برانڊي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ھڪ شراب خوري ۾ وڌل برانڊي

برانڊي ولايتي شراب جو هڪ قسم، جيڪو انگوري شراب يا انگوري سُرڪن جي ڦوڳ کي چڪائي ٺاهيندا آهن. هيءُ تيز ذائقي وارو ۽ تکو شراب ٿيندو آهي، جيڪو گهٽ درجي وارو ليکيو ويندو آهي. فرانس (يورپ) ۾ برانڊي اڇن انگورن مان ٺاهي ويندي آهي. ٻين ميون ۽ شفتالوءَ وغيره مان به برانڊي ٺهندي آهي. چانورن ۽ ڪمند جي شيري جي رس مان به برانڊي تيار ڪئي ويندي آهي. ٽالپرن جي دور ۽ ان کان اڳ، سنڌ ۾ چانورن جي خمير واري رس مان شراب ٺهندو هو، جنهن کي ”برانڊي“ چئي سگهجي ٿو. سنڌ ۾ عام طور سياري ۾ ٿڌ لڳڻ سبب ٿيل کنگهه، زڪام وغيره جي علاج طور به استعمال ڪن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد پھريون. سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.