤرن وچ ۾ گرم وقفا به ايندا رهندا هئا. جنهن ڪري برف رجي ويندي هئي. آبهوا ۾ فرق اچي ويندو هو ۽ اها قابل برداشت ٿي ويندي هئي. اهڙن برفاني دؤرن ۾ حيواناتي ۽ نباتاتي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿيندي هئي. حيواناتي زندگيءَ ۾ اٿل پٿل ۽ لڏ پلاڻ شروع ٿي ويندي هئي. ان کان سواءِ ڪيترائي اوائلي ٿڻائتا جانور Mammals مري ويا.[1]

آثار[سنواريو]

برفاني دؤر جا ڪجهه آثار اتر آمريڪا، اتر يورپ، آئرلينڊ ۽ سئٽزرلينڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ به نظر آيا آهن. آمريڪا جي جبلن جي ساخت ۽ ٻين نشانين مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ اهو علائقو برف جي تمام ٿلهن ٿهن سان ڍڪيل هوندو هو.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 1.2 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سال:2012ع

خارجي ڳنڍڻا[سنواريو]

سانچو:Ice ages سانچو:Greenhouse and Icehouse Earth سانچو:Continental Glaciations