مواد ڏانھن هلو

برج (عمارت)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

برج (Tower) هڪ اوچو ڍانچو آهي جيڪو پنھنجي ويڪر کان تمام گهڻو ڊگهو هوندو آهي. برجن کي ماسٽ (masts) کان سندن جي خاصيت جي ڪري الڳ ڪيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ تہ برج ۾ گائي وائرز (guy-wires) نہ هونديون آهن ۽ اهي وڏين عمارتن وانگر پاڻکي سھارو ڏيندڙ ڍانچا هوندا آهن.

برجن کي عمارتن کان پڻ الڳ سمجهيو ويندو آهي ڇاڪاڻ تہ اهي رهڻ لاءِ نہ پر ٻين مقصدن لاءِ، برجن جي اوچائي کي استعمال ڪندي، ٺاهيا ويندا آهن. مثال طور، گهڙيالي برج (clock tower) جي اوچائي گهڙي کي وڌيڪ نظر ايندڙ بڻائي ٿي، ۽ قلعي جهڙي مضبوط عمارت ۾ برج جي اوچائي حفاظت لاءِ چوڌاري نظر رکڻ لاءِ مددگار ثابت ٿئي ٿي. برج کي مشاهدي (observation)، تفريح، يا ٽيليڪميونيڪيشن مقصدن لاءِ بہ ٺاهيو ويندو آهي.

برج پاڻمرادو بيهي سگهي ٿو، ويجهو عمارتن کان سھارو وٺي سگهي ٿو، يا ڪنھن وڏي عمارت يا ڍانچي جي مٿان خصوصيت طور موجود ٿي سگهي ٿو.