برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (ڪتاب)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو، مشهور لسانياتي ماهر، سَر جي. گريئرسن جي عالمي شهرت يافته ڪتاب “Linguistic Survey of India” جي جلد اٺين جي پهرين ڀاڱي جو سنڌي ترجمو، ”برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو“ جي عنوان سان، نامور ليکڪا، ڊاڪٽر فهميده حسين ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب، رايل سائيز جي 700 صفحن تي مشتمل آهي، جنهن کي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ سال 2000ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هن ڪتاب جي قيمت 500 رپيا آهي.

مواد[سنواريو]

سر گريئرسن جي هن ڪتاب ۾ برصغير جي ٻولين جي هند آريائي خاندان، اتر اولهه واري گروهه بابت مواد موجود آهي. هيءُ ڪتاب، سنڌي ٻوليءَ جي بڻ بڻياد، ارتقا توڙي بنيادي سٽاءَ ۽ ساخت يا گرامر بابت هڪ بنيادي ۽ اهم ڪتاب آهي. سنڌي ٻوليءَ جي داردي ٻولين ۽ لهندا سان ناتي قائم ڪرڻ جي ڏس ۾ گريئرسن جو منفرد ۽ جداگانه رايو آهي، جنهن مان ڀيرومل مهرچند آڏواڻيءَ، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌيءَ سميت ڪيترن ئي عالمن، پنهنجن ڪتابن ۾ استفادو ڪيو آهي. هن ڪتاب تي، مشهور لسانياتي ماهر پروفيسر، ڊاڪٽر غلام علي الانا، 28 صفحن جو عالماڻو مهاڳ لکيو آهي. جنهن جي پنهنجيءَ جاءِ تي وڏي علمي حيثيت آهي.[1]

ٻيو ڇاپو[سنواريو]

سنڌي ٻولي اٿارٽي ۽ اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ فار پرزرويشن آف سنڌي ڪلچر اينڊ هيريٽيج آف سنڌ جي گڏيل سهڪار سان سنڌي ٻوليءَ بابت ھن ڪتاب جو2011ع ۾ ٻيو ڇاپو ڇپجي پڌرو ٿيو. هن ڪتاب ۾ موجوده پاڪستان جي ايراضيءَ (سنڌو ماٿري) ۾ ڳالهائجندڙ ٻن وڏين ٻولين ’سنڌي ۽ لهندا‘ بابت تفصيل سان ذڪر ٿيل آهي. 600 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 500 روپيا آهي.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون جو ضميمو سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.