برخيز بده ساقي
“برخيز بده ساقي!“ جو مطلب آهي، اُٿ اي ساقي (Uth ay saaqi)! فارسيءَ جي هن اصطلاح کي شاهه عبدالطيف پڻ پنهنجي شاعري جي سُر يمن ڪلياڻ ۾ ڪتب آندو آهي. جيئن شعر آهي ته،
گُهٽن ۾ گهٽڪن؛ وٽيون پين وِهَ گاڏيون. “برخيز بده ساقي!“
پيار کي پرين؛ پڪين نه پرچن؛مٽ تڪيائون منجهان.
(شاهہ عبداللطيف ڀٽائي)
شعر جي سمجهاڻي[سنواريو]
پياڪن کي گُهٽن ۾ گهٽڪا ۽ گهڪا پيا اچن ،ڇو ته هو ذھر گڏيل پياليون پيا پين، اي ساقي! اُٿُ اٿي دوستن کي پيار، هو سرڪين تي راضي نه ٿا ٿين، هو اندر ئي اندر ۾ مَٽن کي پيا تڪين.[1]