براھماڻي ٻرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

براهماڻي ٻُرا هڪ روايت موجب اصل ۾ برفت قبيلي جي شاخ آهن ۽ آڳاٽي وقت ۾ سنڌ جي بارڻ علائقي مان لس ٻيلي ۾ اچي آباد ٿيا. سندن شجرو مٿي ”آري بدي“ سان هن طرح ملي ٿو. آري بدو پٽ عيسب جو، جنهن کي ٻه پٽ ٿيا، ٻُرو ۽ دودو. دودي کي 5 پٽ ٿيا، جن جو اولاد جدا جدا پاڙن سان سڏجي ٿو. عيسب جي پُٽ، ٻُري جو پٽ موسو، تنهن جو پٽ ٻُرو، جنهن کي 3 پٽ ٿيا: واڳو، پيروز، ڀوئو. واڳوءَ جو اولاد بارڻ ۾ رهي ٿو. ڀوئي جو پٽ مُبو، تنهن کي مير نالي پٽ ٿيو. پيروز جو پٽ سُکيو، تنهن جو پٽ نِندو، نندو ۽ ناڙي، جن جون ماهيون ”کر پڏان“ ۾ آهن، سي براهماڻي ٻُرن جا وڏا آهن. نندي جو پٽ براهم ٿيو، جيڪو 1100ھ/ 1688ع ۾ شاهه بلاول جو خليفو هو ۽ اتي ئي مدفون آهي.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.