براس بساح

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

براس بساح (انگريزي ٻولي: Bras Basah) سنگاپور جو پراڻو ۽ مشهور روڊ آهي، جنهن تي هن ٻيٽ کي لڀڻ واري انگريز حاڪم سر اسٽلمئنفورڊ رائفلس جي نالي واري رئفلس هوٽل پڻ آهي. ان جي ڀر سان ئي براس بساح نالي ڪتابن جي ويهه پنجويهه کن دوڪانن جو ڪامپليڪس آهي. براس بساح روڊ 拉士巴沙路 سنگاپور جي ڊائون ٽائون ايريا ۾ اچي ٿو. هي روڊ، آرچرڊ رود ۽ هينڊي روڊ جي جنڪشن کان شروع ٿئي ٿو. هن روڊ تي ميوزيم پڻ آهي. [1] [2]


  1. ڪوالالمپور ڪجهه ڪوهه (الطاف شيخ) | سنڌ سلامت ڪتاب گهر, وقت 2017-09-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2016-07-25 
  2. Bras Basah Road - Wikipedia