برفاني دور

برفاني دؤر (انگريزي ٻولي: ice age)، موجوده وقت جي سائنسدانن ۽ ارضيات جي ماهرن جو چوڻ آهي ته دنيا ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار برفاني دؤر اچي چڪا آهن. هر دؤر سراسري طور اڍائي لک سال هليو، جنهن ۾ هڪ لک سال تمام ٿڌي ۽ هڪ لک سال معتدل موسم هوندي هئي. انهن دؤرن ۾ ڌرتيءَ تي ڪئين ميل ٿلها برف جا تهه چڙهي ويندا هئا. سائنسدان پهرين برفاني دؤر واري زماني کي 10 لک سال اڳ ڪري ٿا ڄاڻائين. برفاني دؤر جو آخري واقعو اڄ کان 11 هزار سال اڳ ٿي گذريل ٻڌايو وڃي ٿو.ان کان پوءِ گرم وقفي وارو دؤر هلي رهيو آهي، پر ماهرن جو خيال آهي ته هڪ وڌيڪ برفاني دؤر اچڻو آهي.[1]
تاريخ
[سنواريو]ارتقا جي ماهرن انهيءَ زماني کي پليسٽوسين زمانو “Pleistocene Epoch” يعني انسان جو زمانو ڪري سڏيو آهي. انهيءَ زماني ۾ ڌرتيءَ تي تمام گهڻي برف باري ٿي هئي. ايتري قدر جو ڌرتيءَ جا چار حصا برف سان ڍڪجي ويندا هئا. ارتقا جا ماهرن پڻ سائنسدانن ۽ ارضيات جي ماهرن سان اتفاق ڪندي، قبول ٿا ڪن ته برف جي انهن دؤرن وچ ۾ گرم وقفا به ايندا رهندا هئا. جنهن ڪري برف رجي ويندي هئي. آبهوا ۾ فرق اچي ويندو هو ۽ اها قابل برداشت ٿي ويندي هئي. اهڙن برفاني دؤرن ۾ حيواناتي ۽ نباتاتي زندگي تمام گهڻي متاثر ٿيندي هئي. حيواناتي زندگيءَ ۾ اٿل پٿل ۽ لڏ پلاڻ شروع ٿي ويندي هئي. ان کان سواءِ ڪيترائي اوائلي ٿڻائتا جانور Mammals مري ويا.[1]
آثار
[سنواريو]برفاني دؤر جا ڪجهه آثار اتر آمريڪا، اتر يورپ، آئرلينڊ ۽ سئٽزرلينڊ ۽ ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ به نظر آيا آهن. آمريڪا جي جبلن جي ساخت ۽ ٻين نشانين مان بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪنهن زماني ۾ اهو علائقو برف جي تمام ٿلهن ٿهن سان ڍڪيل هوندو هو.[1]
حوالا
[سنواريو]- 1 2 3 انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون.[مئل ڳنڍڻو] سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد. سال:2012ع
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]| The Wikibook Historical Geology has a page on the topic of |
| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا Ice age. |
| وڪي_سورس جو متن آهي نئين شاگردن جو حوالو ڪم مضمون about "Ice age". |
- Cracking the Ice Age from PBS
- Montgomery, Keith (2010). "Development of the glacial theory, 1800–1870".
{{cite web}}: Invalid|ref=harv(مدد) Historical Simulation - Raymo, M. (July 2011). "Overview of the Uplift-Weathering Hypothesis".
- Eduard Y. Osipov, Oleg M. Khlystov. Glaciers and meltwater flux to Lake Baikal during the Last Glacial Maximum. آرڪائيو ڪيا ويا 2016-03-12 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Black, R. (9 January 2012). "Carbon emissions 'will defer Ice Age'". BBC News: Science and Environment.
سانچو:برفاني دور سانچو:گرين هائوس ۽ برفاني زمين سانچو:ڪانٽينينٽل گليشيئرز
- Articles containing انگريزي-language text
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from May 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Commons link is locally defined
- Commons category wi local airtin different than on Wikidata
- CS1 errors: invalid parameter value
- Portal templates with redlinked portals
- Portal templates with default image
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- برفاني دور
- گليشيئولوجي
- ڌرتي جا ارضياتي دور
- وڏي ڍنڍن جي ارضياتي تاريخ